• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٿر جو ڪوئلو يا سون ۔۔۔ سنڌ لا روشني جي اميد

نثارابڙو

نائب منتظم
[
ٿر جي ڪوئلي جا ذخيرا؛

[
http://imageshack.us
حوالو؛
سلمان علي پاران hubpages.com تي لکيل؛
سائين شفيق احمد جوکئي صاحب پاران سنڌي ادبي ايسوسيئشن فيسبڪ تي ونڊ ڪيل؛
ترجمو؛ نثار ابڙو
نوٽ؛ دوستو هي ليک مختصر ۽ معلوماتي آهي، اوهان سڀني جي پڙهڻ لاءِ آهي ۽ اسان سڀني جي لاءِ سوچڻ جو مقام آهي، ان اميد سان پيش ڪريانٿو ته اسين سنڌي هن مسئلي کي پنهنجي زندگي ۽ موت جي سوال جيئان سوچي حل ڪرايون ۽ هي ڪمسپرسي ۽ غربت جا ڏينهن ۽ اونده ۾ رهڻ جو دور ختم ڪريون ...

******************************************************


http://imageshack.us

“ جيڪڏهن سعودي عرب ۽ ايران جي تيل جا ذخيرا گڏ ڪجن ته لڳ ڀڳ 375 بلين بئرل ٿيندا. پر اڪيلي سر ٿر سنڌ جي ڪوئلي جا ذخيرا لڳ ڀڳ 850 ٽرلين ڪيوبڪ فٽ ٿين ٿا. جيڪي سعودي عرب ۽ ايران جي تيل جي ذخيرن کان به گهڻا آهن.

هن ڪوئلي جي ذخيرن مان لڳ ڀڳ 850 ٽرلين ڪيوبڪ فٽ گئس ملندي جيڪا پاڪستان ۾ موجود گئس جي ذخيرن کان 30 فيصد وڌيڪ ٿيندي.

ڊاڪٽر مرتضٰا مغل پاڪستاني اقتصاديات واري شعبي جي صدر چيو آهي ته ڪوئلي جي ذخيرن جي قيمت 25 ٽرلين آمريڪي ڊالر آهي ، ان پئسي سان نه فقط پاڪستان کي ايندڙ 100 سالن لاءِ بجلي ملي سگهندي بلڪه 4 بلين ڊالر بچندا جن سان پاڪستان کي گهربل تيل جو بل به ادا ٿي ويندو. ٿير جي ڪوئلي جو صرف 2 فيصد خرچ ڪرڻ سان 20،000 ميگاواٽ بجلي پئدا ڪري سگهجي ٿي ان بجليءَ کي هڪ منٽ جي وقفي کان بنا پوري پاڪستان لاءِ 40 سالن لاءِ بجلي مهيا ڪري سگهبي. ۽ جيڪڏهن سڀ ذخيرا استعمال ٿيندا ته تصور ڪريو ته ڪيترو ناڻو ڪمائي سگهبو يا بجلي پئدا ڪري سگهبي.

ڪوئلي مان بجلي پئدا ڪرڻ تي خرچ ٿيندو اهو آهي 5.67 روپيا پاڪستاني، جڏهن ته هن وقت پاور ٺاهيندڙ ادارن جو خرچ اچي ٿو 9.27 پاڪستاني روپيا.

ڪوئلي مان بجلي پئدا ڪرڻ لاءِ صرف 420 بلين روپين جي ضرورت ٿيندي، جڏهن ته ان مان پاڪستان کي 1220 بلين روپيا ته صرف ٽئڪس ملندو.

چائنا سميت ڪجهه ٻين ادارن نه فقط سموريون رپورٽون ۽ منصوبا تيار به ڪري ورتا آهن ۽ 100 فيصد لاڳت لڳائڻ لاءِ به چيو آهي، پر پاڪستان جي پئٽرول سان لاڳاپيل چند ماڻهن ۽ ادارن (پئٽروليم گينگ) هميشه انهن منصوبن جي منظم طريقي سان مخالفت ڪندا رهنٿا ...

پاڪستان جي پئٽروليم وارو گروه گهڻُو مضبوط ۽ طاقتور آهي، ۽ پئٽرول کان علاوه هر طرح جي سگهه، قوئت يا بجلي حاصل ڪرڻ جي مخالفت ڪندي تيل جي درآمد تي زور ڏين ٿا. هن گروهه کي تيل جي درآمد ۾ سڀ کان گهڻو فائدو ملي ٿو، وڌندڙ تيل جي خرچ ۾ صرف هن سال 15 بلين ڊالر ٿيندا. پاڪستان جي مرڪزي حڪومت سنڌ جي ڪوئلي کي تمام سستي اگهه ۾ انهن ئي ڪمپينين کي کپائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي۔


*********************
ڪوئلي جي هيءَ سگهه سنڌ ۾ صدين کان موجود آهي ۽ سنڌ حڪومت کي انجي خبر گذريل 30 سالن کان آهي، ڇا 30 سالن ۾ ايتري دولت جو استعمال نه ڪرڻ بيوقوفي چئبي يا سنڌ دشمني؟

سنڌ جا وارثو، جاڳو ۽ پنهنجي سگهه جي حفاظت ڪريو ۽ سنڌ جو ڪوئلو سنڌ لاءِ استعمال ڪرڻ لاءِ حڪومت وقت کي مجبور ڪيو ۽ ان ڪوئلي تي صرف ۽ صرف سنڌ جو حق آهي ۽ سنڌ جي علائقي ٿر جو حق آهي، اچو ته سنڌ بچايون ۽ اهڙي سوچ ڪريون جنهن سان سنڌ خوشحال ٿئي ...

انکان اڳ جو سڀ ڪجهه تباهه ٿي وڃي ، اکيون کوليون سنڌ جي مالڪي ڪريو ...
 
جواب: ٿر جو ڪوئلو يا سون ۔۔۔ سنڌ لا روشني جي اميد

سنڌ جا وارثو، جاڳو ۽ پنهنجي سگهه جي حفاظت ڪريو ۽ سنڌ جو ڪوئلو سنڌ لاءِ استعمال ڪرڻ لاءِ حڪومت وقت کي مجبور ڪيو ۽ ان ڪوئلي تي صرف ۽ صرف سنڌ جو حق آهي ۽ سنڌ جي علائقي ٿر جو حق آهي، اچو ته سنڌ بچايون ۽ اهڙي سوچ ڪريون جنهن سان سنڌ خوشحال ٿئي ..

سائين نثار لک مهربانيون

اوهان هڪ بهترين، ڄاڻ سان ڀرپور ۽ سنڌ جي جياپي وارو مضمون ترجمو ڪري پيش ڪيو آهي۔ سچ پڇو ته هي ليک پڙهڻ کانپوء ڏک ۽ خوشي ٻئي احساس ٿيا آهن۔ خوشي ان ڳاله جي ته هي خزانو سنڌ ۾ آهي اڃان تائين محفوظ آهي نه ته تيل ۽ گئس جي ذخيرن وانگر پنجاب ۽ پاڪستان جون قوتون ڪڏهن جو پنهنجو فائدو وٺي وڃن ها۔


ڏک ان ڳالھ جو آهي ته سموري سنڌ هيڏن سارن ذخيرن هوندي انڌيري ۾ آهي۔ گرميء‌ ۾ سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن جي بجلي بند آهي۔ انشاء الله هڪ ڏينهن هي ڪوئلو سنڌ جي قسمت بدلائيندو ۽ هي ڪوئلو نه پر سون ٿي سنڌ جا سور ختم ڪندو۔

ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: ٿر جو ڪوئلو يا سون ۔۔۔ سنڌ لا روشني جي اميد

محترم سائين تمام بهترين مضمون کي اوهان سنڌي ۾ ليک پاري اڻ واقف سنڌين جي اک کولي آهي۔
سائين سليمان وساڻ جيان ڏک ۽ خوشي پڻ ٿئي ٿئي۔
سنڌ جي ڳوٺن جي حالت ايتري ته خراب آهي۔۔جنهن جو ڪو انگ اکر به نه آهي۔۔۔۔مونکي ته لڳي ٿو ته سنڌي ماڻهن کي انڌ ۾ ڄاڻي واڻي ڌڪيو ٿو وڃي۔۔۔پر افسوس ان ڳالھ جو آهي ته سنڌي ماڻهن ۾ سُجاڳي آخر ڪڏهن ايندي۔۔۔؟؟
 
جواب: ٿر جو ڪوئلو يا سون ۔۔۔ سنڌ لا روشني جي اميد

سائين نثار لک مهربانيون

اوهان هڪ بهترين، ڄاڻ سان ڀرپور ۽ سنڌ جي جياپي وارو مضمون ترجمو ڪري پيش ڪيو آهي۔ سچ پڇو ته هي ليک پڙهڻ کانپوء ڏک ۽ خوشي ٻئي احساس ٿيا آهن۔ خوشي ان ڳاله جي ته هي خزانو سنڌ ۾ آهي اڃان تائين محفوظ آهي نه ته تيل ۽ گئس جي ذخيرن وانگر پنجاب ۽ پاڪستان جون قوتون ڪڏهن جو پنهنجو فائدو وٺي وڃن ها۔


ڏک ان ڳالھ جو آهي ته سموري سنڌ هيڏن سارن ذخيرن هوندي انڌيري ۾ آهي۔ گرميء‌ ۾ سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن جي بجلي بند آهي۔ انشاء الله هڪ ڏينهن هي ڪوئلو سنڌ جي قسمت بدلائيندو ۽ هي ڪوئلو نه پر سون ٿي سنڌ جا سور ختم ڪندو۔

ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔۔۔۔۔

سائين منهنجا هڪ ڪهاوت ٻڌندا هئاسون " ڏيئي جي هيٺان اونده” ان ڪهاوت جو مقصد ته صاف آهي ته پاڻ ۾ روشني رکندڙ ڏيئي جي هيٺان به اونده هجي ٿي۔ سنڌ پنهنجن پورن وسائل سان آزاد ۽ خودمختيار هجي ته هوند دبئي يا سعودي يا گهڻن ملڪن کان خوشحال ۽ آباد هجي ها پر ائين ٿي نه سگهيو آهي ۽ سنڌ هن وقت جنهن غربت ۽ ڪسمپرسي ۾ گذاري پئي انجو مثال ڳولهيو ملڻ مشڪل آهي ۔۔۔

ان ملڪ وٽ جنهن وٽ سمنڊ هجي، درياهه هجي، معدنيات جا ذخيرا هجن، تيل، گئس ۽ ڪوئلي جا ذخائر هجن، جنهن وٽ زراعت اهڙي جو هر قسم جو اناج ۽ ٻوٽو ۽ ڦل موجود هجي، پولٽري يا گوشت ۾ خودڪفيل هجي، مڇي جا هزارين ڍنڍون ۽ ڍورا هجن، مطلب سنڌ سڄي سون سنڌ سڄي سرهاڻ، پر پو به سنڌ جي اصلوڪن رهاڪن جي حالت صديون پوئتي پيل قوم جهڙي هجي ته روئڻ جو مقام ئي نه بلڪ ٻڏي مرڻ جو مقام آهي ۔۔۔ خاص ڪري اسان پڙهيل لکيل ۽ باشعور ماڻهن لا ۔۔۔

اچو ته اسين سڀ گڏجي قوم جي ڇوٽڪاري جا جتن ڪريون ۽ قوم کي هڪ مضبوط ۽ سگهاري تنظيم عطا ڪريون ۔۔۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: ٿر جو ڪوئلو يا سون ۔۔۔ سنڌ لا روشني جي اميد

منهنجي ذاتي اها راً آهي ت ٿر جي ڪوئلي جي کوٽائي ن ٿيڻ گهرجي ڇو ت سنڌ جي ٻي معدنيات وانگر سامراج سنڌ جي ڪاوئلي مان ب سنڌ کي ڪجه ب ن ڏيندو۔
 
جواب: ٿر جو ڪوئلو يا سون ۔۔۔ سنڌ لا روشني جي اميد

ادا ابڙا صاحب لڳ ڀڳ سال پهرين هي ناچيز ممتاز به ٿر جي ڪوئلي بابت هڪ مڪمل مضمون ۽ وڊيوز رپورٽ سنڌ سلامت جي فورم تي ونڊ ڪري چڪو آهي، شايد توهان جي نظر مان به گذري آهي ۽ توهان جو جواب به ڏنل آهي جنهن رپورٽ کي وري ٻيهر هن فورم تي سامهون آڻڻ لاء هت ونڊ ڪجي ٿي، مهرباني
۔ٿر ڪوئلو۽ حڪومت جي بي ڌياني​
 
جواب: ٿر جو ڪوئلو يا سون ۔۔۔ سنڌ لا روشني جي اميد

ان ملڪ وٽ جنهن وٽ سمنڊ هجي، درياهه هجي، معدنيات جا ذخيرا هجن، تيل، گئس ۽ ڪوئلي جا ذخائر هجن، جنهن وٽ زراعت اهڙي جو هر قسم جو اناج ۽ ٻوٽو ۽ ڦل موجود هجي، پولٽري يا گوشت ۾ خودڪفيل هجي، مڇي جا هزارين ڍنڍون ۽ ڍورا هجن، مطلب سنڌ سڄي سون سنڌ سڄي سرهاڻ، پر پو به سنڌ جي اصلوڪن رهاڪن جي حالت صديون پوئتي پيل قوم جهڙي هجي ته روئڻ جو مقام ئي نه بلڪ ٻڏي مرڻ جو مقام آهي ۔۔۔ خاص ڪري اسان پڙهيل لکيل ۽ باشعور ماڻهن لا ۔۔۔

اچو ته اسين سڀ گڏجي قوم جي ڇوٽڪاري جا جتن ڪريون ۽ قوم کي هڪ مضبوط ۽ سگهاري تنظيم عطا ڪريون ۔۔۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت

سائين فيس بوڪ تي اوهانجي انگلش ونڊ پڙهي هئم تمام حساس موضوع ڇيڙيو ٿو، اوهان جي مٿين لفظن ڇرڪ ڀرائي ڇڏيا آهن ڄڻ پهريون دفعو ڪير ٻڌاري پيو ته سنڌ سلطنت هنن ذخيرن سان مالا مال آهي.
 
جواب: ٿر جو ڪوئلو يا سون ۔۔۔ سنڌ لا روشني جي اميد

ادا ابڙا صاحب لڳ ڀڳ سال پهرين هي ناچيز ممتاز به ٿر جي ڪوئلي بابت هڪ مڪمل مضمون ۽ وڊيوز رپورٽ سنڌ سلامت جي فورم تي ونڊ ڪري چڪو آهي، شايد توهان جي نظر مان به گذري آهي ۽ توهان جو جواب به ڏنل آهي جنهن رپورٽ کي وري ٻيهر هن فورم تي سامهون آڻڻ لاء هت ونڊ ڪجي ٿي، مهرباني
۔ٿر ڪوئلو۽ حڪومت جي بي ڌياني​

جي سهڻا سائين ممتاز، اوهانجو ليک پڙهيل به آهي ته هينئن سان هنڊايل به آهي، پر هي ليک وقت سر ملي ويو ۽ مختصر طور تي سنڌ جي ڪوئلي جي ڳالهه ٿيل آهي، انڪري انگن اکرن سميت پيش ڪيم، سنڌ جي ضمير کي جيتريون چهنڊڙيون هڻجن اوترو بهتر ٿيندو ۔۔۔ جيئن جسم مان ڪنو خون ڪڍڻ لاءِ مختلف جاين ته ڪيتريون ئي ڄورون چمبڙائبو آهن بلڪل ساڳيءَ طرح سنڌ جي رڳن مان ڪن، سستي ۽ بزدلي ڪڍڻي پوندي ۔۔۔

لک ٿورا پنهنجي ليک ياد ڏيارڻ جا ۔۔۔
 
جواب: ٿر جو ڪوئلو يا سون ۔۔۔ سنڌ لا روشني جي اميد

ادا نثار تمام لاجواب معلومات شئر ڪئي اهي حقيقت پڇو ته سنڌه اسان جي سڃي سون آهي پر سنڌه جو ڪو ڌڻي سائين نه هئڻ ڪري سڀ سورن ۾آهيون اسين جن کي سنڌه جا قومپرست سمجهون ٿا جڏهن ڪا سنده جي ڳاله اچي ٿي صرف ڪجه منٽن لائي اٿي کڻها ٿين ٿا پر وري پئسن جي اڳيان ڪنڌه جهڪائي پوئتي ورڻ جو سوچين ٿا هي قومپرست نه سنڌه لائي ڪڏ هن سچا ٿيا آهن ۽ نه سچا ٿيندا شايد سنڌه اڃان ان سرواڻ ڄمڻ جو انتظار ڪندي جيڪو سهي اسان سنڌين جو نگهبان ٿيندو
 
جواب: ٿر جو ڪوئلو يا سون ۔۔۔ سنڌ لا روشني جي اميد

ادا سٺي ونڊ آهي .

ادا رياض حسين گلال صاحب ،

السلام عليڪم ادا توهان هر ٿريڊ ۾‌ صرف اهو ئي ريپلائي ڪندا آهيو ته ادا سٺي ونڊ آهي ،

ادا رياض حسين گلال صاحب ونڊ سٺو هوندو آهي سٺي هوندو ناهي مهرباني ڪري آئنده انهي ڳالهين ته توجهه ڏيندا
۽ ٻيو ته ليکڪ جي همت افزائي لا۽ ٻيو ڪجهه به لکندا ڪريو صرف اهو ئي رٽيل جملا ڪجهه سٺو نه پيا لڳن

اميد ته دل ۾‌نه ڪندا

۽ آئنده لا۽ اهڙي ڳالهه ذهن ۾ رکندا


سدائين گڏ
 
Back
Top