مسلمان يا ڪامل انسان

'مختلف موضوع' فورم ۾ غلام مصطفي ميمڻ طرفان آندل موضوعَ ‏31 مارچ 2011۔

  1. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    [justify]مسلمان يا ڪامل انسان[/justify]

    [justify]حجته الاسلا امام محمد غزالي رحه، جي موجب مسلمان اهو آهي، جو سچو پچو يا ڪامل انسان هجي، سو اهو هوندو جنهن کي سعادت حاصل هوندي، يعني نيڪ بختي يا هميشه جي خوشي، جنهن لاءِ هو پيداڪيو ويو آهي ۽ جنهن جي طلب ۾ هن کي هميشه رهڻو آهي. پهرين عالم جمادات پيدا ٿيو، پوءِ عالم نباتات ۽ پوءِ عالم حيوانات، جنهن ۾ انسان داخل ٿيو، مگر انسان کي اشرف المخلوقات ٺهرايو ويو ۽ ٻيا سڀ عالم هن جي مدد لاءِ آهن ۽ هن جي عمل ۽ حڪم هيٺ آهن ۽ انهن جي وسيلي هو، پنهنجي مطلب يا مقصد تي رسي ٿو، انهيءَ ڪري مٿس وڏي جوبداري آهي. جي هو پنهنجا فرض ادا نه ڪري ته جانورن کان به گهٽ درجو ٿئيس، جنهن کي اسفل السافلين ٿا چون ۽ جيڪڏهن پوريءَ طرح امر ادا ڪري ۽ ڪامل انسان ٿئي ته ملائڪن کان به درجو مٿي ٿئيس، جنهن کي اعليٰ عليين ٿا چون. هن جو جسم خاڪي آهي پر هن جو روح رحماني آهي. هڪڙي پاسي هو جانور آهي ۽ جانورن سان شامل آهي ۽ ٻئي پاسي ملائڪن سان يا خدا سان. خدا ازل کان آهي ۽ ابد تائين رهندو، پر انسان ازلي ناهي، پوءِ مخلوق ٿيو، ليڪن ابد تائين رهڻو آهي.
    جيتوڻيڪ هن دنيا ۾ هن جي عمر هاڻي گهڻو گهڻو ته سوء ورهيه مس آهي، انهيءَ جو مقابلو ابدي حياتيءَ سان ڪري نٿو سگهجي. ازل چئجي ٿو شروع يا ابتدا کي ۽ ابد چئجو ٿو انتها کي. بعضي، ازل کي الست به چوندا آهن، جڏهن خدا خلق ۽ عالم پيدا ڪيا. امام غزالي رحه، ماڻهوء کي ابدي سڏي ٿو پر ازلي نه؛ پر ڪي صوفي، هن کي خدا وانگر ازلي ۽ ابدي به ٿا ڄاڻن، ۽ چون ٿا ته انسان به خود خدا جو روح آهي، سو خدا جهڙو هئڻ گهرجي. شاه ڀٽائي چيو آهي ته[/justify]

    نڪا ابتدا عبد جي نڪا انتها،
    سي وڃڻ کي ويا، جن سڃاتو سُپرين​

    [justify] عبد يعني ٻانهو يا بندو، انسان ٿيو؛ عبادت ٿي بندگي ۽ معبود ٿيو خدا، جنهن جي بندگي ڪجي. بهلول صوفي، ته خدا کان به اڳي هئڻ جي دعوى ٿو ڪري[/justify]
    چه خوش گفٽ بهلول فرخنده فال
    ڪه من از خدا پيش بودم دو سال
    من آنروز بودم ڪه اسما نبود
    زمين هم نبود و خدا هم نبود​

    تنهن ڪري صوفين جي چوڻ موجب انسان، خدا سان گڏ هو. خدا کي خدا تڏهن چوڻ لڳا جڏهن عالم يعني جهان ۾ مخلوقات پيدا ٿي، تنهن کان اڳ ڄڻ ته خدا ظاهر ڪو نه هو. وحدت ئي وحدت هئي. جڏهن ڪثرت ٿي تڏهن خدا به ظاهر ٿيو. اهو ازل! (اهي صوفين جا خيال آهن، ضروري نه آهي ته اسان متفق هجون). هاڻي ابد يا هميشگي، جتي اسين مرڻ کان پوءِ رهنداسين، تنهن جو مثال امام غزاليءَ، ڪتاب ڪيمياءِسعادت جي پڇاڙيءَ ۾ مزي جهڙو ڏنو آهي، چوي ٿو ته مثال طور زمين، اُن جي انبارن سان ڀرجي ٿي. انُ، ٻاجهري کان به سنهو آهي ۽ هڪڙي جهرڪي، اُهو ان چُڳڻ لڳي ٿي ۽ هزار هزار ورهيه ۾ هڪڙو هڪڙو داڻو چُڳي ٿي، جڏهن سڀ انُ چُڳي رهي، تڏهن به اڃا ابد جي عرصي مان ذرڙو مس گهٽ ٿيو. اُنهيءَ جي ڀيٽ ۾، اسان جي دينوي عمر جو خيال ڪريو، انهيءَڪري دوستو! آخرت جي ڏک ۽ خوشيءَجي زياده ڳڻتي رکو، هيءَ دنيا ڪجهه ڪين آهي ۽ فاني آهي.
    اها شرافت، اها ڪماليت، اها سعادت، اها مسلماني، تڏهن ماڻهوءَ کي هٿ اچي ٿي، جڏهن هو پاڻ کي انهيءَ جو لائق ڪري، اُهو ڪهڙو نسخو آهي جنهن سان هڪڙو جانور بدلجي ملائڪ ٿي پوي بلڪه ملائڪ کان به مٿي وڃي؟ اها ڳالهه اهڙي آهي جهڙي ٽامي يا لوھ کي بدلائي سوُن ڪجي. اهو نسخو آسان نموني هٿ اچڻ جو ناهي پر نبين، ولين ۽ ٻين ڪامل انسانن کي هٿ اچي ٿو ۽ اهي خاص شاگردن کي سيکارين ٿا. اهو آهي پنهنجي نفس تي غالب پوڻ ۽ خراب اخلاق يا جانورن جون خصلتون بدلائي، چڱيون اخلاقي، روحاني ۽ نوراني خصلتون هٿ ڪرڻ. ايئن ڪرڻ سان ڪامل ٿيندو ۽ سعادت حاصل ٿيندس.@};-@};-@};-@};-@};-
    بشڪريه
    ڪتاب ڪيمياءِ سعادت
    حجته الاسلام امام محمد غزالي رحه
    ترجمو شمس العلماء مرزا قليچ بيگ
     
  2. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: مسلمان يا ڪامل انسان

    پهرين عالم جمادات پيدا ٿيو، پوءِ عالم نباتات ۽ پوءِ عالم حيوانات، جنهن ۾ انسان داخل ٿيو، مگر انسان کي اشرف المخلوقات ٺهرايو ويو ۽ ٻيا سڀ عالم هن جي مدد لاءِ آهن ۽ هن جي عمل ۽ حڪم هيٺ آهن ۽ انهن جي وسيلي هو، پنهنجي مطلب يا مقصد تي رسي ٿو، انهيءَ ڪري مٿس وڏي جوبداري آهي. جي هو پنهنجا فرض ادا نه ڪري ته جانورن کان به گهٽ درجو ٿئيس، جنهن کي اسفل السافلين ٿا چون ۽ جيڪڏهن پوريءَ طرح امر ادا ڪري ۽ ڪامل انسان ٿئي ته ملائڪن کان به درجو مٿي ٿئيس، جنهن کي اعليٰ عليين ٿا چون.

    سائين علامه اقبال جا اشعار ياد پيا اچن
    نه تو زمين ڪي ليئي هي نه تو آسمان ڪي ليئي هي
    يه جهان هي تيري ليئي تو نهي هي جهان ڪي ليئي

    فرشتون سي افضل هي آدمي ڪا مقام
    ليڪن اس ۾ لڳتي هي محنت زياده

    فرشته ڪهلاني سي ميري توحين هوتي هي
    ۾ مسجودِ ملائڪه هون مجهي انسان هي رهني دو
    سائي امام غزالي سچ فرمايوجي۔ن علامه اقبال چيو آهي ته
    فلسفه رھ گيا تلقينِ غزالي نه رهي
    رھ گئي رسمِ ازان روحِ بلالي نه رهي
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: مسلمان يا ڪامل انسان

    امام غزالي جون ڳالهيون روشني جون ڳالهيون آهن۔ اها شرافت، اها ڪماليت، اها سعادت، اها مسلماني، تڏهن ماڻهوءَ کي هٿ اچي ٿي، جڏهن هو پاڻ کي انهيءَ جو لائق ڪري، ان قسم جون ڳالهيون ئي صحيح مسلمان ۽ صحيح انسان بڻجڻ ۾ مدد ڪنديون آهن۔

    لک قرب سهڻي ونڊ جا
     
  4. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: مسلمان يا ڪامل انسان

    ادا غلام مصطفى ويل ڊن يار ، بهترين مضمون ونڊ ڪرڻ لا اوهان کي مبارڪون هجن ، صوفين خيالن کي حاشيه ڏئي ڪري به مضمون کي صحيح سمت ڏني وئي آهي يا ته خدشو پيو ٿئي ۽ مضمون ٻيو رنگ پيو ڌالي ، پر حاشيه ڏيڻ سان مضمون پنهنجي اصل روح کي قائم ڪري ورتو ، معلوم اچي ٿيو ته حاشيه ڪيڏي نه وڏي ڪم جي شي آهي ، ادا هڪ ڀيري وري به مهرباني اوهان جي
     
  5. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: مسلمان يا ڪامل انسان

    ادا سٺي ونڊ آهي .
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: مسلمان يا ڪامل انسان

    هدايت سان ڀريل ليک ونڊ ڪرڻ تي ٿورائتا ٿيندي چونداسون ته بيشڪ انسان پنهنجي عظمت سڃاڻي ۽ خصلتون هٿ ڪري ته سندس درجو اشرف المخلوقات ۔۔۔ ۽ ان جي ابتڙ جيڪڏهن انسان ڪرڻ تي پوي ته ان جي ڪا حد ئي ناهي ۔۔۔ سمنڊ جا ترا به مٿاهان ٿندا ۔۔۔

    جڏهن انسان رب کي پنهنجي اندر ۾ ويهاري ٿو ته رب العالمين ان انسان کي هڪ ڪسوٽي ڏئي ڇڏيندو آهي جنهن سان هو سچ ۽ ڪوڙ کي حق ۽ ناحق کي سڃاڻي وٺي ٿو ۽ دنيا و آخرت ۾ سرخرو ٿي وڃي ٿو ۔۔۔

    جزاڪ الله
     
  7. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: مسلمان يا ڪامل انسان

    ادا غلام مصطفي ميمڻ صاحب

    مان سائين افتخار علي چوهاڻ صاحب جي خيالن سان متفق اهيان

    بهترين ڪوشش آهي
    جاري رکجو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو