اسڪولن کي بمن سان اڏائيندڙ طالبان نه پر دشمنن جا ايجنٽ آهن:ملا عمر

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ پسر شهيد طرفان آندل موضوعَ ‏29 مارچ 2011۔

  1. پسر شهيد

    پسر شهيد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 مارچ 2011
    تحريرون:
    84
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    ايران " قم
    ڪابل (مانيٽرنگ ڊيسڪ) افغان طالبان جي امير ملا عمر چيو آهي ته اسڪولن، اسپتالن، مدرسن ۽ عوامي هنڌن کي بمن سان اڏائيندڙ طالبان نه پر دشمن جا ايجنٽ آهن، ملا عمر جو بيان افغان صدر حامد ڪرزئي جي بيان جي جواب ۾ آيو آهي، ملا عمر جي ترجمان ذبيع الله مجاهد پنهنجي سربراهه جو بيان جاري ڪيو آهي، ملا عمر چيو ته طالبان اسڪولن يا عوامي هنڌن کي ساڙڻ ۽ تباهه ڪرڻ جو سوچي به نه ٿا سگهن، طالبان تعليم کي دنيا ۽ آخرت جو واحد وسيلو سمجهن ٿا، طالبان جي جدوجهد جو مقصد آزادي، تعمير ۽ ترقي آهي، قومي اثاثن کي نقصان پهچائيندڙن سان طالبان جو ڪو به واسطو ناهي، هن چيو ته اڄ تائين طالبان جي ڪنهن ماڻهو کي پڪڙي اهو ثابت ناهي ڪيو ويو ته ان عوامي هنڌ تي بم رکيو آهي، نيٽو وٽ اهڙا ثبوت آهن ته پيش ڪري.

    ڪاوش
     
  2. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: اسڪولن کي بمن سان اڏائيندڙ طالبان نه پر دشمنن جا ايجنٽ آهن:ملا عمر

    ادا جيڪر اها حقيقت آهي ته پو اسان کي پنهجي سوچ جي سمت کي موڙڻو پوندو ڇو ته اسان جي اڪثريت اها ٿي سمجهي ته طالبان دهشتگرد آهن ، جيڪر اهي بم ڌماڪا ناهن ڪري رهيا ته پو ڪير آهن اهي عناصر ! ڇا اهي امريڪا ڪري پيو؟ ڇا اهي بليڪ واٽر وارن جا ڪرتوت آهن؟ ، اهڙن ڳالهين تي ويچار ڪرڻو پوندو ۔
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: اسڪولن کي بمن سان اڏائيندڙ طالبان نه پر دشمنن جا ايجنٽ آهن:ملا عمر

    [justify]ادا افتخار اسان جي عوام کي هر شيءِ جي خبر آهي جيئن هڪ دوست مونکي چوندو آهي ته پوليس کي ته هر شيءِ جي خبر هوندي، پوءِ به اسان هروڀرو اهڙين ڳالهين تي محض پنهنجي ضد ۽ انا خاطر بحث ڪندي ناهيون ٿڪندا.[/justify]
     
  4. عزيز

    عزيز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 سيپٽمبر 2011
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: اسڪولن کي بمن سان اڏائيندڙ طالبان نه پر دشمنن جا ايجنٽ آهن:ملا عمر

    ڇا اهي حملا ڀارت جا آهن جيڪي ڪراچي ۾ خونريزي ٿي رهي آهي ڇا انهي جو ذميوار ڀارت آهي
     
  5. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: اسڪولن کي بمن سان اڏائيندڙ طالبان نه پر دشمنن جا ايجنٽ آهن:ملا عمر

    ادا عزيز ڀلي ڪري آيا ! اوهان فورم ۾ نوان آهيون اوهان کي گهرجي ته پهريان تعارف واري سيڪشن ۾ پنهنجو تعارف ڪرائيندا ، رهيو اوهان جو سوال جو جواب سو پيارا ڳالھ اها ناهي ته ڇا ڀارت ڪراچي جي خونريزي ۾ ملوث آهي ، ملڪ پاڪستان رڳو ڀارت جي اکين ۾ ڪنڊو ناهي ، خود ملڪ جي اندر ملڪ جا دشمن ڪا گهٽ ڪسر ڇڏن ٿا ، ٻيو مهاجر ۽ تازو ڏکڻ افريڪا مان دهشتگردن جو ڪراچي ۾ ملوث هجڻ جا ثبوت ، اسان کي هر ڳالھ کي غور سان ڏسڻو پوندو ، تڏهن ڪا ڳالھ سمجه ۾ ايندي ،

    ڪجه وقت بش جي دور ۾ ايس ايم ايس اهڙا مشهور ٿيا جو جيڪو الزام لڳندو هو امريڪا اسامه تي هڻي ڇڏندو هو ، هاڻي وري ساڳي روش طالبان نالي تي شروع ٿي وئي آهي ، اڳتي ڏسو ته ڇا ڇا ٿو ٿئي !!!!!!!!!!!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو