انصاف جي پڪار مختصر ڪهاڻي رشيد زهراڻي

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ رشيدالله طرفان آندل موضوعَ ‏1 اپريل 2011۔

  1. رشيدالله

    رشيدالله
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏15 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    انصاف جي پڪار
    تمام ثبوتن ۽ گواهن جي روشنيءَ ۾ هيءَ عدالت سڳوري هن نتيجي تي پهتي آهي ته ملزم عنايت روشن عليِءَ جو قاتل آهي ان ڪري هن کي دفعه....... تحت هِيِءَ عدالت کيس سزاءِ موت جو حڪم صادر ڪري ٿي ۽ ملزم مولاداد کي بيڏوهي قرار ڏيندي باعزت بري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ٿي.
    ملزم روشن عليءَ جي ماءٌ عدالت سڳوريءَ جو فيصلو ٻڌڻ بعد وڏي واڪي رڙيون ڪندي جج صاحب سان مخاطب ٿئي ٿي: جج صاحب منهنجو پٽ بيڏوهي آهي، هن کي ڪوڙي مقدمي هيٺ ڦاسايو ويو آهي. توهان مون تي رحم ڪيو، منهنجو پٽ معصوم آهي، هو مون پوڙهي عورت جو هيکلو سهارو آهي. مون کان منهنجي اکين جي روشني نه کسيو، منهنجي گهر جي اڪيلي چراغ کي وسائڻ کان بچايو. هوءَ جهُور پوڙهي عورت عدالت جي ڪٽهڙي ۾ مسلسل ٻاڪاريندي ٻاڪاريندي بيهوش ٿي وئي، پر جج هن تي ڪنهن به قسم جو ڪو به احساس ڪو نه ڪيو ۽ عدالتي ڪارروائي ختم ڪندي ٻاهر هليو ويو.
    ٻئي سال باعزت بري ڪيل ملزم مولاداد هڪ دفعو ٻيهر ساڳي ئي عدالت ۾ ساڳي ئي جج اڳيان هڪڙي ٻئي قتل جي مقدمي هيٺ پيش ڪيو ويو. هن واري وڪيلن جي بيان بازيءَ بعد جج صاحب پنهنجو فيصلو ٻڌائڻ شروع ڪيو: تمام ثبوتن ۽ وڪيلن جي دليلن مان هي ثابت ٿئي ٿو ته ملزم مولاداد قاتل آهي انڪري عدالت سڳوري هن کي سزاءِ موت سڻائي ٿي.
    ملزم مولاداد پنهنجي خلاف فيصلو ٻڌڻ کانپوءِ وڏو ٽهڪ ڏيندي جج صاحب سان مخاطب ٿيو: واه! سائين واه! توهان جو انصاف. اڳئين سال جنهن ٻڍڙي عورت جي پٽ کي جنهن ماڻهوءَ جي قتل جي عيوض توهان موت جي سزا ڏني هئي ان جو قتل به ته مون ئي ڪيو هو. توهان جو هتي انصاف جي دڪانداري کوليون ويٺا آهيو، توهان مون کي صرف ان سوال جو جواب ڏيو ته، اسان ته آهيون ئي قاتل ان ڪري وينداسين به دوزخ ۾، پر توهان جو حشر به هن جهان ۾ اسان کان گھٽ ڪو نه ٿيندو، توهان اسان جي پهچڻ کان اڳ اتي موجود هوندا. ها.....ها... ها....واه! واه! اسان جي ملڪ جون عدالتون، واه1 واه! اسان جا وڪيل ۽ جج صاحبان. هو کلندو رهيو. جج جي هٿن ۾ ڏڪڻي اچي ويئي ۽ هن جي هٿان قلم ڇڏائجي ويو، هو صرف ملزم جي اکين ۾ حيرت وچان تڪيندو ئي رهجي ويو.
     
  2. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    144
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: انصاف جي پڪار مختصر ڪهاڻي رشيد زهراڻي

    بيشڪ گناهه ڪندڙ جو ساٿ ڏيندڙ ان جي برابر سزا جو حقدار آهي۔۔۔۔
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: انصاف جي پڪار مختصر ڪهاڻي رشيد زهراڻي

    ادا بهترين ليک آهي .
     
  4. رشيدالله

    رشيدالله
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏15 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: انصاف جي پڪار مختصر ڪهاڻي رشيد زهراڻي

    مهرباني ادا
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: انصاف جي پڪار مختصر ڪهاڻي رشيد زهراڻي

    جنهن معاشري ۾ تعليمي ادارا تعليم نه ڏئي سگهندا هجن، اسپتالون شفا ڏئي نه سگهن ۽ عدالتون انصاف ڪري نه سگهن انهن معاشرن جو تباهه ٿيڻ يقيني هوندو آهي ۔۔۔ سنڌ ۾ ڏسجي ٿو ته اهي ادارا پنهنجي اصليت کان ڪوهين ڏور نظر اچن ٿا ۔۔۔ انڪري سنڌين کي ان تي ڪڙي نظر رکي پنهنجي سماج ۽ معاشري کي مٽائڻو پوندو ٻي صورت ۾ تباهي يقيني آهي ۔۔۔

    پر اثر مختصر آکاڻي ونڊ ڪرڻ تي لک ٿورا ۔۔۔۔ ۽ هڪ دفعو ڪافي عرصي کانپوءِ ڀيرو ڪرڻ تي پڻ ٿورا ۔۔۔

    اچو ڙي سورن واريون ڪريون سور پچار ۔۔۔۔
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: انصاف جي پڪار مختصر ڪهاڻي رشيد زهراڻي

    ادا سٺي ننڍڙي آکاڻي ونڊ ڪئي آهي اوهان

    سچ پڇو ته اسان جا ادارا خاص ڪري عدالتون ۽ پوليس انهن تي رڻ ٻاري ڏنو آهي۔

    بس الله کان بهتري جي گهر پيا ڪريون
     
  7. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: انصاف جي پڪار مختصر ڪهاڻي رشيد زهراڻي

    ادا بهترين ڪهاڻي آهي

    جاري رکجو

    سدائين گڏ
     
  8. رشيدالله

    رشيدالله
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏15 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: انصاف جي پڪار مختصر ڪهاڻي رشيد زهراڻي

    مهربانيون سنگت جون، اسان جو ساٿ سدائين توهان سان گڏ آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو