موهالي (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم جمعي جي ڏينهن نئين دهلي پهتي، جتان ان کي جهاز ۾ چنديڳڙهه جو سفر ڪرڻو پيو، جڏهن پاڪستاني رانديگر جهاز ۾ پهتا ته جهاز ۾ موجود هندستاني مسافرن جا مزا ٿي ويا ۽ خوشي ۾ چريا ٿي ويا، سمورن ماڻهن پنهنجي پيارن کي فون ڪالز ۽ ايس ايم ايس ڪندي ٻڌايو ته پاڪستاني ٽيم سان گڏ سفر ڪري رهيا آهن، هڪ فون تي ڳالهائيندڙ چيو ته شاهد آفريدي مون کان صرف 3 سيٽون اڳيان ويٺو آهي، جڏهن ته شاهد آفريدي، شعيب اختر ۽ مصباح الحق جهاز ۾ نظر جو مرڪز رهيا، ماڻهن شاهد آفريدي ۽ شعيب اختر تان نظرون ئي نه هٽايون، جنهن بعد رانديگرن کين هٿ لوڏي جواب ڏنو ته وڌيڪ خوش ٿي ويا. ڪاوش
جواب: پاڪستاني ٽيم سان گڏ جهاز ۾ سفر ڪندڙ هندستاني خوشي ۾ چريا ٿي ويا بلڪل ادا اهڙي خبر مون به پڙهي اخبار ۾. اهڙا لمحا زندگي جا يادگار بڻجي ويندا آهن. جيئن هڪ دفعي آءُ شارع فيصل ڪارساز مارڪيٽ اڳيان سواري جي انتظار ۾ بيٺو هوس ٽرانسپورٽ وارن جي هڙتال هئي ڪا ٽيڪسي يا رڪشي جي انتظار۾ هوس ته هڪ کٽارا اچي منهنجي اڳيان بيٺي جنهن جو ٽائر پنچر هو ٻه همراه لٿا هڪ ته پري کان ئي ڪرسچن لڳي پيو ٻئي کي پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي شرٽ پاتل هئي بلڪل منهنجي اڳيان هئڻ ڪري هيلو هائي ٿي، ته مون شرٽ واري کان پڇيو ته اوهان کي مون پاڪستاني ٽيم ۾ کيڏندي ڏٺو آهي ته ان هائو ۾ جواب ڏيندي وراڻيو ته آءُ يوسف يوحنا آهيان،تنهن وقت هو اڃان مسلمان نه ٿيو هو، پوءِ 10 منٽ کن سٺي ڪچهري ٿي الله جي مهرباني جو هو هاڻ اسلام سان مالا مال ٿي چڪو آهي، ان وقت مون کانئس آٽو گراف به ورتو هو يوسف يوحنا جو آٽو گراف اڄ تائين مون وٽ موجود آهي، بحرحال فينز يقينن خوش ٿيندا آهن جڏهن پنهنجي فيورٽ سان ملندا آهن.
جواب: پاڪستاني ٽيم سان گڏ جهاز ۾ سفر ڪندڙ هندستاني خوشي ۾ چريا ٿي ويا هل ڙي ڇا ياد ڪندا انڊيا وارا. اسان کي .