ھي ته ساڳيون ئي صورتون آھن، آئينن کي ڇو حيرتون آھن۔۔!!

'ڊزائين ڪيل شاعري' فورم ۾ عاشق سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏30 مارچ 2011۔

  1. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    رضا بخاري

    ھي ته ساڳيون ئي صورتون آھن
    آئينن کي ڇو حيرتون آھن!

    اھم سڀ ڪجھ آ اڄ جي ماڻھن لئه
    صرف بيڪار محبتون آھن

    ھاڻ ڪوئي نه آ ھتي زنده
    بند قبرن ۾ حسرتون آھن

    لڙڪ ڀي سانڍجان سڀاڻي لئه
    اڄ ئي مرڪڻ جون مھلتون آھن

    پاڻ سان ڀي رضا مليو ناھيان
    ٿي ويون کوڙ مدتون آھن

    [​IMG]
     
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ھي ته ساڳيون ئي صورتون آھن، آئينن کي ڇو حيرتون آھن۔۔!!

    واهه سائين واهه بهترين ادا
     
  3. و حيد کوسو بلوچ

    و حيد کوسو بلوچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2011
    تحريرون:
    298
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    نيشنل بئنڪ ۾ OGII OFFICER
    ماڳ:
    پوسٽ ڌنڱ ڳوٺ ڌنڱ تعلقه شهداد ڪوٽ
    جواب: ھي ته ساڳيون ئي صورتون آھن، آئينن کي ڇو حيرتون آھن۔۔!!

    تمام خوبصورت شاعري رضا بخاري جي لاجواب ڊزائين اوهانجي ادا عاشق واه
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ھي ته ساڳيون ئي صورتون آھن، آئينن کي ڇو حيرتون آھن۔۔!!

    خوبصورت شاعري آهي

    مونکي تاجل بيوس جون سٽون ٿيون ياد اچن:

    پاڻ پنهنجا لڙڪ ٿا اگهڻا پون
    ڏينهن اهڙا کوڙ ٿا ڏسڻا پون

    اڄ به بيوس کي گلن جي آس ۾
    رت ڦڙا ٿا باه تي ڇٽڻا پون،
    ڏينهن اهڙا کوڙ ٿا ڏسڻا پون
     
  5. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ھي ته ساڳيون ئي صورتون آھن، آئينن کي ڇو حيرتون آھن۔۔!!




    محترم۔۔دوستو پسند ڪرڻ جي مهرباني۔
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ھي ته ساڳيون ئي صورتون آھن، آئينن کي ڇو حيرتون آھن۔۔!!

    مونکي وري هڪ اردو گيت ياد ٿو اچي، جنهن ۾ چيو ويو هو ته " دنيا ۾ ٻيا غم به آهن محبت کانسوا” مطلب ته انسان جي دنيا به عجيب آهي، جنهنکي محبت ملي ٿي ته انجي اهميت ناهي ۽ جنهنکي نٿي ملي ته مجنون آهي ۔۔۔

    جيئن لطيف سڳوري فرمايو؛

    ڳولهيان ڳولهيان، مَ لهان، شال مَ ملان هوت،
    من انـــدر جي لـــوچ، مڇڻ، ملڻ سان ماٺي ٿئي۔


    هڪ عرض ؛ انهن دوستن لا جيڪي شاعري جي چترڪاري ڪنٿا ته هر بيت ۾ هر ڏک ۾ يا هر مسئلي ۾ عورت جي تصوير هڻي انجي سامهون بيت ٽهڪائي پيش ڪرڻ کي چترڪاري ناهي چئبو، چترڪاري جو مقصد آهي ته ان نظم کي اهڙي ته انداز سان پيش ڪجي جو هو چٽو صاف ۽ پڙهڻ ۾ مزيدار ٿي پوي، انڪر اوهان دوست جڏهن چترڪاري ڪيو ته فطرت جا رنگ جن ۾ ڪي خوشي جا ڪي غم جا ۽ ڪي جدوجهد جا رنگ آهن انهن کي پيش ڪندي شاعر جي شاعري کي وڌيڪ جاذب نظر ٺاهيو ۔۔۔

    مقصد هوندو آهي شاعري ۾ موجود پيغام نه ڪي منظر ڪشي ۔۔۔ پر جيڪڏهن ان شاعري سان ڪو سهڻو منظر پيش ڪيو ويندو جيڪو ان شاعري جي ترجماني ڪندو هجي ته اڃان وڌيڪ بهتر رهندو ۔۔۔ اهو منهنجو خيال آهي ؟ باقي اوهان دوستن جون سنڌي ادب کي اڳتي وڌائڻ جون ڪاوشون قابل تحسين آهي ۔۔۔

    سلام آهي دوست عاشق کي جو هو پنهنجي پسند جا نظم ۔۔۔ بيت ۽ ڪافيون ونڊ ڪري اصل لاجواب ڪري ڇڏي ٿو ۔۔۔ سلام دوست
     
  7. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ھي ته ساڳيون ئي صورتون آھن، آئينن کي ڇو حيرتون آھن۔۔!!

    محترم سائين اوھان جي را تي اسان عمل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪنداسين پر مُڪمل عمل ڪنداسين۔
    جيستائين ھر شاعري ۾ ڪنھن سھڻي ڇوڪري جي تصوير لڳائڻ جي ڳالھ آھي ته۔۔۔۔۔۔۔اڄ ڪلھ زياده شاعري محبوب جي حسن تي ۽ ان جي ناز انداز تي ٿي رھي آھي۔۔۔ان جي ڪري شاعري جي مناسبت سان ڪنھن ناري جي تصوير لڳائڻ به سھي آھي۔
     
  8. غلام مرتضى وساڻ

    غلام مرتضى وساڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    191
    ورتل پسنديدگيون:
    26
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ھي ته ساڳيون ئي صورتون آھن، آئينن کي ڇو حيرتون آھن۔۔!!

    ھي ته ساڳيون ئي صورتون آھن
    آئينن کي ڇو حيرتون آھن!

    واهه ، خوبصورت غزل

    ادا عاشق واه جي ڊزائن ، ڪم وڻيو سائين
     
  9. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ھي ته ساڳيون ئي صورتون آھن، آئينن کي ڇو حيرتون آھن۔۔!!

    محترم سائين مھرباني
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو