پسر شهيد
سينيئر رڪن
موهالي (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم جمعي جي ڏينهن نئين دهلي پهتي، جتان ان کي جهاز ۾ چنديڳڙهه جو سفر ڪرڻو پيو، جڏهن پاڪستاني رانديگر جهاز ۾ پهتا ته جهاز ۾ موجود هندستاني مسافرن جا مزا ٿي ويا ۽ خوشي ۾ چريا ٿي ويا، سمورن ماڻهن پنهنجي پيارن کي فون ڪالز ۽ ايس ايم ايس ڪندي ٻڌايو ته پاڪستاني ٽيم سان گڏ سفر ڪري رهيا آهن، هڪ فون تي ڳالهائيندڙ چيو ته شاهد آفريدي مون کان صرف 3 سيٽون اڳيان ويٺو آهي، جڏهن ته شاهد آفريدي، شعيب اختر ۽ مصباح الحق جهاز ۾ نظر جو مرڪز رهيا، ماڻهن شاهد آفريدي ۽ شعيب اختر تان نظرون ئي نه هٽايون، جنهن بعد رانديگرن کين هٿ لوڏي جواب ڏنو ته وڌيڪ خوش ٿي ويا.
ڪاوش
ڪاوش