انصاف جي پڪار
تمام ثبوتن ۽ گواهن جي روشنيءَ ۾ هيءَ عدالت سڳوري هن نتيجي تي پهتي آهي ته ملزم عنايت روشن عليِءَ جو قاتل آهي ان ڪري هن کي دفعه....... تحت هِيِءَ عدالت کيس سزاءِ موت جو حڪم صادر ڪري ٿي ۽ ملزم مولاداد کي بيڏوهي قرار ڏيندي باعزت بري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ٿي.
ملزم روشن عليءَ جي ماءٌ عدالت سڳوريءَ جو فيصلو ٻڌڻ بعد وڏي واڪي رڙيون ڪندي جج صاحب سان مخاطب ٿئي ٿي: جج صاحب منهنجو پٽ بيڏوهي آهي، هن کي ڪوڙي مقدمي هيٺ ڦاسايو ويو آهي. توهان مون تي رحم ڪيو، منهنجو پٽ معصوم آهي، هو مون پوڙهي عورت جو هيکلو سهارو آهي. مون کان منهنجي اکين جي روشني نه کسيو، منهنجي گهر جي اڪيلي چراغ کي وسائڻ کان بچايو. هوءَ جهُور پوڙهي عورت عدالت جي ڪٽهڙي ۾ مسلسل ٻاڪاريندي ٻاڪاريندي بيهوش ٿي وئي، پر جج هن تي ڪنهن به قسم جو ڪو به احساس ڪو نه ڪيو ۽ عدالتي ڪارروائي ختم ڪندي ٻاهر هليو ويو.
ٻئي سال باعزت بري ڪيل ملزم مولاداد هڪ دفعو ٻيهر ساڳي ئي عدالت ۾ ساڳي ئي جج اڳيان هڪڙي ٻئي قتل جي مقدمي هيٺ پيش ڪيو ويو. هن واري وڪيلن جي بيان بازيءَ بعد جج صاحب پنهنجو فيصلو ٻڌائڻ شروع ڪيو: تمام ثبوتن ۽ وڪيلن جي دليلن مان هي ثابت ٿئي ٿو ته ملزم مولاداد قاتل آهي انڪري عدالت سڳوري هن کي سزاءِ موت سڻائي ٿي.
ملزم مولاداد پنهنجي خلاف فيصلو ٻڌڻ کانپوءِ وڏو ٽهڪ ڏيندي جج صاحب سان مخاطب ٿيو: واه! سائين واه! توهان جو انصاف. اڳئين سال جنهن ٻڍڙي عورت جي پٽ کي جنهن ماڻهوءَ جي قتل جي عيوض توهان موت جي سزا ڏني هئي ان جو قتل به ته مون ئي ڪيو هو. توهان جو هتي انصاف جي دڪانداري کوليون ويٺا آهيو، توهان مون کي صرف ان سوال جو جواب ڏيو ته، اسان ته آهيون ئي قاتل ان ڪري وينداسين به دوزخ ۾، پر توهان جو حشر به هن جهان ۾ اسان کان گھٽ ڪو نه ٿيندو، توهان اسان جي پهچڻ کان اڳ اتي موجود هوندا. ها.....ها... ها....واه! واه! اسان جي ملڪ جون عدالتون، واه1 واه! اسان جا وڪيل ۽ جج صاحبان. هو کلندو رهيو. جج جي هٿن ۾ ڏڪڻي اچي ويئي ۽ هن جي هٿان قلم ڇڏائجي ويو، هو صرف ملزم جي اکين ۾ حيرت وچان تڪيندو ئي رهجي ويو.