هڪ ڳوٺ ۾ هڪ صوبيدار جي ڪافي عرصي کان ڊيوٽي لڳل هئي. اهو ڳوٺ ۾ ڪافي مشهور هو، ڇالاءِ جو اهو تقريبن سڀني ئي ڳوٺاڻن کي ٿاڻي جي سير ڪرائي چڪو هو. پر هاڻي هن جي ٽرانسفر جو آرڊر اچي چڪو هو ۽ اهو ڳوٺ مان چارج ڇڏي ئي رهيو هو ته کيس اوچتو ياد آيو ته ڳوٺ جي مسجد جو مولوي صاحب ته منهنجي گرفت ۾ اڄ ڏينهن تائين ڪو نه آيو آهي. ان ڪري هن چارج پوءِ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو ۽ مسجد طرف روانو ٿي ويو. اتفاق سان مولوي صاحب موٽر سائيڪل تي سامهون کان ئي اچي رهيو هو. صوبيدار آڙ وٺي بيهي رهيو ۽ جيئن ئي مولوي صاحب ويجهو پهتو ته صوبيدار هڪدم ٽپو ڏيئي آڏو اچي ويو ته جيئن موٽر سائيڪل جي ٽڪر سبب مولوي صاحب کي غير محطاط ڊرائيونگ ۾ گرفتار ڪري سگهي. پر خوشقسمتيءَ سان مولويءَ بروقت بريڪ هڻي ٽڪر ٿيڻ کان بچائي ورتو. مون کي افسوس آهي مولوي صاحب، مان علائقي جي هر فرد کي حوالتن ۾ بند ڪري چڪو آهيان، پر تون واحد انسان آهين جيڪو مون کان بچي ويو آهين. صوبيدار جي ان ڳالهه تي مولوي صاحب مسڪرايو ۽ وراڻيائين ته ڇا توهان ان جو سبب ڄاڻو ٿا، نه صوبيدار وراڻيو. اصل ۾ ان جو سبب هي آهي ته خدا تعالي مون سان هر وقت گڏ هوندو آهي. مولويءَ انڪشاف واري انداز ۾ ٻڌايو. ڇا خدا تعالي هن وقت به توهان سان گڏ آهي، صوبيدار تصديق ڪرڻ واري انداز ۾ پڇيو. بيشڪ مولوي صاحب فخر مان ڪنڌ ”ها“ ۾ ڌوڻيو. تڏهن صوبيدار مولوي صاحب کي چيو ته خدا مون کي به ڪڏهن مايوس نه ڪيو آهي. هاڻ مان توکي ٻيلهه سواري ڪرڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيان ٿو، ڇالاءِ جو ڊبل سواري تي حڪومت طرفان بندش پيل آهي
asul matt asul matt asul matt asul matt asul matt hall chari hall chari hall chari hall chari hall chari shabash shabash shabash shabash shabash shabash
اسان واري فقير ۽ ادي وهاب اڃ ڪله تاڙين وڄائڻ تي کڻي زور ڏنو آهي ڪٿي ٽين مخلوق جي صحبت ۾ ته ناهن اچي ويا سائين نثار ابڙا اوهان ئي ڪجه ٻڌايو ته حقيقت ڇا آهي hall chari
ادا پاڻ ته آهيو ئي فقير لاهوتي لڏي جا مولائي ماڻهو کلڻ ۽ کلائڻ پنهنجو ڪم باقي وهاب پنهنجي جند پاڻ ڇڏائي hatt-parehatt-parehatt-parehatt-pare shal judy hujeen sindhsalamatsaathsal