پسر شهيد
سينيئر رڪن
ڪابل (مانيٽرنگ ڊيسڪ) افغان طالبان جي امير ملا عمر چيو آهي ته اسڪولن، اسپتالن، مدرسن ۽ عوامي هنڌن کي بمن سان اڏائيندڙ طالبان نه پر دشمن جا ايجنٽ آهن، ملا عمر جو بيان افغان صدر حامد ڪرزئي جي بيان جي جواب ۾ آيو آهي، ملا عمر جي ترجمان ذبيع الله مجاهد پنهنجي سربراهه جو بيان جاري ڪيو آهي، ملا عمر چيو ته طالبان اسڪولن يا عوامي هنڌن کي ساڙڻ ۽ تباهه ڪرڻ جو سوچي به نه ٿا سگهن، طالبان تعليم کي دنيا ۽ آخرت جو واحد وسيلو سمجهن ٿا، طالبان جي جدوجهد جو مقصد آزادي، تعمير ۽ ترقي آهي، قومي اثاثن کي نقصان پهچائيندڙن سان طالبان جو ڪو به واسطو ناهي، هن چيو ته اڄ تائين طالبان جي ڪنهن ماڻهو کي پڪڙي اهو ثابت ناهي ڪيو ويو ته ان عوامي هنڌ تي بم رکيو آهي، نيٽو وٽ اهڙا ثبوت آهن ته پيش ڪري.
ڪاوش
ڪاوش