سيمي فائنل ۾ پاڪستان کي شڪست ، هندستان فائنل ۾

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏30 مارچ 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [justify]ورلڊ ڪپ 2011 جي ٻئي سيمي فائنل ۾ اڄ موهولي ۾ هندستان جي ٽيم پاڪستان کي 29 رنسن تان شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچي وئي آهي۔ فائنل ۾ سندس مقابلو سريلنڪا جي ٽيم سان ٿيندو۔

    ڀارتي ڪپتان ڌوني اڄ اهم ميچ ۾ ٽاس کٽي پهريان بئٽنگ جو فيصلو ڪيو۔ سهواڳ ۽ ٽنڊلڪر طوفاني شروعات ڪئي ۽ 5 اوورن ۾ اسڪور 48 رنسن تي پهچايو۔ سهواڳ عمر گل جي هڪ اوور ۾ 21 رنسون ورتيون۔ 48 رنسن تي پهرين وڪيٽ ڪري ۽ سهواڳ 38 رنسون ٺاهي وهاب رياص جي بالنگ تي آئوٽ ٿيو۔ گمڀير ۽ ٽنڊلڪر اسڪور کي 116 رنسن تي پهچايو ته حفيظ گمڀير کي آئوٽ ڪري ڇڏيو۔ هڪ موقعي تي وهاب رياض ٻن بالن تي ڪوهلي ۽ يوراج سنگھ کي آئوٽ ڪري پاڪستان کي ميچ ۾ واپس آندو۔ پاڪستان پاران حفيظ، آفريدي، سعيد اجمل ۽ وهاب ريض بهترين بالنگ ڪئي پر عمر گل توقعات تي پورو نه لٿو ۽ هن 8 اوورن ۾ 69 رنسون ڏنيون ۽ ڪا وڪيٽ به ڪونه ورتي۔ ٽنڊلڪر جنهن 85 رنسون ٺاهيون ان جا 4 ڪيچ ڊراپ ڪيا ويا۔ پاڪستان اڄ ناقص فيلڊنگ ڪندي 5 ڪيچ ڇڏيا ۽ مس فيلڊنگ پڻ ڪئي. هندستان جي ٽيم مقرر 50 اوورن ۾ 9 وڪيٽن تي 260 رنسون ٺاهيون۔ پاڪستان پاران وهاب رياض شاندار بالنگ ڪندي 5 وڪيٽون ورتيون ۽ سعيد اجمل به ٻه وڪيٽون ورتيون۔

    جواب ۾ پاڪستاني اوپنرن به شاندار آغاز ڪيو پر پوء هنن جي غيرذميوارانه اسٽروڪس سبب هو آئوٽ ٿي ويا۔ ڪامران اڪمل 19 ۽ حفيظ 43 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا۔ هڪ موقعي تي 102 رنسن تي پاڪستان جا صرف 2 رانديگر آئوٽ هئا پر پوء پاڪستان پاران ڪنهن به بئٽسمين ذميواري جو مظاهرو ڪونه ڪيو ۽ غلظ اسٽروڪس کيڏي آئوٽ ٿيا۔ پاڪستان جي ڪپتان جي غلط منصوبه بندي سبب پاور پلي جو به غلط استعمال ڪيو ويو ۽ رزاق، آفريد ۽ وهاب رياض جون وڪيٽون پاور پلي کان اڳ ئي ڪيرائي ڇڏيون ۽ پاور پلي ۾ صرف مصباح ۽ بالرن کي چانس مليو۔ پاڪستان جي پوري ٽيم 50 هين اوور ۾ 231 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي۔ مصباح 56 رنسون ٺاهيون۔ ظهير خان، نهرا، يوراج ، مناف پٽيل ۽ هربجن ٻه ٻه وڪيٽون ورتيون۔

    [/justify]

    سچن ٽنڊلڪر کي 85 رنسنون ٺاهڻ تي مين آف دي ميچ جو اوارڊ مليو۔

    [​IMG]

    وهاب رياض 46 رنسون ڏئي 5 وڪيٽون ورتيون

    http://www.youtube.com/watch?v=oxp50n3mPcE
     
  2. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: سيمي فائنل ۾ پاڪستان کي شڪست ، هندستان فائنل ۾

    سائين نثار جي ڳاله وانگر سڀ پنجابي پٺاڻ هڪ جهڙا آهين ۔۔۔۔ اڄ ڏاڍي ڪاوڙ آئي پاڪستان جي ان ڪار ڪردگي تي هڪ لائيٽ جو پروبلم ٻيو وري انهن جي غير محتاط بيٽنگ اصل ۔۔۔۔۔۔۔
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سيمي فائنل ۾ پاڪستان کي شڪست ، هندستان فائنل ۾

    ۔ اهيا حقيقت آهي ته جڏهن ڪنهن محفل ۾ ڪنهن ڪچهري ۾ ڪنهن گفتگو ۾ گهر جي ڳالهه يا ڀيٽا ٿيندي آهي ته هر ڪنهن کي پنهنجو گهر ئي پسند هوندو آهي ۽ پنهنجي گهر جي ئي حمايت ڪندو آهي پر جڏهن وري پاڙي جي ڳالهه يا ڀيٽا ٿيندي آهي ته پوء هر ڪنهن کي پنهنجو پاڙو ئي وڻندو آهي ۽ هر ڪو پنهنجي پاڙي جي حمايت ڪندو آهي، پر جڏهن وري شهر جي ڳالهه ٿيندي آهي يا ڀيٽا ٿيندي آهي ته هر ڪنهن کي پنهنجو ئي شهر پسند هوندو آهي، جنهن شهر جي گهٽين ۾ هن ننڍپڻ جا ڏينهن گذاريا هوندا آهن، پر جڏهن وري صوبي جا ڳالهه ٿيندي آهي يا ڀيٽا ٿيندي آهي ته هر ڪنهن کي پنهنجو صوبو وڻندو آهي ۽ هر ڪو پنهنجي ئي صوبي جي حمايت ڪندو آهي ( جيئن اسان هميشه ڪندا آهيو پنهنجي سنڌ سان محبت جي ڪري ) پر وري جڏهن ڳالهه ملڪ جي ايندي آهي ته هر ڪنهن کي پنهنجو ملڪ ئي وڻندو آهي ۽ پنهنجي ملڪ جي ئي جيت کي پسند ڪندو آهي، سو ادا اهڙي ريت اسان به بنسبت هندستان جي ملڪ پاڪستان جي جيت جي حمايت ڪئي سي پئي مگر شايد قسمت ۾ ائين هو جو ميچ اسان جي ملڪ جي حق ۾ نه ويو۔ خير هار جيت زندگي جو حصو آهي، ۔۔۔ هلي پيو مان
     
  4. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: سيمي فائنل ۾ پاڪستان کي شڪست ، هندستان فائنل ۾

    ادا جيڪڏهن پاڪستان سيمي فائنل کٽي هان ته وه وه ٿي وڃي هان۔انڍيا کي هوم ڪرائوڊ ۽ هوم گروانڊ جو ايڍونٽيج هو۔چئن ڪيچن ڊراپ ٿيڻ کانپوء به سچن جي سينچري نه ٺاهڻ پاڪستاني بولنگ جو ڪمال آهي۔اسپورٽ مين اسپرٽ جو سنهري رول اسان کي نه وسارڻ گهرجي۔پاڪستان ٽيم سٺو مقابلو ڪيو۔وڪيٽ نمي جي ڪري ٻئي واري(پاڪستان جي بيٽنگ جي ٽائيم تي )سلپري ٿئي ويئي هئي ۽ ان ۾ پيچز پئجي ويا هئا جنهن ڪري هربجن سنگه،يوراج ۽ مناف پٽيل جو بال ڪافي ٽرن ۽ سلو پيو ٿئي وڃي ۽ انهن جي بالن تي پاڪستاني بيٽسمن ڏاڍي مشڪل سان اسٽوڪ کيڏي پئي سگهيا۔
     
  5. اظهرالدين بهلڪاڻي

    اظهرالدين بهلڪاڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 مئي 2010
    تحريرون:
    142
    ورتل پسنديدگيون:
    19
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    واپڊا ڪالوني گڊو سنڌ
    جواب: سيمي فائنل ۾ پاڪستان کي شڪست ، هندستان فائنل ۾

    ادا وڏي افسوس جهڙي ڳالهه آهي۔ جو پاڪستاني ٽيم ڀارت جي مقابلي ۾ ميچ هارائي۔ هن سال ورلڊ ڪپ کٽڻ کان محروم رهجي وئي۔
    هاڻي اِهو ڏسڻو آهي ته ٻه اپريل تي ڀارت ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ ٿيندڙ ميچ ڪير کٽندو؟
     
  6. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سيمي فائنل ۾ پاڪستان کي شڪست ، هندستان فائنل ۾

    ادا سليمان مبارڪون ۔۔۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو