ملان ۽ صوبيدار

علي ظفر

نائب منتظم
انتظامي رڪن


هڪ ڳوٺ ۾ هڪ صوبيدار جي ڪافي عرصي کان ڊيوٽي لڳل هئي. اهو ڳوٺ ۾ ڪافي مشهور هو، ڇالاءِ جو اهو تقريبن سڀني ئي ڳوٺاڻن کي ٿاڻي جي سير ڪرائي چڪو هو. پر هاڻي هن جي ٽرانسفر جو آرڊر اچي چڪو هو ۽ اهو ڳوٺ مان چارج ڇڏي ئي رهيو هو ته کيس اوچتو ياد آيو ته ڳوٺ جي مسجد جو مولوي صاحب ته منهنجي گرفت ۾ اڄ ڏينهن تائين ڪو نه آيو آهي. ان ڪري هن چارج پوءِ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو ۽ مسجد طرف روانو ٿي ويو. اتفاق سان مولوي صاحب موٽر سائيڪل تي سامهون کان ئي اچي رهيو هو. صوبيدار آڙ وٺي بيهي رهيو ۽ جيئن ئي مولوي صاحب ويجهو پهتو ته صوبيدار هڪدم ٽپو ڏيئي آڏو اچي ويو ته جيئن موٽر سائيڪل جي ٽڪر سبب مولوي صاحب کي غير محطاط ڊرائيونگ ۾ گرفتار ڪري سگهي.



پر خوشقسمتيءَ سان مولويءَ بروقت بريڪ هڻي ٽڪر ٿيڻ کان بچائي ورتو.



مون کي افسوس آهي مولوي صاحب، مان علائقي جي هر فرد کي حوالتن ۾ بند ڪري چڪو آهيان، پر تون واحد انسان آهين جيڪو مون کان بچي ويو آهين.



صوبيدار جي ان ڳالهه تي مولوي صاحب مسڪرايو ۽ وراڻيائين ته ڇا توهان ان جو سبب ڄاڻو ٿا، نه صوبيدار وراڻيو.



اصل ۾ ان جو سبب هي آهي ته خدا تعالي مون سان هر وقت گڏ هوندو آهي. مولويءَ انڪشاف واري انداز ۾ ٻڌايو.



ڇا خدا تعالي هن وقت به توهان سان گڏ آهي، صوبيدار تصديق ڪرڻ واري انداز ۾ پڇيو.



بيشڪ مولوي صاحب فخر مان ڪنڌ ”ها“ ۾ ڌوڻيو.

تڏهن صوبيدار مولوي صاحب کي چيو ته خدا مون کي به ڪڏهن مايوس نه ڪيو آهي. هاڻ مان توکي ٻيلهه سواري ڪرڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيان ٿو، ڇالاءِ جو ڊبل سواري تي حڪومت طرفان بندش پيل آهي
 
اسان واري فقير ۽ ادي وهاب اڃ ڪله تاڙين وڄائڻ تي کڻي زور ڏنو آهي ڪٿي ٽين مخلوق جي صحبت ۾ ته ناهن اچي ويا سائين نثار ابڙا اوهان ئي ڪجه ٻڌايو ته حقيقت ڇا آهي hall chari
 
اسان واري فقير ۽ ادي وهاب اڃ ڪله تاڙين وڄائڻ تي کڻي زور ڏنو آهي ڪٿي ٽين مخلوق جي صحبت ۾ ته ناهن اچي ويا سائين نثار ابڙا اوهان ئي ڪجه ٻڌايو ته حقيقت ڇا آهي hall chari

ادا پاڻ ته آهيو ئي فقير لاهوتي لڏي جا مولائي ماڻهو کلڻ ۽ کلائڻ پنهنجو ڪم باقي وهاب پنهنجي جند پاڻ ڇڏائي :D

hatt-parehatt-parehatt-parehatt-pare

shal judy hujeen


sindhsalamatsaathsal
 
Back
Top