غلام مصطفي ميمڻ
سينيئر رڪن
مسلمان يا ڪامل انسان
حجته الاسلا امام محمد غزالي رحه، جي موجب مسلمان اهو آهي، جو سچو پچو يا ڪامل انسان هجي، سو اهو هوندو جنهن کي سعادت حاصل هوندي، يعني نيڪ بختي يا هميشه جي خوشي، جنهن لاءِ هو پيداڪيو ويو آهي ۽ جنهن جي طلب ۾ هن کي هميشه رهڻو آهي. پهرين عالم جمادات پيدا ٿيو، پوءِ عالم نباتات ۽ پوءِ عالم حيوانات، جنهن ۾ انسان داخل ٿيو، مگر انسان کي اشرف المخلوقات ٺهرايو ويو ۽ ٻيا سڀ عالم هن جي مدد لاءِ آهن ۽ هن جي عمل ۽ حڪم هيٺ آهن ۽ انهن جي وسيلي هو، پنهنجي مطلب يا مقصد تي رسي ٿو، انهيءَ ڪري مٿس وڏي جوبداري آهي. جي هو پنهنجا فرض ادا نه ڪري ته جانورن کان به گهٽ درجو ٿئيس، جنهن کي اسفل السافلين ٿا چون ۽ جيڪڏهن پوريءَ طرح امر ادا ڪري ۽ ڪامل انسان ٿئي ته ملائڪن کان به درجو مٿي ٿئيس، جنهن کي اعليٰ عليين ٿا چون. هن جو جسم خاڪي آهي پر هن جو روح رحماني آهي. هڪڙي پاسي هو جانور آهي ۽ جانورن سان شامل آهي ۽ ٻئي پاسي ملائڪن سان يا خدا سان. خدا ازل کان آهي ۽ ابد تائين رهندو، پر انسان ازلي ناهي، پوءِ مخلوق ٿيو، ليڪن ابد تائين رهڻو آهي.
جيتوڻيڪ هن دنيا ۾ هن جي عمر هاڻي گهڻو گهڻو ته سوء ورهيه مس آهي، انهيءَ جو مقابلو ابدي حياتيءَ سان ڪري نٿو سگهجي. ازل چئجي ٿو شروع يا ابتدا کي ۽ ابد چئجو ٿو انتها کي. بعضي، ازل کي الست به چوندا آهن، جڏهن خدا خلق ۽ عالم پيدا ڪيا. امام غزالي رحه، ماڻهوء کي ابدي سڏي ٿو پر ازلي نه؛ پر ڪي صوفي، هن کي خدا وانگر ازلي ۽ ابدي به ٿا ڄاڻن، ۽ چون ٿا ته انسان به خود خدا جو روح آهي، سو خدا جهڙو هئڻ گهرجي. شاه ڀٽائي چيو آهي ته
جيتوڻيڪ هن دنيا ۾ هن جي عمر هاڻي گهڻو گهڻو ته سوء ورهيه مس آهي، انهيءَ جو مقابلو ابدي حياتيءَ سان ڪري نٿو سگهجي. ازل چئجي ٿو شروع يا ابتدا کي ۽ ابد چئجو ٿو انتها کي. بعضي، ازل کي الست به چوندا آهن، جڏهن خدا خلق ۽ عالم پيدا ڪيا. امام غزالي رحه، ماڻهوء کي ابدي سڏي ٿو پر ازلي نه؛ پر ڪي صوفي، هن کي خدا وانگر ازلي ۽ ابدي به ٿا ڄاڻن، ۽ چون ٿا ته انسان به خود خدا جو روح آهي، سو خدا جهڙو هئڻ گهرجي. شاه ڀٽائي چيو آهي ته
نڪا ابتدا عبد جي نڪا انتها،
سي وڃڻ کي ويا، جن سڃاتو سُپرين
سي وڃڻ کي ويا، جن سڃاتو سُپرين
عبد يعني ٻانهو يا بندو، انسان ٿيو؛ عبادت ٿي بندگي ۽ معبود ٿيو خدا، جنهن جي بندگي ڪجي. بهلول صوفي، ته خدا کان به اڳي هئڻ جي دعوى ٿو ڪري
چه خوش گفٽ بهلول فرخنده فال
ڪه من از خدا پيش بودم دو سال
من آنروز بودم ڪه اسما نبود
زمين هم نبود و خدا هم نبود
تنهن ڪري صوفين جي چوڻ موجب انسان، خدا سان گڏ هو. خدا کي خدا تڏهن چوڻ لڳا جڏهن عالم يعني جهان ۾ مخلوقات پيدا ٿي، تنهن کان اڳ ڄڻ ته خدا ظاهر ڪو نه هو. وحدت ئي وحدت هئي. جڏهن ڪثرت ٿي تڏهن خدا به ظاهر ٿيو. اهو ازل! (اهي صوفين جا خيال آهن، ضروري نه آهي ته اسان متفق هجون). هاڻي ابد يا هميشگي، جتي اسين مرڻ کان پوءِ رهنداسين، تنهن جو مثال امام غزاليءَ، ڪتاب ڪيمياءِسعادت جي پڇاڙيءَ ۾ مزي جهڙو ڏنو آهي، چوي ٿو ته مثال طور زمين، اُن جي انبارن سان ڀرجي ٿي. انُ، ٻاجهري کان به سنهو آهي ۽ هڪڙي جهرڪي، اُهو ان چُڳڻ لڳي ٿي ۽ هزار هزار ورهيه ۾ هڪڙو هڪڙو داڻو چُڳي ٿي، جڏهن سڀ انُ چُڳي رهي، تڏهن به اڃا ابد جي عرصي مان ذرڙو مس گهٽ ٿيو. اُنهيءَ جي ڀيٽ ۾، اسان جي دينوي عمر جو خيال ڪريو، انهيءَڪري دوستو! آخرت جي ڏک ۽ خوشيءَجي زياده ڳڻتي رکو، هيءَ دنيا ڪجهه ڪين آهي ۽ فاني آهي.ڪه من از خدا پيش بودم دو سال
من آنروز بودم ڪه اسما نبود
زمين هم نبود و خدا هم نبود
اها شرافت، اها ڪماليت، اها سعادت، اها مسلماني، تڏهن ماڻهوءَ کي هٿ اچي ٿي، جڏهن هو پاڻ کي انهيءَ جو لائق ڪري، اُهو ڪهڙو نسخو آهي جنهن سان هڪڙو جانور بدلجي ملائڪ ٿي پوي بلڪه ملائڪ کان به مٿي وڃي؟ اها ڳالهه اهڙي آهي جهڙي ٽامي يا لوھ کي بدلائي سوُن ڪجي. اهو نسخو آسان نموني هٿ اچڻ جو ناهي پر نبين، ولين ۽ ٻين ڪامل انسانن کي هٿ اچي ٿو ۽ اهي خاص شاگردن کي سيکارين ٿا. اهو آهي پنهنجي نفس تي غالب پوڻ ۽ خراب اخلاق يا جانورن جون خصلتون بدلائي، چڱيون اخلاقي، روحاني ۽ نوراني خصلتون هٿ ڪرڻ. ايئن ڪرڻ سان ڪامل ٿيندو ۽ سعادت حاصل ٿيندس.@};-@};-@};-@};-@};-
بشڪريه
ڪتاب ڪيمياءِ سعادت
حجته الاسلام امام محمد غزالي رحه
ترجمو شمس العلماء مرزا قليچ بيگ