
لاهور(رپورٽ: امداد علي سومرو) پيپلز پارٽي شهيد ذوالفقار علي ڀٽوجو ڪيس ٻيهر کولرائڻ لاءِ عدالت ۾ وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ صدر زرداري سپريم ڪورٽ ۾ ريفرنس موڪليندو . اهڙو اعلان قانون واري وفاقي وزير ڊاڪٽر بابر اعواڻ لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو . ڊاڪٽر بابر اعواڻ ٻڌايو ته هن قانون واري وزير جي حثيت ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار کي هڪ خط لکيو آهي ته شهيد ڀٽو ڪيس جي رڪارڊ جون ڪاپيون کيس فراهم ڪيون وڃن ، ڇاڪاڻ ته صدرِ مملڪت آصف علي زرداري آئين جي آرٽيڪل 186 تحت سپريم ڪورٽ آڏو هڪ قانوني سوال اٿاري سگهي ۽ صدر آصف علي زرداري جيڪو قانوني سوال سپريم ڪورٽ ۾ اٿاريندو سپريم ڪورٽ کي ان جو جواب ڏيڻو پوندو. هن چيو ته پارٽي جي قيادت اهو فيصلو ڪيو آهي ته صدر زرداري پنهنجي قانوني ذميواري ۽ اختيار استعمال ڪندي ايندڙ ٻن ڏينهن اندر سپريم ڪورٽ کي ريفرنس موڪلي رهيو آهي ته شهيد قائد عوام جو ڪيس ٻيهر کوليو وڃي. هن چيو ته مون کي اميد آهي ته لاڳاپيل ڌريون شهيد ڀٽو جي ڪيس جو رڪارڊ محفوظ رکنديون. هن چيو ته تاريخ اهڙي ڌارا اختيار ڪري چُڪي آهي جو اڄ سپريم ڪورٽ سميت سموريون عدالتون آزاد آهن، هر معاملي تي پاڻمرادو نوٽيس ورتو پيو وڃي، سنڌ جي دوستن کي جيڪا گِلا هئي اها به تاج حيدر ۽ شرجيل ميمڻ کي جاري ڪيل توهين عدالت جي نوٽيس بعد ختم ٿي وئي آهي. هن چيو ته 27 هين ڊسمبر ، 18 هين آڪٽوبر ۽ ان کان اڳ ڪراچي ۾ ٿيل رتوڇاڻ جو ازخود نوٽيس نه ورتو ويو پر ڇاڪاڻ ته هاڻي نئون قانون ڊولپ ٿي رهيو آهي عدليا متحرڪ آهي ۽ ان قدم به کنيا آهن ، هڪ قدم نواز شريف ڪيس ۾ کڻي ڊاڪٽورائن آف لميٽيشن جو نئون فارمولا آندو آهي ۽ ان کانسواءِ قرضن جي واپسي جي ڪيس ۾ به نئين تاريخ لکي وئي آهي ته هاڻي 47ع کان قرضن جي واپسي ٿيندي، ان ڪري پيپلز پارٽي به اهو فيصلو ڪيو آهي ته ڀٽي شهيد جو ڪيس ٻيهر کولڻ لاءِ صدرِ مملڪت سپريم ڪورٽ کي ريفرنس موڪلي. هن ٻڌايو ته اڄ وزيراعظم وفاقي ڪابينا جو اجلاس ڪوٺايو آهي، جنهن ۾ ريفرنس جي منظوري ورتي ويندي ۽ ان بعد صدر ريفرنس سپريم ڪورٽ کي موڪلي ڇڏيندو. بابر اعواڻ ريمنڊ ڊيوس ڪيس جو فيصلو ڪندڙ جج يوسف اوجلا جو نالو وٺي چيو ته يوسف اوجلا ڪوٽ لکپت جيل ۾ هڪ فيصلو ڪيو ، اسان ته سڀني عدالتن جو هڪ جيترو احترام ڪيون ٿا ۽ عدالتن کي برابر سمجهون ٿا، سوال اهو آهي ته ڇا رڳو ديدار شاهه ڪيس جي فيصلي تي عوام جا جذبا سامهون آيا ، قوم ڇا اهو نه ٿي ڄاڻي ته يوسف اوجلا جي ڪيس بعد ان تي تنقيد نه ڪئي وئي ، ان خلاف جلسا جلوس ، ريليون ۽ مظاهرا ناهن ڪيا ويا ، ڇا ان خلاف بيان جاري ۽ قراردادون پاس ناهن ڪيون ويون؟، ان هوندي به پيپلز پارٽي جا جيالا تاج حيدر ۽ شرجيل ميمڻ کي نوٽيس جاري ڪرڻ تي نه رڳو فخر محسوس ڪن ٿا ڇاڪاڻ ته هو ان عدالتي ڪٽهڙي ۾ وڃي بيهندا جنهن ۾ قائد عوام شهيد ذوالقفار علي ڀٽو بيٺو هو ۽ هن قانون جي حڪمراني کي تسليم ڪندي مسڪرائيندي ڦاهي کي ڳلي سان لاتو هو پر قانون کان منهن نه موڙيو هو . هن چيو ته پيپلز پارٽي لاهور ۾ قائم ٿي ، 73ع جي آئين جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو عدالتي قتل به لاهور ۾ ئي ڪيو ويو، ان ڪري پارٽي ڀٽو جو ڪيس ٻيهر کولڻ جو ريفرنس موڪلڻ واري فيصلي جي اعلان ڪرڻ لاءِ چونڊ به لاهور شهر جي ئي ڪئي آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي گذريل چاليهه سالن کان احتساب جي ڪٽهڙي ۾ بيٺي آهي ، شهيد عوام مٿان قتل جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ان جو عدالتي قتل ڪيو ويو ، صدر آصف زرداري خلاف جيل ۾ هوندي قتل جا پنج ڪيس داخل ڪيا ويا ، محترمه بينظير ڀٽو جيڪا نه رڳو اوڀر ڄائي هئي ، نه رڳو وزير اعظم هئي بلڪه عالمي ليڊر هئي ان کي عدالتن ۾ گهليو ويو ، سرڪار بنام بينظير ڀٽو جا نعرا لڳندا رهيا . پر پيپلز پارٽي چاليهه سالن کان نه ڪي عدالتن کان ڀڳي آهي ۽ نه هاڻي ڀڄندي . قائد عوام جيڪو قانوني ۽ عدالتي نظام قائم ڪيو ان کي استعمال ڪري ان جو عدالتي قتل ڪيو ويو . بابر اعواڻ کان جڏهن اهو سوال ڪيو ويو ته جنهن سپريم ڪورٽ آءِ جي آءِ ڪيس ۾ سموريون شاهديون مڪمل هجڻ باوجود ان جو فيصلو ناهي ڏنو ڇا اوهان کي اميد آهي ته اها سپريم ڪورٽ ڀٽو ڪيس ٻيهر کوليندي ؟، ته ان جو جواب ڏيندي هن چيو ته اسان کي اميد آهي ته سپريم ڪورٽ ڀٽو ڪيس ٻيهر کوليندي. ان سوال ته پيپلز پارٽي جي حڪومت بينظير ڀٽو ڪيس ۾ مشرف کي گرفتار ڪرڻ ۾ ڪيتري سنجيده آهي ؟ ته ان جي جواب ۾ هن چيو ته عدليا تمام گهڻي سنجيده آهي. بابر اعواڻ هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته عدالت جو فيصلو عوام جي ملڪيت ٿي ويندو آهي ۽ ان مٿان صاف سٿري تنقيد ڪرڻ توهين عدالت آرڊيننس 2003ع جي زمري ۾ نه ٿو اچي ان هوندي به پ پ جا اڳواڻ عدالت ۾ پيش ٿيندا، اهو قيادت جو فيصلو آهي.
روزانه ڪاوش ۽ سمورين اخبارن جي خبر