سريلنڪا فائنل ۾ - عالمي ڪپ ايشيائي ٽيم وٽ ئي رهندو

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏29 مارچ 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [JUSTIFY]اڄ ڪولمبو ۾ ٿيندڙ پهرين سيمي فائنل ۾ سريلنڪا جي ٽيم نيوزيلينڊ جي ٽيم کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچي وئي آهي۔ اهڙي طرح فائنل هاڻي ايشيائي ٽيمن ۾ ئي ٿيندو۔

    ٽاس کٽي نيوزيلينڊ پهريان بئٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو۔ پهرين وڪيٽ 32 تي ڪري جڏهن برينڊن ميڪلم 13 رنسن تي هيراٿ جي هٿان بولڊ ٿيو۔ 69 تي ٻي وڪيٽ به ڪري۔ 84 رنسن تي 3 وڪيٽون ڪرڻ کانپوء ٽيلر ۽ اسٽائرس جي بهترين شراڪت ٿي۔ ٽيلر 36 ۽ اسٽائرس 57 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا۔ 204 تي 5 وڪيٽون ڪرڻ کانپوء نيوزيلينڊ جا باقي رانديگر جلدي آئوٽ ٿي ويا ۽ پوري ٽيم 217 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي۔ ملنگا ۽ مينڊس ٽي ، ٽي ۽ مرليڌرن 2 وڪيٽون ورتيون۔ مرليڌرن جي سريلنڪا ۾ هي آخري ميچ هئي۔

    217 رنسن جي تعاقب ۾ سريلنڪا بهترين شروعات ڪئي پر 40 جي مجموعي اسڪور تي اپل ٿرانگا سائوٿي جي بال تي 30 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو۔ ٻي وڪيٽ تي ڪپتان سنگاڪارا ۽ دلشان 120 رنسن جي شاندار شراڪت ڪئي۔ دلشان 73 ۽ سنگاڪارا 54 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا ته سريلنڪا جي ٽيم پريشر ۾ اچي وئي، جلد جيوردني به آئوٽ ٿيو۔ پر پوء ميٿيوز ۽ سمارا ويرا جي ناقابل شڪست شراڪت سبب سريلنڪا 48 هين اوور ۾ 220 رنسون ٺاهي ميچ کٽي ورتي ۽ فائنل لاء ڪواليفائي ڪري ورتو۔ ٽم سائوٿي ٽي وڪيٽون ورتيون۔

    ڪمارا سنگاڪارا کي مين آف دي ميچ جو اوارڊ ڏنو ويو[/JUSTIFY]

    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو