منهنجي به ٻڌو!

'تعارف' فورم ۾ رنجيت طرفان آندل موضوعَ ‏24 جولائي 2009۔

  1. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    هاڻي پنهنجي تعريف ڀلا پاڻ ڪڏهن ڪبي آهي؟ هرگز نه۔۔ پر ڇا ڪجي زمانو مٽجي چڪو آ۔ خير سائين منهنجو نالو جيڪو پڪ سان مونکي به پڪي خبر نه آهي ڇو جو گهر ۾ مونکي پپو ڪري سڏيندا آهن پر اسڪول جي سرٽيفڪيٽ ۾ رنجيت لکيل آهي۔ ۽ وري ڪجهه مائٽ ساحل ڪري به ڪوٺين۔ اسڪول وارا دوست ڊاڪٽر ڪري سڏيندا هئا۔ ڪيترائي استاد مونکي ڇهاري سان سڏيندا هئا۔ دوست وري پيروُ ڪري سڏيندا آهن۔ پر پوءِ به شايد منهنجو نالو رنجيت رام رکيا آهي۔ منهنجي عمر گهر ۾ رکيل رجسٽر موجب 21 سال آهي پر اسڪول جي سرٽيفڪيٽ مطابق 18 سال آهي۔ مان پهريون خيرپور ميرس جي شهر پريالوءِ ۾ رهندو هوس (جتان جي لاءِ مشهور آهي گلابن جو شهر) تنهن بعد 1997 ۾پريالوءِ کان هجرت ڪري لقمان خيرپور ۾ اچي رهياسين۔ جتان وري هاڻي 2008 ۾ سنڌو نگر جيڪو ممبئي کان 65 ڪلوميٽر پرتي آهي اسين هاڻي اتي رهندا آهيون۔ شايد اهو ڪافي آ پر پوءِ به منهنجي باري ۾ وڌيڪ ڪجهه معلومات حاصل ڪرڻي هجيوَ ته بي هجت ٿي پڇجو
    هاڻي اجازت ڏيو ڪجهه ايڊيٽنگ جو ڪم ڪرڻو آهو دعائن ۾ ياد

    توهانجو پنهنجو
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    اسلام عليڪم ادا ​


    ادا اسان اوهان کي سنڌ سلامت تي ڀليڪار چئون ٿا ۽ اسان کي اوهان جي ڀلوڙ لکڻين جو اتنظار رهندو
    ادا نالا ته توهان جا الائي ساترا آهن پر مان اوهان کي پپو ڪري سڏڻ پسند ڪندس :D
    ادا پپو هي اوهان لا۽ ڪجهه تحفا حاضر آهن



    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]




    shal judy hujeen



    sindhsalamatsaathsal
     
  3. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    ادا ڀاءُ پاڻ گوشت کائون ئي ڪانه باقي هيٺيان تحفا اکين تي، مهرباني
    انڊيا ۾ انب هاڻي آخري ساهه ۾ آهن مطلب انهن جي ڏينهن ٿوڙا ئي بچيا آهن، ڇو جو هتي گرمي ختم ٿي چڪي آهي برساتون هلي رهيون آهن
     
  4. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    واه فقير سائين واه،

    رنجيت کي اصل ٽيڪرائي ڇڏيوئي۔۔۔۔

    ادا رنجيت اسان جي طرفان به لک واڌايون قبول ڪيو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  5. عظيم

    عظيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    520
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    اڄ ڪلھ لڳي ٿو فقير صفا ٽيڪيل آهي
    پهرين ته گل به اوڌر تي وٺي ايندو هو هاڻي ته ۔۔۔۔۔۔hall charihall charihall chari
    ڀاءُ رنجيت اسان غريبن طرفان به لک وڌايون هجن
    sadayeen gudshal judy hujeen
     
  6. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور


    ان کي چئبو آهي ته الله ڌئي ۽ اللهڙي نه سهي hatt-parehatt-pare

    hall charihall charihall charihall chari


    suhnan saan


    khil sahi



    sindhsalamatsaathsal
     
  7. عظيم

    عظيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    520
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ها هاهاهاههاهاهاها
    فقير سائين الله وڌايئي اسان ته ڏاڍا خوش ٿيا سين ته اسان جو فقير سکيو ٿو آ
     
  8. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ادا رنجيت جُڙيو هُجين شال: مٺا ڀلي ڪري آئين۔ توهان جي تعارف ۾ ڪُجهه ادبي رنگ ڏسڻ ۾ آيو، ۽ خبر اٿئي ته اها اورا ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه هوندي آهي۔ اسان جهڙا سدائين موڳا مٽر انهيءَ اورا جي تلاش ۾ کڙ ڪُتر ٿيندا نظر ايندا آهن۔ توهان ڪٿي ڀي پنهنجو آستانو بنايو پر توهان پيتو ته سنڌو جو امرت پاڻي آهي نه ۔ پوءِ چئو ڀلا توکي امڙ سنڌ ڪيتري نه ياد ايندي هوندي۔ ڇا تون ان يادگيريءَ کي لفظن ۾ قلمبند ڪري سگهين ٿو۔ بس رنجيت اسان کي پنهنجي اُها پيڙا جيڪا سنڌ جيجل کان دور رهي توهان محسوس ڪئي هوندي سان سنڌ سلامت سان لکت ۾ شيئر ڪريو ته توهان جي ڪرپا ٿيندي سڀني سنڌ واسين تي۔
     
  9. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور

    ادا عظيم هڪ ڳالهه مان اوهان کي هاڻي ئي واضع چئي ڇڏيان ته بهتر ٿيندو ته مان صرف کل ڀوڳ جي حوالي سان توهان کي ريپلائي ڪندو آهيان ان کي صرف کل ڀوڳ تائين ئي محدود رکجو ڇو جو اسان سڀ پاڻ ۾ ڀائر آهيون ڪٿي ائين نه ٿئي جو توهان منهنجي ڪا اهڙي ڳالهه دل ۾ ڪري ويهي رهو .

    مهرباني ادا عظيم shal judy hujeen

    suhnan saan


    khil sahi


    sindhsalamatsaathsal
     
  10. عظيم

    عظيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    520
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    فقير سائين مان به کل ڀوڳ جي حوالي سان توهان کي ريپلائي ڪندو آهيان هتي سڀ پاڻ ۾ ڀائر آهيون فورم هڪ سائيبر اوطاق آهي کل ڀوڳ هلندي رهندي
    مان ته دل ۾ نه ڪندس توهان متان دل ۾ نه ڪيو suhnan saan
    sadayeen gud
     
  11. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    اگر دل ۾ ڪندا به ته سائين ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي۔ ناراض به نه ٿيندو ڇو جو پنهنجا ناراض نه ٿيندا آهن بلڪه رسي ويندا آهن ۽ رٺلن کي منائڻ ۾ سڀئي دوست گڏ آهيون نه
     
  12. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    محترم دوست رام رکيا رنجيت توهان جا لک ٿورا جو اهڙي ماڳ تان فورم کي وقت پيا بخشيو جتان جا سنڌي سنڌ سان تمام گهڻو چاهه رکندي به سنڌي زبان وساريندا پيا وڃن .... هو ڪوشش جي باوجود پنهنجي نسل کي سنڌي ۾ گفتگو ڪرڻ ۽ لکڻ پڙهڻ سيکارڻ ۾ ناڪام پيا وڃن .... جنهن جا ڪئي سبب به آهن.....
    سچي به ته سنڌ ثقافت ۽ سنڌي زبان کي اهڙن سنڌين تائين پهچائڻ ئي اسان جي ذميداري آهي .... مون کي يقين آهي ته اسان جو رچايل هي سلسلو انهن کي پڻ سنڌي ٻولي سکڻ ۽ پڙهڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو ... پوءِ جيڪڏهن اسان جي هن ڪوشش کي توهان انهن تائين پکيڙيو ته ڄڻ سنڌ ماتا جو احسان لاهي وڌو ....
    توهان جي اهڙي ڪاوش کي هتي پڻ ساراهيو ويندو.... پنهنجي ڀلوڙ لکڻين ۽ تبصرن کي دل سان فورم تي لڳايو .... هتي توهان کي هميشه محبت ئي ملندي....
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  13. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    سائين ڇو نه! هي فورم به منهنجو پنهنجو گهر آهي مونکي جڏهن به وقت ملندو ته مان بغير ڪنهن دير جي هن فورم تي پنهنجو غريباڻيون لکڻيون لکندو رهندس۔ باقي توهان جي ڳالهه 16 آنا سچ آهي ته هتان(هند )جي نوجوان نسل جو سنڌي لکڻ پڙهن ته پري جي ڳالهه آهي پر ڳالهائڻ کان به لنوائن ٿا۔ توهان هتي ممبئي ۾ اگر ڪنهن مرهٽي مطلب مهاراشٽرين کي ڏسندا ته هو پاڻ ۾ مرهٽي ۾ ڳالهائيندا پر سنڌي جڏهن پاڻ ۾ ملندا ته انگلش يا وري هندي ۾ ڳالهائيندا۔ اسين هڪ سروي ڪرڻ ممبئي جي هڪ ڪاليج ۾ وياسين جتي سنڌين لاءِ منورٽي ڪوٽا رکي ويئي هئي اسين جڏهن اتي پهتاسين ته اسان کي اتي لڳ ڀڳ 100 کن سنڌي شاگرد ۽ شاگرداڻيون نظر آيون معلوم ڪرڻ تي خبر پئي ته انهن 100 مان 15 صرف اهڙا هئا جيڪي سٺي سنڌي ڳالهائي ٿي سگهيا ۽ باقي ڪجهه اهڙا هئا جيڪي سمجهي ٿي سگهيا۔ ۽ 80 سيڪڙو اهڙا مليا جيڪي نه سمجهي ٿي سگهيا نه ڳالهائي ٿي سگهيا جڏهن انهن کان پڇيوسين ته توهين سنڌيءَ ۾ ڇو نه ڳالهايو انهن مان اڪثر ماڻهن اهو جواب ڏنو ته اسان سان اسان جي مائٽن ڪڏهن سنڌيءَ ۾ نه ڳالهايو آهي ته اسان کي سنڌي ڪٿان ايندي۔
    معاف ڪندا مان ڪجهه جذباتي ٿي ويس۔ هاڻي هلون ٿا مونکي هند ۽ سنڌ جي مشهور شاعر پرڀو وفا تي ڊاڪيومينٽري ايڊٽ ڪرڻي آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو