رنجيت
سينيئر رڪن
هاڻي پنهنجي تعريف ڀلا پاڻ ڪڏهن ڪبي آهي؟ هرگز نه۔۔ پر ڇا ڪجي زمانو مٽجي چڪو آ۔ خير سائين منهنجو نالو جيڪو پڪ سان مونکي به پڪي خبر نه آهي ڇو جو گهر ۾ مونکي پپو ڪري سڏيندا آهن پر اسڪول جي سرٽيفڪيٽ ۾ رنجيت لکيل آهي۔ ۽ وري ڪجهه مائٽ ساحل ڪري به ڪوٺين۔ اسڪول وارا دوست ڊاڪٽر ڪري سڏيندا هئا۔ ڪيترائي استاد مونکي ڇهاري سان سڏيندا هئا۔ دوست وري پيروُ ڪري سڏيندا آهن۔ پر پوءِ به شايد منهنجو نالو رنجيت رام رکيا آهي۔ منهنجي عمر گهر ۾ رکيل رجسٽر موجب 21 سال آهي پر اسڪول جي سرٽيفڪيٽ مطابق 18 سال آهي۔ مان پهريون خيرپور ميرس جي شهر پريالوءِ ۾ رهندو هوس (جتان جي لاءِ مشهور آهي گلابن جو شهر) تنهن بعد 1997 ۾پريالوءِ کان هجرت ڪري لقمان خيرپور ۾ اچي رهياسين۔ جتان وري هاڻي 2008 ۾ سنڌو نگر جيڪو ممبئي کان 65 ڪلوميٽر پرتي آهي اسين هاڻي اتي رهندا آهيون۔ شايد اهو ڪافي آ پر پوءِ به منهنجي باري ۾ وڌيڪ ڪجهه معلومات حاصل ڪرڻي هجيوَ ته بي هجت ٿي پڇجو
هاڻي اجازت ڏيو ڪجهه ايڊيٽنگ جو ڪم ڪرڻو آهو دعائن ۾ ياد
توهانجو پنهنجو
هاڻي اجازت ڏيو ڪجهه ايڊيٽنگ جو ڪم ڪرڻو آهو دعائن ۾ ياد
توهانجو پنهنجو