انٽرنيٽ تي سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ سوشل ويب سائيٽ فيس بڪ يوزرز جي سوالن لاءِ نئون ٽول متعارف ڪرايو آهي، هن ٽول جي نئين ورزن ۾ فيس بڪ استعمال ڪندڙن جي راءِ ۽ پڇيل سوالن لاءِ وڌيڪ گنجائش رکي وئي آهي، سوالن واري ٽول لاءِ مقرر پراجيڪٽ مئنيجر ايڊريان گراهم جو چوڻ آهي ته ڪيترن ئي هنڌن تي توهان اهڙن ماڻهن بابت پڇا ڳاڇا ڪرڻ چاهيندا آهيو جن کي توهان نٿا سڃاڻو پر تمام گهٽ موقعن تي توهان کي دوستن پاران ڪو جواب ملندو آهي ۽ انهيءَ ڳالهه کي فوڪس ڪرڻ لاءِ نئون ٽول متعارف ڪرايو ويو آهي، اهڙا ماڻهو جيڪي اهو نٿا چاهين ته هو پنهنجي دوست کان سوال پڇڻ لاءِ انتظار ۾ رهن ۽ پروفائل ۾ ڪا شيءِ ڊائون لوڊ ڪرڻ جي خواهش باوجود عمل نه ڪري سگهن، اهي هن ٽول ذريعي ڊائون لوڊنگ ڪري سگهن ٿا، سوالن جو متعارف ڪرايل نئون ٽول في الحال فقط انگريزي ٻولي ۾ دستياب هوندو، هن نئين ٽول کي استعمال ڪرڻ جو طريقو اهو آهي ته جڏهن توهان ڪنهن پول ۾ سوال پڇڻ لاءِ نئون آپشن پيدا ڪيو ٿا ته ٻين کي به اضافي سوال پڇڻ جي اجازت ملي ويندي، مثال طور ڪوبه ماڻهو ڪنهن ريسٽورنٽ بابت معلومات لاءِ پنهنجي دوست کان سوال پڇي سگهي ٿو، عام طور تي هن ٽول ۾ فقط ننڍا سوال پڇڻ جي اجازت هوندي آهي، هن ۾ توهان جا دوست پنهنجي پسنديده ريسٽورنٽ جا نالا به شامل ڪري سگهن ٿا ته جيئن سوالن جي لسٽ کي ٺاهڻ لاءِ آساني پيدا ٿي سگهي ۽ ساڳئي وقت سوالن ۽ جوابن جي وچ ۾ راءِ ڏيڻ لاءِ ڌار سيڪشن پڻ رکيو ويو آهي، آخري ڀيرو سوالن جو ٽول جولاءِ ۾ متعارف ڪرايو ويو هو، هاڻي سوالن ۽ جوابن جو سلسلو پروفائل جي پيجن تي شروع ڪري سگهبو، فيس بڪ استعمال ڪندڙ هڪ ئي وقت سوالن جو پول ۽ ان جا نتيجا ڏسي سگهندا ۽ گڏو گڏ پروفائل جي تصوير به ظاهر ڪئي ويندي. روزااني ڪاوش جي ٿورن سان.
جواب: فيس بڪ تي سوالن لاءِ نئون ٽول متعارف ڪنهن دوست مون کي ڪافي زور ڀريو آهي ته کيس فيس بوڪ جهڙو سوشل نيٽ ورڪ وٺرائي ڏيان۔۔۔ هن جي خواهش کان وڌيڪ اها منهنجي به خواهش هئي ته فيس جهڙو سوشل نيٽورڪ سنڌي ۾ به ٺاهجي ۽ ان تي سنڌي لکڻ لاءِ ڪو به سافٽويئر انسٽال ڪرڻ جي ضرورت نه هجي۔۔۔ پر حيراني ورتو ته فيس بوڪ خريد ڪرڻ ڪو ايترو مسئلو نه آهي پر انهن جون اهي موڊيفڪيشنس جنهن ڪري فيس بوڪ مشهور آهي تمام گهڻيون مهانگيون آهن۔۔ جيڪي انفرادي طور خريد ڪرڻ في الحال افورڊ نه ٿيون ٿي سگهن۔۔۔ ادا گلال توهان به هڪ بهترين موڊيفڪيشن جي ڳالهه ڪئي آهي۔۔۔ فيس بوڪ پنهنجي سائيٽ تي يڪسانيت بجاءِ هر وقت تبديلي ڪندو رهي ٿو۔۔ اهو ئي سبب آهي جو ٻين سوشل نيٽورڪس جي مقابلي ۾ فيس بوڪ جي مشهوري تمام گهڻي آهي۔۔۔
جواب: فيس بڪ تي سوالن لاءِ نئون ٽول متعارف تمام بهترين معلومات آهي ادا گلال اهڙي ڪوشش جاري رکجو سدائين گڏ