ورلڊ ڪپ 2011 جي ٻئي سيمي فائنل ۾ اڄ موهولي ۾ هندستان جي ٽيم پاڪستان کي 29 رنسن تان شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچي وئي آهي۔ فائنل ۾ سندس مقابلو سريلنڪا جي ٽيم سان ٿيندو۔
ڀارتي ڪپتان ڌوني اڄ اهم ميچ ۾ ٽاس کٽي پهريان بئٽنگ جو فيصلو ڪيو۔ سهواڳ ۽ ٽنڊلڪر طوفاني شروعات ڪئي ۽ 5 اوورن ۾ اسڪور 48 رنسن تي پهچايو۔ سهواڳ عمر گل جي هڪ اوور ۾ 21 رنسون ورتيون۔ 48 رنسن تي پهرين وڪيٽ ڪري ۽ سهواڳ 38 رنسون ٺاهي وهاب رياص جي بالنگ تي آئوٽ ٿيو۔ گمڀير ۽ ٽنڊلڪر اسڪور کي 116 رنسن تي پهچايو ته حفيظ گمڀير کي آئوٽ ڪري ڇڏيو۔ هڪ موقعي تي وهاب رياض ٻن بالن تي ڪوهلي ۽ يوراج سنگھ کي آئوٽ ڪري پاڪستان کي ميچ ۾ واپس آندو۔ پاڪستان پاران حفيظ، آفريدي، سعيد اجمل ۽ وهاب ريض بهترين بالنگ ڪئي پر عمر گل توقعات تي پورو نه لٿو ۽ هن 8 اوورن ۾ 69 رنسون ڏنيون ۽ ڪا وڪيٽ به ڪونه ورتي۔ ٽنڊلڪر جنهن 85 رنسون ٺاهيون ان جا 4 ڪيچ ڊراپ ڪيا ويا۔ پاڪستان اڄ ناقص فيلڊنگ ڪندي 5 ڪيچ ڇڏيا ۽ مس فيلڊنگ پڻ ڪئي. هندستان جي ٽيم مقرر 50 اوورن ۾ 9 وڪيٽن تي 260 رنسون ٺاهيون۔ پاڪستان پاران وهاب رياض شاندار بالنگ ڪندي 5 وڪيٽون ورتيون ۽ سعيد اجمل به ٻه وڪيٽون ورتيون۔
جواب ۾ پاڪستاني اوپنرن به شاندار آغاز ڪيو پر پوء هنن جي غيرذميوارانه اسٽروڪس سبب هو آئوٽ ٿي ويا۔ ڪامران اڪمل 19 ۽ حفيظ 43 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا۔ هڪ موقعي تي 102 رنسن تي پاڪستان جا صرف 2 رانديگر آئوٽ هئا پر پوء پاڪستان پاران ڪنهن به بئٽسمين ذميواري جو مظاهرو ڪونه ڪيو ۽ غلظ اسٽروڪس کيڏي آئوٽ ٿيا۔ پاڪستان جي ڪپتان جي غلط منصوبه بندي سبب پاور پلي جو به غلط استعمال ڪيو ويو ۽ رزاق، آفريد ۽ وهاب رياض جون وڪيٽون پاور پلي کان اڳ ئي ڪيرائي ڇڏيون ۽ پاور پلي ۾ صرف مصباح ۽ بالرن کي چانس مليو۔ پاڪستان جي پوري ٽيم 50 هين اوور ۾ 231 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي۔ مصباح 56 رنسون ٺاهيون۔ ظهير خان، نهرا، يوراج ، مناف پٽيل ۽ هربجن ٻه ٻه وڪيٽون ورتيون۔

سچن ٽنڊلڪر کي 85 رنسنون ٺاهڻ تي مين آف دي ميچ جو اوارڊ مليو۔
وهاب رياض 46 رنسون ڏئي 5 وڪيٽون ورتيون
وهاب رياض 46 رنسون ڏئي 5 وڪيٽون ورتيون
http://www.youtube.com/watch?v=oxp50n3mPcE