هي خبر ڏاڍي ڏک سان ڏجي ٿي ته سنڌي ڊرامن جي ناليواري ادڪاره روشڻ عطا 2 ڏينهن ڪوما ۾ رهڻ بعد ڪالهه 30 مارچ 2011 تي ڪراچي جي مقامي اسپتال ۾ ڪسمپرسي واري حالت ۾ لاڏاڻو ڪري وئي آهي۔ هوءَ ڪينسر، بلڊ پريشر، شگر، ڦڦڙن جي بيمارين ۽ ٻين مرضن ۾ مبتلا هئي۔
روشن عطا 1964 ع کان پنهنجي فني سفر جو آغاز ريڊيو کان شروع ڪيو۔ روشن عطا ريڊيو پاڪستان تي شروع وارن ڏينهن ۾ برقعو پائي ايندي هئي، جڏهن ته هن جا مٽ مائٽ تمام گهڻي مخالفت ڪندا هئا۔ هن 20 کان وڌيڪ سنڌي فلمن، لاتعداد ٽي وي جي سنڌي ۽ اردو ڊرامن ، اسٽيج ڊرامن ۾ پڻ ڪم ڪيو ۽ ٽي وي تي مرحوم نور محمد لاشاريء سان سندس جوڙي کي گهڻو پسند ڪيو ويندو هو۔ هوءَ هالي ووڊ جي صوفيا لارين ۽ بالي ووڊ جي نرگس کان گهڻو متاثر هئي، جڏهن ته سياستدانن مان شهيد ڀٽو کي پنهنجي مرشد طور مڃيندي هئي، سندس گهر جو ڪمرو شهيد ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي تصويرن سان سينگاريل آهي۔
سنڌ جي هن اداڪاره جيڪا پنهنجي بهترين اداڪاري ڪري ڪردار ۾ جان وجهي ڇڏيندي هئي ۽ سندس ٽي وي ڊرامن جا ڪيترائي مداح آهن زندگيء جي آخري ڏينهن ۾ ثقافت کاتي ۽ سنڌ جي ماڻهن جي بي حسي سبب ڪابه سار نه لڌي۔ جڏهن ته سندس جنازي نماز ۾ هڪ به سنڌي فنڪار سميت ثقافت کاتي جي ڪنهن به عملدار شرڪت نه ڪئي، مرحومه جي تدفين ڪراچي جي ڊالميا قبرستان ۾ ڪئي وئي۔
ڊرامه سيريل ماروي ۾ روشن عطا، نور محمد لاشاري ۽ غزل صديق
سنڌ جي ليجنڊ اداڪاره روشن عطا مفلسي ۽ لاوارثي جي حالت ۾ لاڏاڻو ڪري وئي
ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ جي ليجنڊ اداڪاره روشن عطا 2 ڏينهن ڪوما ۾ رهڻ بعد ڪالهه ڪراچي جي مقامي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري وئي آهي، پنهنجي شاهڪار اداڪاري ذريعي سنڌي ڊرامي ۾ جان وجهندڙ سنڌ جي هن سينيئر اداڪاره جو بيماري جي ڏينهن ۾ ڪنهن به خيال نه ڪيو، سرڪاري طور تي سندس علاج لاءِ ڪي به ڪوششون نه ورتيون ويون، جنهن ڪري هوءَ ڪالهه هميشه لاءِ وڇڙي وئي، هوءَ ڪينسر، بلڊ پريشر، شگر، ڦڦڙن جي بيمارين ۽ ٻين مرضن ۾ مبتلا هئي، هن سوڳوارن ۾مڙس، هڪ بيواهه ڌيءَ ۽ 2 پٽ ڇڏيا آهن، زندگي جي آخري ڏهاڙن ۾ هوءَ لاوارث حالت ۾ بيماري جي بستري تي پيل رهي، ڦڦڙن ۾ خرابي سبب کيس سومر ڏينهن ڪراچي جي هڪ اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي هوءَ ڪوما ۾ هلي وئي، اڱاري ڏينهن کيس لاعلاج قرار ڏنو ويو ۽ اهڙي طرح هوءَ ڪالهه اربع ڏينهن لاڏاڻو ڪري وئي، هن سوين سنڌي توڙي اردو ڊرامن ۾ فن جا جوهر ڏيکاريا، روشن عطا 20 کان وڌيڪ سنڌي فلمن ۾ به ڪم ڪيو، اداڪاره روشن عطا 1964ع ۾ فني سفر جي شروعات ريڊيو پاڪستان کان ڪئي، پوءِ هن پهرين سنڌي فلم ”ڌرتي دل وارن جي“ ڪئي، سنڌي فلم ”فيصلو ضمير جو“ ۾ هن نصرت ڀٽو جو رول ادا ڪيو، هن کي وڌيڪ شهرت سنڌي فلم ”ممتا“ کان ملي، جڏهن ته پي ٽي وي ڊرامي ”بينسر ادل جي“ ۽ ڪي ٽي اين جي ٽيلي فلم ”درياءَ پار“ کان وڌيڪ شهرت ملي، جن سنڌي فلمن ۾ هن ڪم ڪيو انهن ۾ ڌرتي لال ڪنوار، ڌرتي ۽ آڪاش، حاضر سائين، رت ۽ اجرڪ، اميد، ڦل ماڇي، طوفان، گهونگهٽ لاهه ڪنوار، مورک ۽ ٻيون شامل آهن، جڏهن ته جن ڊرامن ۾ هن اداڪاري ڪئي انهن ۾ گامون سچار، گهرڀاتي، آس، زندگي، اولڙا، بري هن ڀنڀور ۾، جياپو، ماروي، جهنگل، تپش، چار مسافر، سير سوا سير ۽ ٻيا ڊراما شامل آهن، ڊرامن ۾ اڪثر هن جي جوڙي مرحوم نور محمد لاشاري سان مشهور رهي، هن ٻن اردو فلمن ”آس پاس“ ۽ ”پئسا بولتا هي“ ۾ پڻ ڪم ڪيو، روشن عطا کي ڪي ٽي اين پاران مڃتا طور 2 ايوارڊ ۽ پي ٽي وي پاران 4 ايوارڊ ڏنا ويا، روشن عطا کي ڪي ٽي اين سيريل ”گنهگار“ تي ايوارڊ ۽ پي ٽي وي جي سوينتي، جياپو ۽ آس ڊرامن تي ايوارڊ ڏنا ويا، سال 2008ع ۾ ڪي ٽي اين ۽ پي ٽي وي پاران کيس لائيو اچيومينٽ ايوارڊ ڏنا ويا، روشن عطا ڪي ٽي اين تان آخري ڊرامي ”دل پرايو ديس“ ۾ڪم ڪيو، جڏهن ته پي ٽي وي تان آخري سنڌي ڊرامو ”ڪجل بنا نيڻ“ ۽ آخري اردو ڊرامو ”دشت آشنا“ شامل آهن، پي ٽي وي تان پهريون ڊرامو 1972ع ۾ ”مونجهارن جو ماڳ“ ڪيو، هوءَ هالي ووڊ جي صوفيا لارين ۽ بالي ووڊ جي نرگس کان گهڻو متاثر هئي، جڏهن ته سياستدانن مان شهيد ڀٽو کي پنهنجي مرشد طور مڃيندي هئي، سندس گهر جو ڪمرو شهيد ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي تصويرن سان سينگاريل آهي، روشن عطا ڪجهه سال اڳ ڊرامن جي دنيا کي خيرآباد ڪري تبليغ به شروع ڪري ڏني هئي پر ٻيهر وري ڊرامن ۾ اچي وئي، جڏهن ته روشن عطا جي زندگي ۾ هڪ ڀيرو اهڙو به موڙ آيو جو 1979ع ۾ هن خودڪشي جي ڪوشش به ڪئي پر سندس ساهيڙين هن کي بچائي ورتو هو، هن آخري ڏهاڙا ڪسمپرسي وارا گذاريا، دوست، مٽ مائٽ، شوبز جي دنيا وارا ۽ اولاد سڀ اکيون ڦيري ويٺا، جڏهن ته هن جون مالي حالتون آخري ڏهاڙن ۾ تمام خراب ٿي ويون، روشن عطا کي ثقافت کاتي پاران وظيفو نه ملي سگهيو، جڏهن ته ثقافت کاتي پاران روشن عطا کي ٻه مهينا پهريان چيو ويو هو ته توهان جي علاج لاءِ پئسن جي سمري وزيراعليٰ سنڌ وٽ ويل آهي، جيڪا ڪجهه ڏينهن ۾ پاس ٿي ايندي ته توهان کي علاج لاءِ پئسا ڏنا ويندا پر روشن عطا کي آخر تائين ڪجهه به نه مليو.
سلطان ڪوٽ ۾ 1940ع ۾ جنم وٺندڙ روشن عطا 6 حج ڪيا، هن ڊائريڪشن ڏني ۽ ڪيترائي ڊراما به لکيا
ڪراچي: اداڪاره روشن عطا 1940ع ۾ آغا دل مراد جي گهر شڪارپور جي سلطان ڪوٽ ۾ اک کولي. هنجي والده ڊاڪٽر فيروز جان 1990ع ۾ لاڏاڻو ڪري وئي. ننڍپڻ ۾ هن جو پورو خاندان سعودي عرب شفٽ ٿي ويو هو. هن جي عمر ان وقت 7 سال هئي. هي اتي 6 سال رهيا ۽ هن 6 حج به ڪيا. 16 سالن جي عمر ۾ هن جي شادي ماسات عطا محمد سان 1958ع ۾ ٿي، جيڪو سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ان وقت ڊپٽي سيڪريٽري جي عهدي تي فائز هو. ان مان هن کي 6 ٻار ٿيا پر مختلف وقتن تي هن جا 5 ٻار خدا کي پيارا ٿي ويا جن مان صرف هڪ ڌيءَ شگفته جيڪا بيواهه آهي، جنهن کي ٽي ٻار آهن، هڪ پٽ طارق جيڪو آمريڪا ۾ رهي ٿو، هڪ پٽ شهزاد ڪراچي ۾ ماءُ کان الڳ رهندو آهي. روشن عطا تي پيءَ شهزادي نالو رکيو هو ۽ سندس والده هن تي روشن نالو رکيو هو. هن تعليم ميٽرڪ تائين حاصل ڪئي. شروعاتي تعليم شڪارپور پوءِ ميٽرڪ حيدرآباد مان پاس ڪئي. روشن عطا مڙس جي بدلي لاهور ٿيڻ کانپوءِ لاهور ۾ 15 سال گذاريا، روشن عطا ريڊيو پاڪستان تي شروع وارن ڏينهن ۾ برقعو پائي ايندي هئي، جڏهن ته هن جا مٽ مائٽ تمام گهڻي مخالفت ڪندا هئا.هن اسٽيج ڊراما به ڪيا ۽ انهن جي ڊائريڪشن به ڏني ۽ ڊراما به لکيا.
روشن عطا بيماري دوران ڪيترائي ڀيرا سرڪار کي ڏوراپا ڏنا
ڪراچي: اداڪاره روشن عطا 3 سال بيمار رهڻ دوران ڪراچي جي مختلف مقامي اسپتالن ۾ علاج ڪرائينديرهي، بيماري دوران هن چيو هو ته 45 سال فن کي ڏنا پر بيماري دوران ثقافت کاتي جي وزير هڪ ڏينهن به پڇڻ لاءِ نه آئي، جڏهن ته ثقافت کاتي جي وزير راڳي مهدي حسن جي طبيعت پڇڻ وئي پر سنڌ جي امڙ روشن عطا کان هن هڪ ڀيرو به طبيعت نه پڇي، بيماري دوران حڪومت جي ڪنهن به وزير توڙي مشير روشن عطا جي عيادت نه ڪئي، اسپتال ۾ انتهائي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ به روشن عطا وٽ عيادت ڪرڻ ڪير نه پهتو، جڏهن ته سندس جنازي نماز ۾ هڪ به سنڌي فنڪارن سميت ثقافت کاتي جي ڪنهن به عملدار شرڪت نه ڪئي، مرحومه جي تدفين ڪراچي جي ڊال ميان قبرستان ۾ ڪئي وئي.
سنڌ جي نامياري اداڪاره، ۽ سنڌ جي اداڪارن ۾ روشن مقام رکڻ واري اداڪاره جي وفات تي ڏک ٿيو، ڇاڪاڻ هن مائيءَ جي اداڪاري ۽ ڊرامن ۾ ڪردار هوبهو سنڌي عورت جي عڪاسي ڪندڙ هوندو هو ۽ اهڙي ته فطري اداڪاري ڪندي هئي جو لڳندو هو ته سچ پچ ان فلم يا ڊرامي جو ڪو ڪردار هجي ۔۔۔