لائيو ڏسو پاڪ ڀارت ڪرڪيٽ مقابلو

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏30 مارچ 2011۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.

    [​IMG]

    ۔
    اڄ موهالي ۾ ميگا سيمي فائنل، پاڪستان ۽ ڀارت مقابلي ۾ لٿل، ​

    اڄ موهالي ۾ ميگا سيمي فائنل، پاڪستان ۽ ڀارت مقابلي ۾ لٿل، عوام ۾ اتساهه، دعائون، ٻئي وزيراعظم پڻ راند ڏسندا۔۔موهالي ورلڊ ڪپ 2011ع جو سيمي فائنل اڄ روايتي مخالفن پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ موهالي اسٽيڊيم ۾ ٿي رهيو آهي، پاڪستاني وقت موجب اها ميچ منجهند جو 2 وڳي شروع ٿيندي. پيپڪو پاران ميچ دوران لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جو اعلان، سنڌ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو. وفاقي، بلوچستان ۽ پنجاب حڪومت پاران اڌ ڏينهن بعد موڪل جو اعلان ڪيو ويو. سيمي فائنل کي ٻنهي ملڪن جا وزيراعظم من موهن سنگهه ۽ يوسف رضا گيلاني گڏجي ڏسندا. وزيراعظم يوسف رضا گيلاني سان سياسي اڳواڻن ۽ ڪابينا ميمبرن جي 50 رڪني وفد سان ڀارت پهچندو، چندي ڳڙهه پهچڻ بعد وزيراعظم گيلاني کي ڀارتي فضائيه جي جهاز ۾ موهالي اسٽيڊيم آندو ويندو. سيمي فائنل لاءِ حفاظتي انتظام سخت ڪيا ويا آهن. جاسوسي جهازن موهالي جي هوائي حدن ۾ اڏامون شروع ڪري ڇڏيون آهن. فول پروف سيڪيورٽي انتظام ڪيا ويا آهن. ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ وڏيون اسڪرينون لڳايون ويون آهن. خبر موجب ڪرڪيٽ جي دنيا جي ٻن عظيم طاقتن ۽ روايتي مخالفن پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ 10هين عالمي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي ٻي سيمي فائنل ميچ (اڄ) اربع ڏينهن موهالي جي پنجاب ايسوسيئيشن ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي، ٻئي ٽيمون پهريون ڀيرو ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ۾ مهاڏو اٽڪائينديون. پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٿيندڙ هن ميچ لاءِ موهالي کي نو فلاءِ زون ايريا قرار ڏنو ويو آهي جڏهن ته انڊين ايئرفورس جي هيليڪاپٽرن کي اسٽيڊيم جي هوائي نگرانيءَ لاءِ اسٽينڊ باءِ رکيو ويو آهي، پاڪستان ۽ ڀارت جي اهم شخصيتن جي حفاظت لاءِ اسٽيڊيم جي چوڌاري اينٽي ڪرافٽ گنن سميت جديد ترين هٿيارن سان ليس سيڪيورٽي فورسز کي هزارن جي انگ ۾ اسٽيڊيم جي اندران ۽ ٻاهران مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته نيشنل ريسرچ آرگنائيزيشن کي اسٽيڊيم جي هوائي نگرانيءَ جو ڪم ڏنو ويو آهي جيڪي بنا پائليٽ جي جهاز استعمال ڪري سگهن ٿا. پاڪ ۽ ڀارت جي رانديگرن جي هوٽل ٻاهران وڏين عمارتن تي سينسرز لڳايا ويا آهن، ڀارتي حڪومت سيڪيورٽي جا اهڙا قدم دهشتگردن جي امڪاني حملن کي روڪڻ لاءِ ڪيا آهن، هوڏانهن پاڪستان جي ننڍن وڏن شهرن ۾ اها ميچ ڏسڻ لاءِ وڏيون اسڪرينون لڳايون ويون آهن جڏهن ته ملڪ جي وڏن شهرن ۾ سئنيما اسڪرين تي ميچ ڏيکارڻ جا انتظام ڪيا ويا آهن جتي ٽڪيٽن جو وڪرو زور سان جاري آهي، ان کان علاوه عوامي پارڪن ۾ پڻ وڏيون اسڪرنيون لڳايون ويون آهن جتي وڏي انگ ۾ شوقين اها ميچ ڏسندا، جڏهن ته شهرن جي گهٽين ۽ پارڪن ۾ پڻ ان ميچ لاءِ انتظام ڪيا ويا آهن ۽ مسجدن ۾ پاڪستان جي ڪاميابيءَ لاءِ دعائون ڪيون پيون وڃن. ڪرڪيٽ شوقينن جو چوڻ آهي ته ڀارت هڪ چال وسيلي پاڪستان جا پهريان سمورا رائونڊ سريلنڪا ۽ بنگلاديش ۾ رکرايا هئا ۽ سندن خيال هو ته پاڪستان ان رائونڊن ۾ فارغ ٿي ويندو ۽ پاڪستاني رانديگر ڀارت داخل نه ٿي سگهندا پر انهن جي سمورن ارادن تي هاڻي پاڻي ڦري ويو آهي ۽ پاڪستاني ٽيم موهالي ۾ ڀارت سان ئي مهاڏو اٽڪائي رهي آهي ۽ ڀارت جو ان ڳالهه مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڀارتي ڪپتان ڌوني ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڀارتي ٽيم ڀلي فائنل هارائي وڃي پر ڀارت کي سيمي فائنل ۾ پاڪستان سان شڪست کي نه قبوليو ويندو، هوڏانهن سموري قوم پاڪستان جي ڪاميابي لاءِ دعاگو آهي ۽ ڊاڪٽرن بلڊپريشرن ۽ دل جي جذباتي مريضن کي ميچ نه ڏسڻ جو مشورو ڏنو آهي، ان ميچ ۾ آسٽريليا جو سائمن ٽوفل ۽ انگلينڊ جو آئن گولڊ ايمپائرنگ جڏهن ته سريلنڪا جو رانجن مدوگالي ميچ ريفري جا فرض نڀائيندا۔۔۔۔۔۔ بشڪريه عوامي آواز .
    پاڪ ڀارت ڪرڪيٽ مقابلو لائيو ڏسو ​

    سنڌ سلامت جا دوستو پاڪ ڀارت ڪرڪيٽ ميچ مقابلو نيٽ رستي پنهنجي سسٽم ۾ ڏسڻ لاء سپر جيو لائيو توهان لاء هت ونڊ ڪجي ٿو جنهن جي مدد سان توهان پاڪ ڀارت جو سيمي فائينل لائيو ڏسي سگهو ٿا،۔۔۔ توهان کي پهرين هن لنڪ ( سپر جيو ٽي وي لائيو ) کي ڪلڪ ڪري سپر جيو لاء لاگن ٿيڻو پوندو، ۽ پنهنجي ميل ائڊريس ۽ پاس ورڊ وغيره انٽر ڪري توهان لائيو ڪرڪيٽ ميچ ڏسي سگهو ٿا، ياد رهي ته جيو سپر جي نيٽ سروس صرف ڪرڪيٽ دوران ئي حاصل ڪري سگهو ٿا۔هن ميچ مقابلي لاء مختلف ماڻهن جا مختلف رايه نظريه ۽ تبصرا آهن هڪ تبصرو هي به آهي جنهن کي محترم دوست سلامين وساڻ صاحب سنڌ سلامت تي ونڊ ڪري چڪو آهي۔ جنهن جي لنڪ هت پڻ ونڊ ڪجي ٿو۔ موهالي ميچ جا خريدار ۽ حصيدار
    http://www.youtube.com/watch?v=E41XCssp7w0
    http://www.youtube.com/watch?v=i5cYDuvaPnI
    http://www.youtube.com/watch?v=RoMgscSg2YE
    موهالي اسٽيڊيم ۾ پاڪستاني ڪرۡيٽ ٽيم نماز پڙهندي ​

    http://www.youtube.com/watch?v=_VKN0lNVmV4
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: لائيو ڏسو پاڪ ڀارت ڪرڪيٽ مقابلو

    ادا اسان جون دعائون ٽيم سان گڏ آهن باقي ورلڊ ڪپ کٽڻ سان اها قوم سرخرو ڪيئن ٿيندي جنهن کي ايترا زخم مليل آهن، ها بس اهو آهي جو ڪجهه دير لاءِ‌ مسڪرائڻ جو موقعو ملي ويندو۔۔۔​
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: لائيو ڏسو پاڪ ڀارت ڪرڪيٽ مقابلو

    کٽي ڪير به ڇاڪاڻ پاڻ کي سٺي راند ڏسڻ سان مطلب آهي، جيڪو سٺو کيڏندو اهو کٽندو ۔۔۔ جيڪو کگهندو سو پائيندو ۔۔۔

    پر ادي ممتاز جي مهرباني جو اسان لاءِ لائيو سپر جيئو کڻي آيو آهي ۔۔۔ پر هاڻ ميچ شروع ٿئي ته جيو سپر آزمائجي ۔۔۔!!!

    ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: لائيو ڏسو پاڪ ڀارت ڪرڪيٽ مقابلو

    [​IMG]
    ۔ ادا نثار ابڙا صاحب توهان جي مهرباني جو توهان منهنجي هن ونڊ کي پسند ڪيو ،۽ توهان سچ ٿا چئو ته سٺو کيڏندڙ ئي اسان کي وڻندو آهي، مگر اهيا به حقيقت آهي ته جڏهن ڪنهن محفل ۾ ڪنهن ڪچهري ۾ ڪنهن گفتگو ۾ گهر جي ڳالهه يا ڀيٽا ٿيندي آهي ته هر ڪنهن کي پنهنجو گهر ئي پسند هوندو آهي ۽ پنهنجي گهر جي ئي حمايت ڪندو آهي پر جڏهن وري پاڙي جي ڳالهه يا ڀيٽا ٿيندي آهي ته پوء هر ڪنهن کي پنهنجو پاڙو ئي وڻندو آهي ۽ هر ڪو پنهنجي پاڙي جي حمايت ڪندو آهي، پر جڏهن وري شهر جي ڳالهه ٿيندي آهي يا ڀيٽا ٿيندي آهي ته هر ڪنهن کي پنهنجو ئي شهر پسند هوندو آهي، جنهن شهر جي گهٽين ۾ هن ننڍپڻ جا ڏينهن گذاريا هوندا آهن، پر جڏهن وري صوبي جا ڳالهه ٿيندي آهي يا ڀيٽا ٿيندي آهي ته هر ڪنهن کي پنهنجو صوبو وڻندو آهي ۽ هر ڪو پنهنجي ئي صوبي جي حمايت ڪندو آهي ( جيئن اسان هميشه ڪندا آهيو پنهنجي سنڌ سان محبت جي ڪري ) پر وري جڏهن ڳالهه ملڪ جي ايندي آهي ته هر ڪنهن کي پنهنجو ملڪ ئي وڻندو آهي ۽ پنهنجي ملڪ جي ئي جيت کي پسند ڪندو آهي، سو ادا اهڙي ريت اسان به بنسبت هندستان جي ملڪ پاڪستان جي جيت جي حمايت ڪريون ٿا، ۔۔۔ باقي ادا ميچ ته شروع آهي، ۽ مون وٽ ته جيو سپر لائيو هلي پيو مان پاڻ ڏسان ويٺو۔ مهرباني۔۔
     
  5. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: لائيو ڏسو پاڪ ڀارت ڪرڪيٽ مقابلو

    ادا مهرباني جو توهان ڏسيو ته جيو لائيو ڏسو تمام مهرباني ادا
    لک ٿورا
     
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: لائيو ڏسو پاڪ ڀارت ڪرڪيٽ مقابلو

    [​IMG]
    ۔
    ڪرڪيٽ جون ڪجهه تصويرون ڏسڻ لاء هت ڪلڪ ڪريو۔
     
  7. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: لائيو ڏسو پاڪ ڀارت ڪرڪيٽ مقابلو

    ادا اوهان جي مهرباني جو احڙي ناياب ونڊ شيئر ڪئي .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو