سائين قاسمي جون ڳالهيون

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏29 مارچ 2011۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    [​IMG]
    سائين قاسمي جون ڳالهيون

    ليکڪ: مفتي ڪليم الله لغاري _ ڪراچي

    حاضر ڪندڙ: طاهر سنڌي

    حضرت سائين غلام مصطفى قاسمي رحه هڪ همه گير ۽ همه جهت شخصيت هئي، پاڻ علمي، تحقيقي ادبي دنيا جا عظيم انسان هئا، سڄي زندگي قرآن و حديث ۽ ولي اللهي فلسفي جي خدمت ۾ گذاريائون، سندس خدمات ۽ علمي ڪارناما اسسان جي علمي تحقيقي ادبي، قومي تاريخ جو سنهري يادگار باب آهن. هن علمي ۽ تحقيقي بادشاهه جي سادگي ۽ بي تڪلفي ۽ سهپ جهڙا گڻ اڄ تائين مون ڪنهن محدث، فقيهه، شيخ الاسلام ۾ نه ڏٺا آهن ۽ اهڙا ماڻهو ڌرتيءَ تي ڪڏهن ڪڏهن اڀرندا آهن ۽ اهڙن ئي ماڻهن لاءِ ڪنهن شاعر چيو آهي:
    ہزاروں سال نرگس اپنی بے نوری بہ روتی ہے
    بڑی مشکل سے ہوتا ہے چمن میں دیدہ ہر پیدا

    قحط الرجال جي هن دور ۾ اهڙي عظيم الصفات ۽ جامع شخصيت جي لاڏاڻي سان علمي ۽ تحقيقي دنيا ۾ جيڪو خلا پيدا ٿيو ان کي پر ڪرڻ مستقبل قريب ۾ نا ممڪن آهي، سائين قاسمي رحه جن جي وفات خاص ڪري اسان سنڌ واسين لاءِ وڏو درد رکي ٿي ۽ هن درد جو اندازو حضرت سائين رح جي وفات جي درد ۾ چيل شعر مان ڪري سگهجي ٿو:
    درد ما بر مرگ حضرت ڪمتراز يعقوب نيست
    اوپسر گم ڪرده بود وما پدر گم ڪرده ايم

    سائين قاسمي رحه جي مقام ۽ مرتيبي ۽ سندس ديني ۽ ملي خدمات جو صحيح تعين اهل علم ئي ڪري سگهن ٿا ته ڪهڙي پائي جا عالم هئا. مون جهڙي هٿين خالي جو سائين قاسمي رحه بابت لکڻ فقط اظهار عقيدت ئي ٿي سگهي ٿو. علامه قاسمي رحه وقت جا امام هئا. مشهور محدث ۽ ناقد مولانا عبدالرشيد نعماني رحه ڪراچي يونيورسٽي واري سائين قاسمي رحه کي امام سڏيو آهي. هڪ دفعي ڪراچي يونيورسٽي ۾ موصوف مولوي صاحب جو سبق ٻڌڻ لاءِ خدمت ۾ حاضر ٿيس، فرمايائون:
    “آپ سندھ سے آئے ہیں۔ مون چيو جي حضرت پوءِ چيائونآپ کو سندھ کے کتب خانہ میں قلمی نسخہ جات کے بارے میں کچھ علم ہے۔ مون چيو کوئی خاص معلوم نہیں البتہ کنڈیارو، مظھر العلوم کھڈا میں کچھ قلمی نسخہ جات ہیں۔ فرمايائون سندھ میں بڑے بڑے محدث فقیہ گزرے عابد سندھی، حیات سندھی، آپ سندھ کے علماء پر کام کریں، سندھیوں کے امام مولانا غلام مصطفیٰ قاسمی ہیں۔ علماء سندھ پر بہت کام کیا ہے”۔
    حضرت سائين سنڌ جي عالمن، فقيهن، محدثن جي خدمات ۽ سندن تعارف جو وڏو باب قائم ڪيو آهي ايندڙ نسلن لاءِ راهون کوليو آهن، حضرت سائين جن جي ذات، اڪابر بزرگن لاءِ دفاعي سد سڪندري هئي، مجال هئي جو اڳيان ڪو بزرگن عالمن لاءِ ڪو حرف ڪڇي. 1995 ع ۾ دوري حديث واري سال اسان جي دوست ۽ سائين قاسمي رحه جي شاگرد مولوي مجيب الرحمان قطبي نوشهروفيروز واري ٻڌايو ته هڪ دفعي سبق جي دوران سائين قاسمي رحه واقعو ٻڌايو ته مولانا بدرالعالم ميرٺي مولانا انور شاهه ڪشميري رحه جو خاص ۽ سينيئر شاگرد هو. مولانا محمد يوسف بنوري رحه سندس تمام گهڻو ادب ڪندا هئا. ادب وچان پٺيان جگڪي هلندا هئا، هڪ مجلس ۾ مولانا بدر عالم ميرٺي ۽ ٻيا ڪيترا عالم ويٺا هئا، اتي مولانا ميرٺي عبيدالله سنڌي رحه متعلق ڪجهه اکر چوڻ لڳو. آءٌ به اتي ويٺو هيس. مون چيو مولانا! اوهان کي حق نه ٿو پهچي جو سنڌي رحه بابت لب ڪشائي ڪريو توهان جو استاد مولانا انور شاهه، مولانا عبيدالله سنڌي جا حيثيت جا نه آهيو، جيڪڏهن اوهان کي واقعي مولانا رحه تي ڪو اعتراض آهي ته ٻڌايو آءٌ ان جو جواب ڏيان ٿو؟ مولانا ميرٺي ماٺ ڪري ڳالهه کڻي ٺپي.
    چئلينج، جرئت ۽ اڪابر اسلام کان نفرت ۽ دوري جو ٻج نئين نسل ۾ پوکيو ٿو وڃي، جرئت جي جاءِ مصلحت ۽ رواداري ولاري آهي، اڪابر جي دفاع جي قوت ڪمزور ٿي چڪي آهي ۽ اڳئين دور ۾ اڪابر جي عمل ۽ ڪردار کي دليل سند طور پيش ڪيو ويندو هو. توڻيجو عمل ۽ ڪردار ڪيڏو به ڪچو ۽ ڪمزور ڇو نه هجي ۽ هاڻي مضبوط ڪردار پاڪ باز هستين تي تبرا ڪرڻ فيشن ٿي پيو آهي ۽ هي نام نهاد (زهر قاتل) فيشن جو سلسلو نه صرف عام انسان ۽ صاحب ڪردار هستين تائين محدود آهي بلڪ پاڪ باز اصحاب سڳورا انبياء معصومين تائين وڳڃي پهتو آهي جن پاڪن کان ڳيترن انسانن کي پاڪي نصيب ٿي، اهڙن جي پاڪيزو زندگي کي ناپاڪ زبانن سان مجروح ڪرڻ ڪٿان جو انصاف آهي، بهر حال ديني ۽ دنياوي ترقي، قومي تشخص ۽ تاريخي وابستگي جي زندهه رهڻ جو هڪ اهم سبب ماضي (اڪابر اسلاف) سان ربط آهي ۽ جنهن قوم پنهنجي قومي،ملي تشخص وڃايو آهي ۽ غير ترقي يافته رهي آهي ۽ اسلام اسان کي اڪابرين جي زندگي سان جوڙيو آهي ۽ انهن جي پيروي جي پابندي کي لازمي قرار ڏنو آهي، انبياءَ ڪرام بابت آهي فبهدى هم اقتده ۽ صحابه ڪرام لاءِ آهي آمنوا ڪما آمن الناس يعني اوهان ايئن ايمان آڻيو جيئن هنن ماڻهن (اصحابن) ايمان آندو آهي ۽ هن سبق کي پنج وقت نماز جي هر رڪعت ۾ دهرايو ويو آهي اهدنا الصراط المستقيم صراط الذين انعمت عليهم غير المغضوب عليهم ولا الضالين. اسان کي سڌو رستو ڏيکار! انهن جو رستو جن تي تو فضل ڪيو ۽ جن تي نه ته تنهنجي ڪاوڙ ٿيل آهي ۽ نه انهن کان رستو گم ٿي ويو آهي. بهر حال اڪابر وسارڻ جا نه بلڪ ياد ڪرڻ، ياد رکڻ جا آهن، سائين قاسمي رحه 15 شوال 1424 هه 10 ڊسمبر 2003 ع تي اسان کان موڪلائي حظيرة القدس ۾ وڃي پهتو مگر سندس علمي ۽ عملي زندگي جا ورشن ڪارناما اسن وٽ موجود آهن، جن ۾ عقل وارن لاءِ وڏو فڪر ۽ پيغام سمايل آهي، اچو ته هن فرض جو احساس ڪريون، ڪو ٻارڻ ٻاريون ڪا جوت جلايون.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏10 ڊسمبر 2014
    مير جمشيد اختر ٽالپر هيء پسند ڪيو آهي.
  2. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: سائين قاسمي جون ڳالهيون

    جزاڪ الله ادا طاهر
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سائين قاسمي جون ڳالهيون

    واياڪ، مهرباني دوست پسند ڪرڻ جي۔
     
  4. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سائين قاسمي جون ڳالهيون

    ادا طاهر تمام سٺو سلسلو هلايو اٿئي ۔ جاري رکجو ، جزاڪ الله محترم
     
  5. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سائين قاسمي جون ڳالهيون

    ادا بهترين ونڊ آهي .
     
  6. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: سائين قاسمي جون ڳالهيون

    ادا ّطاهر توهانجون مهربانيون جو قاسمي صاحب ٍجهڙي عظيم شۡخصيت جي باري ۾محترم ڪليم الله لغاري جو ليک هن اوطاق جي اڱڻ تي چٽيو اٿئو۔​
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سائين قاسمي جون ڳالهيون

    ادا طاهر مهرباني

    اوهان سنڌ جي هڪ اهم شخصيت سائين غلام مصطفى قاسمي رحه جون ڳالهيون ونڊ ڪيون۔

    قاسمي صاحب سنڌ جي عالمن ۾ اهم جاء والاري ٿو جنهن تحقيق، فقهي ، حديث جي علم کي عام ڪيو آهي
     
  8. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سائين قاسمي جون ڳالهيون

    [​IMG]
    ۔علامه غلام مصطفه قاسمي صاحب رح جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، ادا جڏهن پوئتي ڏسجي ٿو ته سنڌ ڌرتي الائي ڪيترا اهڙا ثپوت پيدا ڪيا آهن جن تي سنڌ، سنڌي ماڻهون ۽ سنڌي ٻولي کي فخر حاصل آهي، انهن ثپوتن مان حضرت علامه غلام مصطفه قاسمي صاحب جن به هڪ هئا، علامه صاحب 21 ذي القعد 1342ه مطابق 1916ع تي ڳوٺ ڀنڀو خان چانڊيو ضلع لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيا، علامه صاحب ذات جا چانڊيا هئا، ۽ سندس والد صاحب جو نالو حافظ محمود چانڊيو هو جيڪو پڻ پنهنجي وقت جو هڪ وڏو عالم ۽ بزرگ هئا ، ۽ وقت جي جيد عالم مولانه غلام صديق شهدادڪوٽيء رح جا شاگرد هئاعلامه صاحب نه صرف مذهبي عالم هئا مگر ان سان گڏ ٻين علمن جا پڻ ماهر عالم ۽ اڪابر هئا، ۽ هنن پاڻ کي صرف مذهبي تعليمات تائين محدود نه رکيو بلڪه پاڻ ديوبند مان فارغ ٿيڻ کان پوء دهلي جي اورئنٽل ڪاليًج ۾ داخل ٿئي مشرقي علمن جي حاصلات لاء پڻ پاڻ پتوڙيائين۔ علامه صاحب اهي خوشنصيب عالم آهن جن جي نگراني ۾ گهٽ مان گهٽ به 100 عالمن اديبن ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي آهي، جن ۾ مشهور نالا هي آهن ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب ، سيد محمود شاه صاحب ۔ ڊاڪٽر عبدالخالق راز سومرو صاحب ، ڊاڪٽر محمد جمن ٽالپر صاحب، ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي صاحب، ڊاڪٽر عبدالجبار مغل صاحب ، ڊاڪٽر آپا شمس عباسي صاحبه ، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي صاحب، ڊاڪٽر شاهنواز سودر صاحب، ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري صاحب، ڊاڪٽر عبدالهادي سرهيو صاحب، ڊاڪٽر مظهرالدين سومرو صاحب، ڊاڪٽر يار محمد قاضي صاحب، ڊاڪٽر محمد ادريس صاحب، ڊاڪٽر عبدالرزاق سومرو صاحب،ڊاڪٽر حبيب الله صديقي صاحب، ڊاڪٽر حافظ عبدالقيوم السندي ( ميراڻي ) صاحب طاهر سنڌي صاحب جا والد صاحب ، ڊاڪٽر عبدالحي ابڙوصاحب جن شامل آهن۔ ( مدير ماهنامه السنڌ اسلام اباد جيڪي پڻ نه ناچيز ممتاز جا دوست آهن ) علامه صاحب هڪ ئي وقت سنڌي، اردو، فارسي، ۽ عربي جا ماهر عالم هئا، سندس انهن ٻولين ۾ ڪيترائي مضمون ۽ مقالا لکيل آهن، جيڪي مقالات قاسمي جي نالي سان پڻ شايع ٿئي چڪا آهن۔قاسمي صاحب نه صرف اسلامي ڪتابن تي ڪم ڪيو مگر قاسمي صاحب جن شاه جي رسالي تي پڻ ڪم ڪيو هو جيڪو ڪن سبب جي ڪري اڌورو رهجي ويو هو۔ علامه قاسمي صاحب جن مولانه عبيدالله سنڌي جي مڪتبه فڪر سان فيضياب هئا، علامه صاحب جن حيدرآباد ۾ پڻ شاه ولي الله جي نالي سان اڪيڊمي جا ڊاريڪٽر پڻ رهيا، ان کان علاوه پاڻ سنڌ يونيورسٽي جا پروفيسر پڻ رهيا، علامه غلام مصطفه قاسمي جهڙيون شخصيتون صدين پڄاڻان ئي پيدا ٿينديون آهن دعا آهي ته رب پاڪ سندس بشري خطائون ميٽي ڪري کيس جنت الفردوس ۾ جايون عطاء ڪري آمين
    ۔۔۔ نوٽ علامه غلام مصطفه قاسمي صاحب رح صاحب جو ڪتاب مقالات قاسمي پڙهڻ لاء ڪتاب جي عنوان مٿان ڪلڪ ڪري پڙهي سگهو ٿا، ادا طاهر صاحب محترم مفتي ڪليم الله ليغاري صاحب جو بهترن مضمون ونڊ ڪرڻ لاء اوهان جي مهرباني۔
    ۔
     
  9. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سائين قاسمي جون ڳالهيون

    بس ادا ڪافي مصروفيت آهي تنهن ڪري جيئن فرصت ملي ٿي اڱڻ تي حاضري ڀريون ٿا۔ پسند ڪرڻ جا ٿورا۔
     
  10. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سائين قاسمي جون ڳالهيون

    مهرباني ادا اوهان جي رياض۔
     
  11. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سائين قاسمي جون ڳالهيون

    ادا اوهان کي پسند آئي اسان جي شيئرنگ اوهان جا ٿورا۔
     
  12. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سائين قاسمي جون ڳالهيون

    مهرباني ادا اوهان جي۔
     
  13. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سائين قاسمي جون ڳالهيون

    مهرباني ادا ممتاز اوهان جي، وقت جي قلت آهي نه ته اوهان سان سٺي ڪچهري ٿي وڃي ها، اها اوهان جهڙن دوستن جي ئي محبت آهي جو اسان هت آهيون۔
     
  14. و حيد کوسو بلوچ

    و حيد کوسو بلوچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2011
    تحريرون:
    298
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    نيشنل بئنڪ ۾ OGII OFFICER
    ماڳ:
    پوسٽ ڌنڱ ڳوٺ ڌنڱ تعلقه شهداد ڪوٽ
    جواب: سائين قاسمي جون ڳالهيون

    ادا تمام لاجواب ونڊ
     
  15. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سائين قاسمي جون ڳالهيون

    ادا طاهر سنڌي صاحب توهان جي مهرباني جو توهان پنهنجي محبت ڏيکاري، ادا هت مان محترم ڊاڪٽر عبدالحي ابڙوصاحب جي تصوير ته ونڊ ڪريان ٿو اگر توهان وٽ پنهنجي والد صاحب صاحب، ڊاڪٽر حافظ عبدالقيوم السندي ( ميراڻي ) صاحب جي تصوير سنڌ سلامت جي فورم تي مختصر تعارف سان پيش ڪندا ته مهرباني، محترم صاحب، ڊاڪٽر حافظ عبدالقيوم السندي ( ميراڻي ) صاحب جون علمي ادبي حوالي سان ڪوششون پڻ تعريف لائق آهن مان سندس تمام سهڻا مضمون محترم ڊاڪٽر عبدالحي ابڙي صاحب جي نگراني ۾ نڪرندڙ رسالي السنڌ ۾ پڙهندو هئس، ادا منهنجي طرفان سائينجن کي سلام عرض ڪندا۔ مهرباني۔
    محترم ڊاڪٽر عبدالحي ابڙوصاحب مدير ماهنامه السنڌ اسلام آباد ​
    ۔
    [​IMG]
     
  16. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408

    ابراهيم لاشاري (وارهه)

    باشعور ۽ باوقار قومن جو سرمايو ان جا اعلي اديب ، عالم ، فاضل ، محقق، شاعر ، سگهڙ ، بيباه صحافي ۽ نيڪ انسان هوندا آهن ، انهن جي سيبتائب ۽ انهن جو قدر ۽ قيمت جو ڪو ڪاٿو ڪونه ڪري سگهبو آهي اهڙا بي بها اڻلڀ موتي هر زماني ۾ پنهنجو پنهنجي ڌرتي جو نالو ڏيهان ڏيهه مشهور ڪندا رهن ٿا ، اهڙن مڻيادار انسانن منجهان سنڌ جو هي ڏاهو جيد عالم ،محقق، فاضل ، شاهه سائين جو پارکو علامه غلام مصطفي قاسمي صاحب گرمي جي مند تاريخ 24جون1916ع مطابق 21 ذوالقعد 1342هجري منجهه حافط محمود چانڊيو جي گهر منجهه صبح صادق پرهه ڦٽي مهل اکيون کولي پنهنجي زندگي جو سفر شروع ڪيو سندس ڏاڏي جو نالو پيارو خان ۽ پڙ ڏاڏي جو نالو رتو خان چانڊيو هو علامه قاسمي صاحب جو تعلق اباڻي ڳوٺ ڀنڀو خان چانڊيو سان جيڪو اڳوڻي ضلعي لاڙڪاڻي ۽ هاڻوڪي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي تعلقي ميروخان سان هو علامه غلام مصطفي قاسمي صاحب اڃان ٽن سالن جي عمر جو مس ٿيو ته سندس والد جي سائي کان محروم ٿي ويو سندس والد ڊسمبر جي 4 تاريخ سال 1919ع ڌاري لاڏاڻو ڪري ويو هو .سندس ابتدائي تعليم والد صاحب جي قائم ڪيل مدرسي (تحفط القران ) منجهه مولانا فتح محمد شيراني کان ناظره قران ۽ فارسي جو علم به اتان ئي حاصل ڪيائين ،تنهن بعد ميروخان ۾ قائم مدرسي مولانا خوش محمد تنيي ميروخاني وٽ به تعليم پرايائين ، مگر جلدي پوءِ ڪور سليمان قمبر ڀرسان مولوي عبدالڪريم ڪورائي جي قائم ڪيل مدرسي (مدرسه دار الفيض ) ۾ داخل ٿي تعليم حاصل ڪندو رهيو .تنهن بعد پير تراب علي شاهه صاحب علي خان قمبر ۾ ديني مدرسو کولرايو جتي سندس استاد عبدالڪريم ڪورائي سان گڏجي تعليم پرائيندو رهيو ۽ درسي نطامي تعليم حاصل ڪري ورتائين علامه غلام مصطفي قاسمي صاحب ننڍي هوندي تمام هوشيار ۽ ذهين هوندا هئا . علامه صاحب کي فارسي ، عربي ۽ سنڌي ٻولي جي وڏي ڄاڻ هوندي هئي علامه صاحب فاضل ديوبند ، مولوي فاضل فاضل اديب ۽ فاضل طب جي تعليم سان سرشار هو کيس ديني علمن جهڙوڪ حديٽ ، فقه، تفسير ، منطق ، فلسفي ، تصوف وغيره جو ڪو مٽ ثاني ڪونهي ۽ سندس ڪمال جهڙي ڄاڻ حاصل هوندي هيس .علامه غلام مصطفي قاسمي صاحب وڌيڪ ديني علم پرائڻ لاءِ هنڌ سنڌ جي مشهور مدرسي ديني درس گاهه (دارالعلوم قاسميه ديو بند ) هندستان جو رخ ڪري ديوبند درس گاهه ۾ پاڻ چوٽي جي عالمن مولانا محمد ابراهيم بلياوي ، مولانا حسين احمد مدني ،مولانا عبيدالله سنڌي ، مو لانا اعزاز علي ديوبندي وٽ علمي ڄاڻ ورتائين، ديوبند مدرسي جي باني مولانا محمد قاسم نانوتوي جي نسبت سان (قاسمي ) جي خطاب سان سڏرائيندو هو ۽ سڄي ڄمار قاسمي صاحب جي نالي سان مشهوري ماڻيائين پاڻ ٽي چار سالن تائين ديوبند مدرسي منجهان پنهنجي سونهاري سنڌ اچي پهتو ، ديوبند منجهان واپسي بعد پاڻ اول پنهنجي استاد مولانا خوش محمد ميروخاني جي حڪم ۽ مشوري سان سنڌ جي سهڻي شهر شڪارپور هڪ مشهور ديني درسگاهه (دارالسعادت) ڳوٺ گورو پهوڙ منجهه پڙهائڻ شروع ڪيائين ، ان زماني ۾ ان ئي درس گاهه ۾ سنڌ جي وڏن وڏن عالمن شاگرد ٿي فيض حاصل ڪندا رهيا جن منجهان مولانا عبدالڪريم قريشي ٻير وارو ، مولوي عبدالله بروهي ، مولوي محمد يوسف کوسو ، علامه رحمت الله طارق مگسي ، مولوي عزيزالله جروار ، مولوي عبدالعزيز مستوئي، مولوي محمد صالح ڀٽو آگاڻين وارو ۽ ٻيا ڪيترائي علم ۽ ديني ڄاڻ پرائيندا رهيا .علامه قاسمي صاحب نيڪ نيت ، باشريعت ،قول فعل جو سڄو انسان مهمانوازي جي به ڇا ڳالهه ڪجي ، فراخ دل انسان سندس تي سنڌ جي سڀني عالمن ۽ عام ماڻهن کي شخصيت تي فخر رهندو پاڻ ڪجهه عرصو ميرپور ڀٽو ۾ ( مدرسه بيت الحڪمت ) ۾ به پڙهايائين جتي با ڪمال ذهين شاگرد سنڌ جو جيد عالم حضرت مولاناعبدالڪريم قريشي ٻير وارو پڻ ساڻن گڏ هو اتي به ڪيترن ئي شاگردن ديني علم منجهان فيضياب ٿيندا رهيا . ٿوري وقت کان پوءِ علامه غلام مصطفي قاسمي صاحب جن گهوٽڪي ۾ (قاسميه گهوٽڪي ) مدرسي ۾ پڙهائڻ لاءِ سيد فخرالدين شاهه جي درخواست تي ويا جتي مدرسي (صدر مدرس ) مقرر ڪيائون ، انهي مدرسي منجهان سنڌ جو ڏاهو با شريعت عالم حضرت مولانا عبدالڪريم قريشي ٻير وارو ، مولانا محمود عمر دستار بند پڻ ٿيا اهو مدرسو مولانا تاج محمد امروٽي صاحب جي حڪم تي سيد فخرالدين شاهه ۽ سندس ڀاءَ سيد شير محمد شاهه قائم ڪرايو هو ،تنهن بعد علامه غلام مصطفي قاسمي صاحب مولانا محمد صديق کڏي واري جي چوڻ تي ( مدرسه مظهرالعلوم کڏي ) منجهه سال 1949 ع کان سال 1951ع تائين جي عرصي ۾ (شيخ الحديث ) جي حيثيت سان پڙهائيندا رهيا .سال 1958ع ڌاري علامه غلامصطفي قاسمي صاحب کي سيد غلام مصطفي شاهه ايس _ ايم ڪاليج ڪراچي منجهه عبي جو ليڪچرار مقرر ڪيو جتي سال 1963ع تائين ڪيترن ئي شاگدن کي علم جي روشني سان نوازيندو رهيو 28 اپريل سال 1987ع تي کيس ٽن سالن جي مدي لاءِ چنڊ ڏسڻي ڪاميٽي ( مرڪزي رويت حلال ) جو چيئرمين جو اهم عهدي سان نوازيو ويو ان کان علاوه علامه قاسمي صاحب شاهه ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد جو ڊائريڪٽر سال 1963ع کان 2002 تائين پڻ رهيو علامه غلام مصطفي قاسمي صاحب سنڌ عونيورسٽي حيدرآباد منجهه ڪيترن شعبن سان سلهاڙجي گائيڊ طور اعزازي پروفيسر ٿي رهيو ، هن سنڌ جي ڏاهي عالم علامه قاسمي صاحب سنڌي ، اردو ، عربي ، فارسي ، مسلم هسٽري ، اسلاميات ۽ ٻين شعبن منجهان تمام وڏي انگ 55 کان به مٿي اعلي ڊگري ڦي _ايڇ _دي ۽ ايم _فل اسڪالر پيدا ڪيا . انهن ساگردن اسڪالرن پنهنجي شعبي ۾ پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجو نالو ڏيهان ڏيهه مشهور ڪرايو، سندس شاگرن جو هڪ وڏو تعداد آهي جن منجهه اڄ جا عالم اديب ، دانشور پڻ شامل آهن علامه غلام مصطفي قاسمي صاحب جن پاڻ ڪيرترائي ڪتاب ، مضمون مقالا لکي سنڌي ادب کي آسودو ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪوششون ڪيون سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کي سندس ڏات علم تي اڄ به فخر آهي پاڻ ان کان علاوهه ڌرتي جي وڏي مان وڏي شاعر حضرت شاهه عبد اللطيف ڀٽائي رح جي ڪلام کي ترتيب ڏئي (شاهه جو رسالو ) ٻن جلدن ۾ سال 1951ع ڌاري ڇپائي پڌرو ڪيو علامه غلام مصطفي قاسمي صاحب جا سوين تحقيقي علمي ادبي مذهبي مضمون ۽ مقالا سنڌ جي ڪيترن ئي اخبارن ، رسالن جي سونهن بڻجندا رهيا ، سندس ادي پورهي ۾ ڪيترائي ڪتاب اچي وڃن ٿا جن ۾ مٽو مرسل صلي الله عليه وسلم ، تفسير سورت سبا ، پاره الم ، الهام الرحمان في تفسير القران _ بنيادي لغت ، شاهه سائين جو رسالو ، سماجي انصاف ۽ اجتماعيت، شاهه ولي الله جي فلسفي روشني ۾ سطعات _انصاف _ مفيد منطق . وغيرهه علام غلام مصطفي قاسمي صاحب پنهنجي زندگي منجهه ڪيترن ئي انعامن اعزازن سان نوازيو ويو جن جو ڪو ڪاٿو ئي نٿو ڪري سگهجي حڪومت پاڪستان پاران سال 1978ع ڌاري مليل صدارتي ايوارڊ تمغه امتياز ، ۽ 4 جنوري سال 1994ع ڌاري ان وقت جي وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي هٿان مليل (طالب المولي ايوراڊ سان پڻ نوازيوويو قاسمي صاحب پڻ ٻين ڪيترن ئي علمي ، ادبي ثقافتي پروگرامن منجهه شرڪت ڪندو رهندو هو آخر ڪار سڀني کي موت جو ذائقو چکڻو آهي پاڻ سوين عالم ، اديب شاگردن کي ڇڏي 9 ڊسمبر 2003 ع زندگي جو 87 بهارون ڏسي راهه رباني ٿي ويو سندس علمي ادبي مذهبي ڪم کي اڄ به ساراهيو وڃي ٿو علامه قاسمي صاحب جي مڙهه کي حيدرآباد جي ميان غلام نبي ڪلهوڙي جي مقبري جي احاطي ۾ کين دفنايو ويو ء ڏسپتو ​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو