عاشق سولنگي
سينيئر رڪن
رضا بخاري
ھي ته ساڳيون ئي صورتون آھن
آئينن کي ڇو حيرتون آھن!
اھم سڀ ڪجھ آ اڄ جي ماڻھن لئه
صرف بيڪار محبتون آھن
ھاڻ ڪوئي نه آ ھتي زنده
بند قبرن ۾ حسرتون آھن
لڙڪ ڀي سانڍجان سڀاڻي لئه
اڄ ئي مرڪڻ جون مھلتون آھن
پاڻ سان ڀي رضا مليو ناھيان
ٿي ويون کوڙ مدتون آھن
ھي ته ساڳيون ئي صورتون آھن
آئينن کي ڇو حيرتون آھن!
اھم سڀ ڪجھ آ اڄ جي ماڻھن لئه
صرف بيڪار محبتون آھن
ھاڻ ڪوئي نه آ ھتي زنده
بند قبرن ۾ حسرتون آھن
لڙڪ ڀي سانڍجان سڀاڻي لئه
اڄ ئي مرڪڻ جون مھلتون آھن
پاڻ سان ڀي رضا مليو ناھيان
ٿي ويون کوڙ مدتون آھن
