پاڪستاني ٽيم سان گڏ جهاز ۾ سفر ڪندڙ هندستاني خوشي ۾ چريا ٿي ويا

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ پسر شهيد طرفان آندل موضوعَ ‏28 مارچ 2011۔

  1. پسر شهيد

    پسر شهيد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 مارچ 2011
    تحريرون:
    84
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    ايران " قم
    موهالي (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم جمعي جي ڏينهن نئين دهلي پهتي، جتان ان کي جهاز ۾ چنديڳڙهه جو سفر ڪرڻو پيو، جڏهن پاڪستاني رانديگر جهاز ۾ پهتا ته جهاز ۾ موجود هندستاني مسافرن جا مزا ٿي ويا ۽ خوشي ۾ چريا ٿي ويا، سمورن ماڻهن پنهنجي پيارن کي فون ڪالز ۽ ايس ايم ايس ڪندي ٻڌايو ته پاڪستاني ٽيم سان گڏ سفر ڪري رهيا آهن، هڪ فون تي ڳالهائيندڙ چيو ته شاهد آفريدي مون کان صرف 3 سيٽون اڳيان ويٺو آهي، جڏهن ته شاهد آفريدي، شعيب اختر ۽ مصباح الحق جهاز ۾ نظر جو مرڪز رهيا، ماڻهن شاهد آفريدي ۽ شعيب اختر تان نظرون ئي نه هٽايون، جنهن بعد رانديگرن کين هٿ لوڏي جواب ڏنو ته وڌيڪ خوش ٿي ويا.

    ڪاوش
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: پاڪستاني ٽيم سان گڏ جهاز ۾ سفر ڪندڙ هندستاني خوشي ۾ چريا ٿي ويا

    بلڪل ادا اهڙي خبر مون به پڙهي اخبار ۾.
    اهڙا لمحا زندگي جا يادگار بڻجي ويندا آهن.
    جيئن هڪ دفعي آءُ شارع فيصل ڪارساز مارڪيٽ اڳيان سواري جي انتظار ۾ بيٺو هوس ٽرانسپورٽ وارن جي هڙتال هئي ڪا ٽيڪسي يا رڪشي جي انتظار۾ هوس ته هڪ کٽارا اچي منهنجي اڳيان بيٺي جنهن جو ٽائر پنچر هو ٻه همراه لٿا هڪ ته پري کان ئي ڪرسچن لڳي پيو ٻئي کي پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي شرٽ پاتل هئي بلڪل منهنجي اڳيان هئڻ ڪري هيلو هائي ٿي، ته مون شرٽ واري کان پڇيو ته اوهان کي مون پاڪستاني ٽيم ۾ کيڏندي ڏٺو آهي ته ان هائو ۾ جواب ڏيندي وراڻيو ته آءُ يوسف يوحنا آهيان،تنهن وقت هو اڃان مسلمان نه ٿيو هو، پوءِ 10 منٽ کن سٺي ڪچهري ٿي الله جي مهرباني جو هو هاڻ اسلام سان مالا مال ٿي چڪو آهي، ان وقت مون کانئس آٽو گراف به ورتو هو يوسف يوحنا جو آٽو گراف اڄ تائين مون وٽ موجود آهي، بحرحال فينز يقينن خوش ٿيندا آهن جڏهن پنهنجي فيورٽ سان ملندا آهن.
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: پاڪستاني ٽيم سان گڏ جهاز ۾ سفر ڪندڙ هندستاني خوشي ۾ چريا ٿي ويا

    هل ڙي ڇا ياد ڪندا انڊيا وارا.
    اسان کي .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو