• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تعزيت ... محترم آدم لغاري جي خاندان سان ...

نثارابڙو

نائب منتظم
تعزيت ... محترم آدم لغاري جي خاندان سان ...

سائين آدم لغاري، آمريڪا ۾ سنڌين جي آرگنائزيشن Sana لاءِ پاڻ پتوڙيندر، ۽ آمريڪا ۾ سنڌي ٻوليءَ جي رسالي ” سنگت“ جو ٻانهن ٻيلي، پنهنجي پوري خاندان سميت هڪ روڊ حادثي ۾ شهيد ٿي ويو ...

آءُ هن سنڌ سلامت جي ميدان تان سمورن دوستن پاران سندس هن اوچتي موت تي انتهائي ڏک جو اظهار ڪندي سندس ۽ سندس خاندان لاءِ دعاء مغفرت ڪيان ٿو ...

الله تعالا کين جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ۽ سندس پونئرن کي ان صدمي برداشت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي ... آمين
 
انا الله وانا اليه راجعون
الله تعالي مرحوم کي جنت فردوس ۾ جڳهه عطار ڪري ۽ ان جي پوين کي صبر جي توفيق عطا ڪري
امين
 
( پوري خاندان سميت هڪ روڊ حادثي ۾ شهيد ٿي ويو )
الله پاک مرحوم جي مغفرت فرمائي
پر سائين نثار ابڙو اهو روڊ حادثي وارو شهيد ڪئين آهي ٿوري اسان اٻوجهن کي وضاحت ڏيندا مهرباني
 
سائين ٻڌي ڏاڍو ڏک ٿيو۔۔۔۔۔۔۔ بس دنيا فاني آ، اڳي پوءِ سڀني کي هلڻو آهي۔
سائين شل کين جنت نصيب ڪري
 
( پوري خاندان سميت هڪ روڊ حادثي ۾ شهيد ٿي ويو )
الله پاک مرحوم جي مغفرت فرمائي
پر سائين نثار ابڙو اهو روڊ حادثي وارو شهيد ڪئين آهي ٿوري اسان اٻوجهن کي وضاحت ڏيندا مهرباني

انا لله وانا اليہ راجعون


شهيد جا گهڻائي قسم آهن. هڪڙي حديث مطابق شهيد جا 5 قسم آهن ۽ ٻيءَ حديث مطابق شهيدن جا 8 قسم آهن.
بخاري ۽ مسلم ۾ ابوهريره رضي الله عنه جي روايت آهي ته شهيد جا 5 قسم آهن. 1- طاعون ۾ فوت ٿيڻ وارو 2- پيٽ جي بيماريءَ جي ڪري فوت ٿيڻ وارو، 3- ٻُڏي مرڻ وارو، 4- ڪنهن شيءِ جي هيٺيان دٻجي مرڻ وارو ۽ 5- الله جي راهه ۾ شهيد ٿيڻ وارو.“
(صحيح بخاري حديث نمبر 2829، صحيح مسلم حديث نمبر: 1914)

مسند احمد، سنن ابو داؤد ۽ سنن نسائيءَ ۾ حديث آهي ته نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جن فرمايو: ”توهان شهيد ڪنهن کي ٿا چئو؟“ ماڻهن عرض ڪيو ته جيڪو الله جي راهه ۾ ماريو وڃي. پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم جن فرمايو: ”الله جي راهه ۾ قتل ٿيڻ کان سواءِ به شهيد جا 7 قسم آهن: 1- طاعون ۾ مرڻ وارو شهيد آهي، 2- ٻُڏي مرڻ وارو شهيد آهي. 3- ذات الجنب (انسان جي پاسراٽيءَ ۾ ڳوڙهو نڪرڻ، جنهن ڪري پاسراٽيءَ جي هيٺان سور شروع ٿيندو آهي) وارو شهيد آهي. 4- مبطون (پيٽ جي بيماري جيئن پيچش وغيره) شهيد آهي. 5- باهه ۾ سڙي مرڻ وارو شهيد آهي. 6- دٻجي مرڻ وارو شهيد آهي ۽ 7- اُها عورت جنهن جي پيٽ ۾ ٻار هجي ۽ انهيءَ جي ڪري گذاري وڃي.“ (مسند احمد حديث نمبر 23804، سنن نسائي حديث نمبر 1846، انن ابودائود حديث نمبر: 3111)
(مجلة الدعوة فتوي شيخ ابن عثيمين تان اخذ ڪيل)

روڊ حادثي جي ڪري ماڻهو گاڏي هيٺان اچي دٻجي مري ويندو آهي، جنهن ڪري اُهو شهيد آهي، بشرطيڪه سندس عمل صالح هجنس ۽ انهيءَ جو فيصلو رب پاڪ وٽ ئي ٿيندو.
 
انا لله وانا اليه راجعون!
منهنجي ناقص معلومات مطابق شايد هي آدم خان لغاري اهو ئي آهي، جنهن جو 1990 واري ڏهاڪي ۾ حيدرآباد ۾ سنڌي ڪمپيوٽر جو پهريون ڪمرشل سينٽر هوندو هو، جيڪو اولڊ ڪئمپس واري علائقي ۾ هو. هيءُ فقير ۽ حقير اُن وقت کانئس پرنٽ آئوٽ ڪرائڻ ويندو هو. منهنجو هڪ واقف ڪار، جيڪو کانئس تمام حجائتو هو، اُن ڪجهه وقت کان پوءِ ٻُڌايو ته آدم خان لغاري آمريڪا وڃي چڪو آهي.
 
Back
Top