موهالي ميچ جا خريدار ۽ حصيدار

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏30 مارچ 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,276
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    انڊيا پاڪستان سيمي فائنل

    موهالي ميچ جا خريدار ۽ حصيدار​

    نسيم کوسو​


    [JUSTIFY]کڻي ڇا به هجي، پر اها انساني نفسيات آهي ته اها ڪنهن ننڍي جهڳڙي، تضاد يا تڪرار کي جنگ سان تشبيهه ڏئي ان کي قبولي وٺندا آهن. دنيا جي تمام ٿورن ملڪن ۾ يا کڻي ائين چئجي تڪراري سرحدي علائقن ۾ رانديون هميشه جنگ سان تشبيهه ڏنيون وينديون آهن. يوناني شهري رياستن اسپارٽا ۽ ايٿنيز ۾ تڪرار ڪنهن به معاملي تي هجي پر راندين کي هو هميشه جنگي معرڪو بڻائي ڇڏيندا هئا. اسپارٽن وڌيڪ جنگجو هوندا هئا، جڏهن ته ايٿينز وارا وڌيڪ مهذب ۽ تعليم يافته هوندا هئا، تنهن هوندي به هو ننڍي ۾ ننڍي تڪرار کي به جنگي ليول تي کڻي ايندا هئا. ائين ٻنهي شهري رياستن، پوري يونان ۽ خطي ۾ پلي پولينيشيائي جنگيون ڇڙي ويون، جن پوري خطي جي تاريخ ۽ نقشي کي تبديل ڪري ڇڏيو.

    هي سڄو پس منظر ان ڳالهه کي واضح ڪري رهيو آهي ته اڄ موهالي (چندي ڳڙهه) ۾ ٿيندڙ پاڪستان ۽ هندوستان وچ ۾ ٿيندڙ عالمي ڪپ جي سيمي فائنل جو ميچ اسپارٽا ۽ ايٿنيز جي تڪرار کان گهٽ نه آهي. هي اها ميچ آهي جنهن لاءِ پوري برصغير جي رياستي ادارن، رياستي مشينري، ميڊيا، انتهاپسند، فنڪار، سياسي اداڪار ۽ عوام جون ننڊون حرام آهن. هن هڪڙي ميچ جي ڪري پورو برصغير هڪ اهڙي حرڪت ۾ آهي جنهن جو اڳ ڪو مثال نه آهي. ايتري تائين جو پوري برصغير جا ٻه وڏا من موهن ۽ گيلاني صاحب هڪ ٽيبل تي ڪٺي ٿيا آهن. هن وقت پوري برصغير ۾ هڪ عجيب قسم جي حرڪت آهي هڪ قسم جي سنسني خيزيت آهي ڪجهه به ٿي سگهي ٿو، ڪجهه نه به ٿي سگهي ٿو. ڪرڪيٽ ڊپلوميسي جي نظر ٿيندڙ هي ميچ (Cricket diplomacy affected match) ڀلي برصغير جي عوام کي اٽو، لٽو ۽ اجهو نه پهچائي سگهي پر هن پوري ميچ جي اسٽيڪ هولڊرز کي گهڻو فائدو ڏيندي. ڀلي هندوستان يا پاڪستان ڪا به ٽيم ميچ هارائي، فائدو ته اسٽيڪ هولڊرز کي ٿيڻو آهي ۽ تمام وڏي سيڙپڪاري ٿيل آهي انهن حصيدارن (Stake Holders) جي هن ميچ ۾ هيءَ ڳالهه ذهن ۾ رکڻ انتهائي ضروري آهي ته اڄ جي دؤر ۾ يا وري ويجهي ماضيءَ جي دور ۾ Sporting events (رانديون) هڪ معاشي سرگرمي کان گهٽ نه آهن. راند صرف راند نه آهي پر پوري هڪ معاشي ڦيرو (Economic cycle) آهي، جنهن مان هر ڪوئي جهجهو فائدو کڻي رهيو آهي. سڀ کان وڌيڪ اهم ڳالهه هي آهي ته اڄ جي ٿيندڙ هن ميچ جا حصيدار (Stake Holders) ڪير آهن ۽ انهن کي ڪيترو فائدو آهي، جيڪي اسان جي تجزئي مطابق هيٺيان آهن.

    برصغير جون رياستون:

    ڊرامائي انداز ۾ برصغير جون ٻه وڏيون رياستون هندوستان ۽ پاڪستان هن ميچ جون سڀ کان وڏيون حصيدار آهن، ڪلهه تائين خاموش ويٺل هي رياستون اچانڪ هن ميچ اندر ڪاهي پيون آهن. ڇو ته کين خبر آهي ته هي اهو واحد مرڪز آهي ته جتي ٻنهي ملڪن جو لاچار ۽ بيوس عوام گڏ آهي ۽ سندن جذبا، جنون، خواهشون، دعائون سڀ ڪجهه هن ميچ ۾ شامل آهن. ان موقعي مان ڀرپور فائدو وٺي پنهنجي حڪمراني کي اڃا استحڪام ڏجي. ياد رهي ته حڪمران عوام جي جذبات مان ڀرپور فائدو وٺندا آهن ۽ ان جذبات جي آڙ ۾ وڏا وڏا فيصلا ڪري وٺندا آهن، جيڪي عوام لاءِ گهٽ اهم ۽ سندن حڪمراني لاءِ وڌيڪ اهم هوندا آهن. هي واحد پليٽ فارم آهي جتي ٻئي رياستون هڪ ٻئي جي طاقت پرکينديون (Sporting طاقت نه) اها طاقت جيڪا هن ميچ جي مظهرن سان جڙيل آهي. معاشي طاقت ۽ انتهاپسندي جي طاقت، ٻنهي ملڪن جا انتهاپسند هڪ ٻئي جي ٽيم کي سپورٽ ڪري رهيا آهن ۽ رياستي حڪمران ان موقعي تي گڏ آهن. ان ملاقات ۾ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. ميچ وٺو ها ڪجهه وٺو ۽ ڪجهه ڏيو، اهو هن ميچ ۾ ممڪن آهي.

    انتهاپسند

    اڄوڪي ميچ جا اهم حصيدار (Stake Holders) انتهاپسند به آهن، هو به هن موقعي کي هٿان وڃائڻ ڪو نه ڏيندا. ڪنهن به انتهاپسند جي سڀ کان وڏي طاقت آهي هن جي ڌمڪي، انتهاپسند هميشه پنهنجي ڌمڪي جي ذريعي زنده رهندا آهن ۽ ڌمڪي ڏئي پنهنجي هجڻ جو احساس ڏياريندا آهن. خبرون آهن ته هندوانتها پسند شيوسينا پاڪستاني کلاڙين کي ڌمڪي ڏني آهي ته هو آرام سان هندوستان کي هارائي نه ٿا وڃي سگهن. جڏهن ته هن ملڪ جا انتهاپسند به ان معاملي ۾ پوئتي نه آهن. هتان جي انتهاپسندن به پنهنجي ٽيم کي حمايت ڪرائي آهي هو مسلسل پنهنجي ٽيم (پاڪستاني ٽيم) کي جذبو ڏيارائي رهيا آهن ته توهان جي جنگ بت پرستن سان آهي توهان بي دين ماڻهن سان مهاڏو اٽڪائي ر هيا آهيو 17 ڪروڙ عوام جي دعائن سان توهان سرخرو ٿي ويندا ۽ ڪافرن کي ماري مات ڪندا، وغيره وغيره. حيرت آهي ته هتان جو 17 ڪروڙ عوام (جيڪا حقيقت نه آهي 60 سيڪڙو ماڻهو ڪيبل کان محروم آهن) مسلمان ٽيم کي سپورٽ ڪري رهي آهي ته توهان کين ماري مات ڪيو، جڏهن ته هندوستان جا 19 ڪروڙ مسلمان وري انهن جي حق ۾ دعاگو آهن ته هو پاڪستاني مسلمان ٽيم کي ماري مات ڪن! هي تضاد آهي بنيادي تضاد، هي تاريخي تضاد آهي، هن پوري ميچ جي منظر ۾ هندوستاني مسلمان نظر نه اچي رهيا آهن. جڏهن ته هندوستاني ۽ پاڪستاني انتهاپسند آمهون سامهون آهن، ڪنهن به ٽيم جي هارائڻ جي صورت ۾ ان ملڪ ۾ انتهاپسندن جي حرڪت ۾ اچڻ جا امڪان وڌيڪ آهن. انتهاپسندي برصغير جو تمام وڏو مسئلو آهي ۽ هن قسم جي Event ۾ انتهاپسندي عروج تي پهچندي آهي، جنهن کي هتان جي ميڊيا تمام گهڻي اُڇاليندي آهي.

    ڪمپنيون ۽ ميڊيا

    ڪمپنين ۽ ميڊيا کي گڏ ڪرڻ مان مقصد آهي ته ڪمپنين ۽ ميڊيا يا ٻنهي جا مالي مفاد آهن. هن ميچ ۾ (۽ پوري ورلڊ ڪپ ۾) اڄوڪي ڏينهن تي برصغير جو هڪ وڏو حصو پنهنجو وقت ٽي وي اسڪرين تي گذاريندو ۽ هر سيڪنڊ ۽ هر منٽ معاشي حوالي سان (Economic Terms) فائديمند هوندو. ٽي وي چينلز ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنين لاءِ اربين ۽ کربين روپين جي سيڙپڪاري آهي انهن ڪا ڪمپنين جي پوري ورلڊڪپ ڪا به ٽورنامينٽ هجي، کڻي اولمپڪس هجي، فوٽبال ايونٽ هجي يا ڪامن ويلٿ گيمز جتي به منعقد ٿين ان ملڪ کي مالا مال ڪنديون آهن. ڪمپنيون ان لاءِ اربين روپين جي سيڙپڪاري ڪنديون آهن. ڇو ته کين ان ۾ خبر آهي، ماڻهو پنهنجي قيمتي وقت مان ٽائيم ڪڍي به ٽي وي اسڪرين آڏو ايندا ۽ سندن پروڊڪشن جي مشهوري ڏسي ضرور استعمال ڪندا. ٽي وي چينلز جي اربين ۽ کربين روپين جي سيڙپڪاري ٿيل آهي صرف ميچ ڏيکارڻ جا حق حاصل ڪرڻ لاءِ ان جو مثال ڪيبل آپريٽرز ۽ هڪ اردو چينل جي وچ ۾ تڪرار کان ملي ٿو، ان اردو چينل اربين روپين جي سيڙپڪاري ڪئي آهي صرف ميچ ڏيکارڻ جا حق حاصل ڪرڻ لاءِ. جنهن لاءِ ان وري سپريم ڪورٽ کان به فيصلو ورتو آهي ته صرف اهي ئي ميچون ڏيکاريندا ۽ هي صرف معاشي معاملا آهن. هن ۾ ٻيو ڪجهه نه آهي. صرف مالي فائدا آهن، اربين روپين جي سيڙپڪاري جو ٿي آهي! ڇا توهان جي ذهن ۾ اهو سوال اٿي ٿو ته اهو اردو چينل جيڪڏهن اهي اربين روپيا ٻوڏ متاثرن جي ڀلائي لاءِ خرچ ڪري ها ته ڪيڏو نه ڀلو ٿئي ها. پر نه! معاشيات جي دنيا بي رحم هوندي آهي. ان ۾ اخلاقيات ۽ قدر نه هوندا آهن. ان ۾ صرف مالي مفاد هوندا آهن. اربين رپين جي سيڙپڪاري مان مطلب اربين روپيا ڪمائڻ. تڏهن ته توهان کي ان چينل تي هر خبر ڪرڪيٽ جي خبر جي طور ملندي. اڄڪلهه ان جي ليڊ خبر ڪرڪيٽ ئي آهي. هو توهان جي جذبن تي حاوي آهن. ان جي هر نشريات توهان جا جذبا اڀاريندي، توهان جي اندر قومپرستي جي لهر اڀرندي.

    سٽي باز

    هي به اڄوڪي ميچ جا اهم حصيدار آهن. هي سنسي خيزيت به سندن Rate of Return (معاوضو) وڌائي رهي آهي. راندين جي شروعات جسماني تفريح لاءِ ٿي هئي پر اڄ جي دؤر ۾ ۽ ويجهي ماضي ۾ رانديون سٽي بازي لاءِ آهن. هر ميچ سٽي بازي کان خالي نه آهي. هيءَ سٽي بازي اسان وٽ انگريز گورن کان آئي آهي. انگريز گورا جڏهن گهوڙن جي ريس ڪرائيندا هئا ته هو مخصوص گهوڙن تي سٽو رکندا هئا. اها روايت اڄ به روان آهي، اڄ به ڄڻ هر کلاڙي هڪ گهوڙو آهي، جيترو کلاڙي ڀلوڙ، اگهه به اوترو ڀلو هوندو. ان لاءِ اڄوڪي ميچ جي سنسني خيزيت ۾ سٽي بازن جو وڏو حصو آهي. ايتري تائين جو هو ميچ جو رزلٽ به تبديل ڪري سگهن ٿا. رياستون، انتهاپسند، ڪمپنيون کڻي ڇا به ڪن جيڪڏهن سٽي بازن جو زور (اگهه) هلي ويو ته ميچ جو رزلٽ به تبديل ٿي سگهي ٿو. ان لاءِ کلاڙين مٿان سٽي بازن جو تمام گهڻو پريشر رهندو آهي. هن وقت دنيا ۾ سٽي بازي جا چار وڏا مرڪز ٻڌايا وڃن ٿا. انگلينڊ، دبئي، ممبئي ۽ ڪراچي، جتان جا سٽي باز اگهه هڻي ڪري ميچ جو رلزٽ ائين تبديل ڪندا آهن جيئن ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ شيئرز تبديل ٿيندا آهن. انگلينڊ ان لاءِ سٽي بازن جو مرڪز آهي ڇو ته سٽي بازي جي شروعات انگريز نوابن کان ٿي ۽ اها روايت سندن نوابي شان کي اڄ تائين هلائيندي ٿي اچي.

    آخري تجزيو

    کڻي ڇا به ٿئي ڪير کٽي يا هارائي پر برصغير جو عوام جيئن ڪلهه لاچار ۽ بيوس هو تيئن اڄ به ٿيندو. هار سندن مقدر هوندي، ڪرڪيٽ ڊپلوميسي جو نتيجو ڪجهه به نڪري، مال ته ڪمپنيون، ميڊيا ۽ سٽي باز ميڙي ويندا! انڊيا يا پاڪستان، ڪو به کٽي يا هارائي انتهاپسندي ڪجهه وقت لاءِ کٽي ويندي يعني اهو ئي هوندو جيڪو ٿيندو آيو آ، ڪمپنيون وڌيڪ منافعو ڪمائينديون ۽ انتهاپسندي پنهنجا پير پختا ڪندي ۽ ٻي ڏينهن جي اخبارن ۾ ٽائرن کي باهيون ۽ کلاڙين جي پتلن کي باهيون هونديون، ميڊيا عوامي مسئلن کي نظرانداز ڪندي رهندي. مڊل ايسٽ جو انقلاب ننڍي خبر طور هليو ويندو ۽ ليڊي هيلٿ ورڪرن جي تحريڪ به نظر انداز ٿيندي صرف جيت ۽ جذبا هلندا رهندا ميڊيا تي عوام جا مسئلا ساڳيا هوندا. مطلب سياست کي اڃا نئين پچ جي ضرورت آهي.[/JUSTIFY]

    روزانه عبرت جي ٿورن سان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو