شيخ الاسلام قاري محمد مراد سيوهاڻي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏27 مارچ 2011۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    شيخ الاسلام قاري محمد مراد سيوهاڻي
    مفتي ڪليم الله ليغاري _ ڪراچي

    [justify]
    نالو ۽ خاندان: محمد مراد ولد حافظ محمد يعقوب (عرف قاري) ولد محمود (عرف حافظ ممون) ولد حاجي عبدالرحمان شهيد (قاري) ولد عبدالرحيم (قراء) ولد محمد انس ولد عبدالله ولد محمد جابر ولد محمد خالد ولد مالڪ ولد ابو عوف ولد حسان ولد سالم اشعث (عرف امام) ولد مت ولد ثعلبه ولد جنيد ولد مقدوم ولد شرجيل ولد اشعث ولد مت ولد حضرت ابو ايوب انصاري خزرجي رضي الله عنه.
    ولادت: پاڻ سنڌ جي مردم خيز سرزمين سيوهڻ جي محلي رعاجيان (چوڙي گران) ۾ تيرهن پيڙهين کان وسندڙ مشهور معروف ديني ۽ علمي انصاري گهراڻي ۾ ڄاوا. جنم جي صهيح تاريخ معلوم نه ٿي سگهي البته اندازو آهي ته پاڻ 1085 هه ڌاري تولد ٿيا هوندا، سندس والد صاحب حافظ محمد يعقوب قاري جي نالي سان مشهور هو.
    تعليم : حضرت شيخ محمد مراد رحه حضرت شيخ الاسلام قاضي القضاة مخدوم محمد هاشم ٺٽوي (وفات 1174 هه) کان علم حاصل ڪيائين ۽ سندس قابل فخر شاگردن مان شمار تئي ٿو. مولانا دين محمد وفائي پنهنجي ڪتاب ۾ مختصر تذڪرو ڪيو آهي، شيخ محمد عابد جي سوانح حيات ۾ ڄاڻايو ويوآهي ته پاڻ تعليم جي شروعات سنڌ ۾ ئي ڪيائون ، ۽ قرائت ۽ تجويد جي سند ۾ پڻ استاد ٻڌايو آهي ستن قرائتن ۽ تجويد جي سند شيخ محمد هاشم ٺٽوي جي تذڪري ۾ ڏسو.
    هجرت: شيخ محمد مراد پنهنجي ڪٽنب سوڌو هجرت ڪري حجاز مقدس هليو، ملڪ يمن کان ٿيندو حرمين شريفين جي حاضري ڀري حج ڪري وڃي جده شهر ۾ رهائش اختيار ڪيائين، ۽ هي سفر 1194 هه ۾ ڪيائين.
    علمي مقام: حضرت شيخ محمد مراد، قرآن جو حافظ، ستن قرائتن جو ماهر قاري، مقري وقت جو قاضي، فقيه مذهب سادات حنفيه جو محقق، امام، فن خطابت ۾ وڏو فصيح ، بليغ اديب، واعظ اسلام جهڙن القابن سان کيس عالمن نوازيو آهي، ۽ شاگردن جي وڏي خلق فيض پرايو، عرب ۽ عجم ۾ قرآن ۽ حديث پڙهايائين، عالمن محدثن سندس علمي مقام کي هن ريت بيان ڪيو آهي: علامه شوڪاني پنهنجي ڪتاب البدر الطالع ۾ سندس پوٽي جو تعارف ڪرائيندي لکي ٿو.
    واما جدّہ فمن أکابر العلماء لہ تصانیف حکاہ عنہ حفیدہ۔
    يعني هن جو ڏاڏو اڪابر عالمن ۽گهڻين تصنيفن ڪندڙن مان آهي،
    علامه شيخ ابراهيم منحة الباري شيخ محمد عابد جي تقريظ ۾ لکي ٿو. ہو الشیخ الولی العالم محمد مراد
    شيخ محمد مراد عالم الله وارو هو.
    نواب صديق حسن خان ڀوپالي ابجد العلوم ۾ لکي ٿو.
    محمد عابد جي ڏاڏي عرب ملڪ ڏانهن هجرت ڪئي جيڪو شيخ الاسلام جي لقب سان ياد ڪيو وڃي ٿو. اهل علم وصلاح هو.
    سندس پٽ علامه قاري محمد حسين پنهنجي ڀائٽي محمد عابد کي قرائتن جي اجازت ڏيندي لکي ٿو:
    قرئتون ۽ تجويد مون پنهنجي والد پنهنجي شيخ حافظ امام محقق الله جي ولي عارف شيخ محمد مراد وٽ پڙهيون.
    سندس ڏوهٽو محدث فقيه محمد عابد دفينة المطالب جي مقدمي ۾ لکي ٿو:
    شيخ محمد مراد جڏهن عرب ملڪن ۾ پهٽو ته سندس علمي شهرت ۽ مقام کان عالم واف ٿيا ته وڏن وڏن عالمن ۽ مفڪرن ڏانهس رجوع ڪيو فيض پرايو ۽ وڏي عزت ۽ احترام جو ورتاءُ ڪيائون.
    يمن ۾ رهائش وقت يمن جي شهر جُده جي وزير ريحان سندس علمي مقام ۽ بزرگي کان ايترو متاثر ٿيو جو پير و مرشد کان وڌيڪ احترام ۽ عزت ڪندو هو. جُده شهر ۾ شيخ لاِءِ هڪ وڏي مسجد، مسافر خانو، رهائشي گهر، ۽ هڪ نادر علمي ڪتابن جي لائبرري جو ٺهرايائين ۽ انهن جي خرچ جي پورائي لاءِ آمدني جو وڏو حصو وقف ڪيائين جنهن مان انهن شين جا ضروري خرچ پورا ٿيندا هئا، ۽ هن مسجد ۾ شيخ محمد مراد کان شاگردن جي وڏي خلق فيض پرايو، جنهن ۾ خود جُده جو وزير ريحان شيخ کان ۽ سندس پٽ قاري محمد حسين جو شاگردي جو شرف حاصل ڪيو، ۽ مختلف علوم پڙهيا، سندس ملڪ جا ڪيترا وزير مريد ٿيا.
    سندس شاگرد وزير ريحان صاحب جُده 25 رمضان المبارڪ 1200 هه ۾ فوت ٿيو، سندس صدقه جاريه طور ڪيترائي خير ۽ نيڪي جا ڪم ڪريائين علم ۽ اهل علم جي اهڙي قدرادان بادشاهه جي قبر تي ڪروڙين خدا جون رحمتون وسن.
    تصنيفون:
    علامه شيخ محمد مراد سنڌي انصاري تاليفات به ڪئي آهي جنهن مان جڳ مشهور ڪتاب
    دفينة المطالب آهي ان کي بياض مرادي ۽ اناجيل المفتين به چئي سگهجي ٿو. هن ڪتاب جو تعارف ڊاڪٽر قاري عبدالقيوم سنڌي هنن لفظن ۾ ڪرايو آهي:
    حقيقت ۾ هي بياض نه پر هڪ وڏي کاڻ آهي جيڪا پنهنجي اندر خاص ڪري سنڌي عالمن جي ڪٽنبن وٽ اڻ لڀ آهي ۽ قدردانن جي اکين کان اوٽ ۾ آيل، سندن موتي لال کي هيل تائين سانڍي پئي اهڙي آهي، هن مان ايڏيوڏي ڄاڻ ٿي ملي جو اهڙي ڪنهن ٻئي ڪتاب مان ورلي ملي! هي پربت جيڏو ڪتاب ٿلهن متارن ۽ تمام ڊگهن ۽ ويڪرن چئن جلدن ۾ آهي هر جلد جي سائيز 29x45
    پهرين جلد نمبر 2813 هن جا 932 صفحا آهن ٻيو جلد نمبر 2814 هن جا 900 صفحا آهن ٽيو جلد نمبر 2815 هن جا 754 صفحا آهن چوٿون جلد نمبر2816 هن جا 802 صفحا آهن.
    هي مولف جو هٿ اکري نسخو، ۽ هن ۾ ڪيترن ئي سنڌي عالمن جا ڪتاب ۽ رسالا جوڙيل آهن.
    هي ڪتاب شاهه عبدالعزيز لئبرري مدينة المنوره ۾ مڪتبه محموديه واري قلمي ڪتابن ۾ مٿين نمبر سان موجود آهي.
    هن بياض جي تفصيلي تعارف لاءِ ڏسو ماهوار السند مئي، جون 2002ع.
    اولاد: شيخ محمد مراد ٽي شاديون ڪيون، سندن اولاد مان بياض ۾ هي نالا مليا آهن.
    غلام حسين (محمدحسين) عرف والي ڏنو غلام قادر عرف ڀليڏنو ولادت 1163 هه محمد علي عرف ڏاترڏنو ولادت 1144 هه موليڏنو ولادت 1165 هه احمد علي عرف غلام رسول شيخ عابد جو والد ولادت 1168 هه ڌيءَ قادر ڏني ولادت 1165 هه.
    وفات: شيخ صاحب هاڻوڪي سعودي عرب جي شهر جده ۾ سومر ڏينهن 7 جمادي الاول 1198 هه تي مغرب ۽ عشا جي وچ ڌاري 113 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين.(ماهوار السند اسلام آباد مئي جون 2002ع
    [/justify]
     
  2. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: شيخ الاسلام قاري محمد مراد سيوهاڻي

    جزاڪ الله يا شيخ
     
  3. AllahDad qadry

    AllahDad qadry
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 مارچ 2023
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    ماشا ٕ اللہ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو