عمل جو آئينو

'مختلف موضوع' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏31 مارچ 2011۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]

    زندگي اوهانجي عمل جو آئينو آهي؛

    [JUSTIFY]هڪ شخص پنهنجي ننڍڙي پٽ سان گڏ هڪ واديءَ مان ٿي گذريا، اوچتو ٻار کي پير ۾ ڌڪ لڳو ته ٻار رڙ ڪئي ۽ سندس وات مان لفظ نڪتو، آههههههههه.

    کيس حيرت تڏهن ٿي جڏهن آس پاس جي جبلن مان پڻ آواز آيو .... آهههههههههه

    ٻار کي اتساهه ٿيو ته اهو آواز ڪٿان آيو ۽ هن وري رڙ ڪئي ته ” تون ڪير آهين؟“ پر وري به موٽ ۾ آواز آيو ” تون ڪير آهين“

    ٻار کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته هي موٽ ۾ ڪير ٿو آواز ڏي ۽ منهنجي ئي ڳالهه ٿو ورجائي؟ انڪري ڪاوڙ ۾ وري آواز ڏنائين ته؛ ”تون چريو آهين“. موٽ ۾ آواز آيو ” تون چريو آهين“.

    ٻار پنهنجي پيءُ کي ڏٺو، ۽ پڇيو، ”بابا هي ڇا آهي؟“

    ” پٽ“ پيءُ جواب ڏنو، ” توجهه ڏي! ۽ پاڻ رڙ ڪيائين، “ تون تمام سٺو آهين“ ۽ موٽ ۾ ساڳيو آواز آيو.

    پيءُ وري رڙ ڪئي، ” تون سهڻو آهين“ موٽ ۾ پڻ ساڳيو آواز آيو.

    ٻار اڃان حيرانگيءَ ۾ پيءُ کي ڏسي رهيو هو، ۽ کيس سمجه ۾ نه آيو ته هي ٿئي ڇا پيو؟

    انکانپوءِ پيءُ سمجهائيندي چيو، ”ماڻهون هن کي پڙاڏو چوندا آهن، پر حقيقت ۾ اها زندگي آهي، زندگي هميشه اوهانکي اهو ئي واپس ڏيندي آهي جيڪي ڪجهه اوهان ڏيندا آهيو، زندگي اوهانجي عملن جو آئينو آهي، جيڪڏهن اوهانکي وڌيڪ پيار کپي ته وڌيڪ پيار ڏيو، جيڪڏهن اوهانکي وڌيڪ رحم جي ضرورت آهي ته اوهان وڌيڪ رحم ڪريو.

    جيڪڏهن اوهان ٻڌي، ايڪو ۽ عزت گهرو ٿا ته اوهان پاڻ ۾ ايڪي ۽ عزت جي سگهه پئدا ڪريو.

    جيڪڏهن اوهان چاهيو ٿا ته ماڻهن ۾ برداشت پئدا ٿئي ۽ هو اوهانجي عزت ڪن ته اوهان برداشت ڪرڻ ۽ عزت ڏيڻ سکو، زندگيءَ جو اهو اصول هر معاملي سان جڙيل آهي.
    *****************
    [/JUSTIFY]

    آکاڻيءَ جو اخلاقي پهلو؛
    زندگي هميشه اوهانکي اهو ئي ڪجهه موٽائي ڏيندي آهي جيڪو اوهان انکي ڏيندا آهيو، اوهانجي زندگي ڪو حادثو ناهي، پر اوهانجي ئي عملن جو آئينو آهي.
     
  2. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: عمل جو آئينو


    ماشاءالله سائين اوهان جي وڏي مهرباني جو اخلاق سان ڀرپور ڪهاڻي اسان سان ونڊ ڪيو ، واقعي جيڪوڪردار انسان ادا ڪندو آهي ته موٽ به اهئي ملندي آهي ۔ اسان کي گهرجي ته اهڙين گالهين ڏانهن ڌيهان چڪرايون تانته پنهنجو اخلاق کي هڪ سهڻو ۽ باڪردار بڻاي سگهجي
    ۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: عمل جو آئينو

    سائين نثار لک ٿورا

    اوهان هڪ سبق آموز ڪهاڻي وند ڪئي آهي۔ جيڪا آهي ته ننڍڙي پر ان تي عمل ڪرڻ سان انسان بلند ترين رتبي تي پهچندو ۽ گهڻيون خوشيون ماڻيندو۔
     
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: عمل جو آئينو

    بهترين ونڊ آهي سائين .
     
  5. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: عمل جو آئينو

    ادا نثار ابڙو صاحب۔اسلام عليڪم۔هڪ دفعو واري توهان پنهنجي ڏهپ جو ثبوت ڏيندي هڪ تمام سٺي ۽ نصحيت ڀري ڪهاڻي هن فورم جي آڪاش تي چنڊ وانگر چمڪائي آهي۔هر انسان جو عمل هن لا روسوپروڪل هوندي آهي۔بقول علام اقبال؛

    عمل سه زندگي بنتيه هه،جنت بهي جهنم بهي۔
    يه خاکي اپنيه فطرت مين۔نه نوري هئيه نه ناري هئيه۔
     
  6. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: عمل جو آئينو

    واه سائين واه زندگي گزارڻ جو بهترين راز ڪامياب زندگي جو ڪامياب راز اهو ئي آهي ته اسان هرڪنهن جي لاء سٺو سوچي ۽ سٺو ڪري ته ان جي زندگي به سٺي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  7. سيد بشارت حسين

    سيد بشارت حسين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2011
    تحريرون:
    53
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: عمل جو آئينو

    واه واه واه سائين نثار صاحب لک ٿورا

    اوهان هڪ سبق آموز تحرير وند ڪري ڏاهپ جو حق ادا ڪيو آهي۔ جيڪا آهي ته مختصر پر ان تي عمل ڪرڻ سان عظيم انسان بڻجي سگهجي ٿو۔
    سائين تمام بهترين ونڊ آهي۔ اسان جي نوجوانن کي اهڙين سبق آموز تحريرن جي ضرورت آهي۔ الله پاڪ اسان سڀني کي ان تي عمل ڪرڻ جي توفيق ڏئي۔ مهرباني
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو