نثارابڙو
نائب منتظم

http://imageshack.us
زندگي اوهانجي عمل جو آئينو آهي؛
هڪ شخص پنهنجي ننڍڙي پٽ سان گڏ هڪ واديءَ مان ٿي گذريا، اوچتو ٻار کي پير ۾ ڌڪ لڳو ته ٻار رڙ ڪئي ۽ سندس وات مان لفظ نڪتو، آههههههههه.
کيس حيرت تڏهن ٿي جڏهن آس پاس جي جبلن مان پڻ آواز آيو .... آهههههههههه
ٻار کي اتساهه ٿيو ته اهو آواز ڪٿان آيو ۽ هن وري رڙ ڪئي ته ” تون ڪير آهين؟“ پر وري به موٽ ۾ آواز آيو ” تون ڪير آهين“
ٻار کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته هي موٽ ۾ ڪير ٿو آواز ڏي ۽ منهنجي ئي ڳالهه ٿو ورجائي؟ انڪري ڪاوڙ ۾ وري آواز ڏنائين ته؛ ”تون چريو آهين“. موٽ ۾ آواز آيو ” تون چريو آهين“.
ٻار پنهنجي پيءُ کي ڏٺو، ۽ پڇيو، ”بابا هي ڇا آهي؟“
” پٽ“ پيءُ جواب ڏنو، ” توجهه ڏي! ۽ پاڻ رڙ ڪيائين، “ تون تمام سٺو آهين“ ۽ موٽ ۾ ساڳيو آواز آيو.
پيءُ وري رڙ ڪئي، ” تون سهڻو آهين“ موٽ ۾ پڻ ساڳيو آواز آيو.
ٻار اڃان حيرانگيءَ ۾ پيءُ کي ڏسي رهيو هو، ۽ کيس سمجه ۾ نه آيو ته هي ٿئي ڇا پيو؟
انکانپوءِ پيءُ سمجهائيندي چيو، ”ماڻهون هن کي پڙاڏو چوندا آهن، پر حقيقت ۾ اها زندگي آهي، زندگي هميشه اوهانکي اهو ئي واپس ڏيندي آهي جيڪي ڪجهه اوهان ڏيندا آهيو، زندگي اوهانجي عملن جو آئينو آهي، جيڪڏهن اوهانکي وڌيڪ پيار کپي ته وڌيڪ پيار ڏيو، جيڪڏهن اوهانکي وڌيڪ رحم جي ضرورت آهي ته اوهان وڌيڪ رحم ڪريو.
جيڪڏهن اوهان ٻڌي، ايڪو ۽ عزت گهرو ٿا ته اوهان پاڻ ۾ ايڪي ۽ عزت جي سگهه پئدا ڪريو.
جيڪڏهن اوهان چاهيو ٿا ته ماڻهن ۾ برداشت پئدا ٿئي ۽ هو اوهانجي عزت ڪن ته اوهان برداشت ڪرڻ ۽ عزت ڏيڻ سکو، زندگيءَ جو اهو اصول هر معاملي سان جڙيل آهي.
*****************

آکاڻيءَ جو اخلاقي پهلو؛
زندگي هميشه اوهانکي اهو ئي ڪجهه موٽائي ڏيندي آهي جيڪو اوهان انکي ڏيندا آهيو، اوهانجي زندگي ڪو حادثو ناهي، پر اوهانجي ئي عملن جو آئينو آهي.