فيس بڪ تي سوالن لاءِ نئون ٽول متعارف

'فيس بوڪ' فورم ۾ رياض حسين گلال طرفان آندل موضوعَ ‏1 اپريل 2011۔

  1. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    انٽرنيٽ تي سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ سوشل ويب سائيٽ فيس بڪ يوزرز جي سوالن لاءِ نئون ٽول متعارف ڪرايو آهي، هن ٽول جي نئين ورزن ۾ فيس بڪ استعمال ڪندڙن جي راءِ ۽ پڇيل سوالن لاءِ وڌيڪ گنجائش رکي وئي آهي، سوالن واري ٽول لاءِ مقرر پراجيڪٽ مئنيجر ايڊريان گراهم جو چوڻ آهي ته ڪيترن ئي هنڌن تي توهان اهڙن ماڻهن بابت پڇا ڳاڇا ڪرڻ چاهيندا آهيو جن کي توهان نٿا سڃاڻو پر تمام گهٽ موقعن تي توهان کي دوستن پاران ڪو جواب ملندو آهي ۽ انهيءَ ڳالهه کي فوڪس ڪرڻ لاءِ نئون ٽول متعارف ڪرايو ويو آهي، اهڙا ماڻهو جيڪي اهو نٿا چاهين ته هو پنهنجي دوست کان سوال پڇڻ لاءِ انتظار ۾ رهن ۽ پروفائل ۾ ڪا شيءِ ڊائون لوڊ ڪرڻ جي خواهش باوجود عمل نه ڪري سگهن، اهي هن ٽول ذريعي ڊائون لوڊنگ ڪري سگهن ٿا، سوالن جو متعارف ڪرايل نئون ٽول في الحال فقط انگريزي ٻولي ۾ دستياب هوندو، هن نئين ٽول کي استعمال ڪرڻ جو طريقو اهو آهي ته جڏهن توهان ڪنهن پول ۾ سوال پڇڻ لاءِ نئون آپشن پيدا ڪيو ٿا ته ٻين کي به اضافي سوال پڇڻ جي اجازت ملي ويندي، مثال طور ڪوبه ماڻهو ڪنهن ريسٽورنٽ بابت معلومات لاءِ پنهنجي دوست کان سوال پڇي سگهي ٿو، عام طور تي هن ٽول ۾ فقط ننڍا سوال پڇڻ جي اجازت هوندي آهي، هن ۾ توهان جا دوست پنهنجي پسنديده ريسٽورنٽ جا نالا به شامل ڪري سگهن ٿا ته جيئن سوالن جي لسٽ کي ٺاهڻ لاءِ آساني پيدا ٿي سگهي ۽ ساڳئي وقت سوالن ۽ جوابن جي وچ ۾ راءِ ڏيڻ لاءِ ڌار سيڪشن پڻ رکيو ويو آهي، آخري ڀيرو سوالن جو ٽول جولاءِ ۾ متعارف ڪرايو ويو هو، هاڻي سوالن ۽ جوابن جو سلسلو پروفائل جي پيجن تي شروع ڪري سگهبو، فيس بڪ استعمال ڪندڙ هڪ ئي وقت سوالن جو پول ۽ ان جا نتيجا ڏسي سگهندا ۽ گڏو گڏ پروفائل جي تصوير به ظاهر ڪئي ويندي.
    روزااني ڪاوش جي ٿورن سان.​
     
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: فيس بڪ تي سوالن لاءِ نئون ٽول متعارف

    ڪنهن دوست مون کي ڪافي زور ڀريو آهي ته کيس فيس بوڪ جهڙو سوشل نيٽ ورڪ وٺرائي ڏيان۔۔۔ هن جي خواهش کان وڌيڪ اها منهنجي به خواهش هئي ته فيس جهڙو سوشل نيٽورڪ سنڌي ۾ به ٺاهجي ۽ ان تي سنڌي لکڻ لاءِ ڪو به سافٽويئر انسٽال ڪرڻ جي ضرورت نه هجي۔۔۔
    پر حيراني ورتو ته فيس بوڪ خريد ڪرڻ ڪو ايترو مسئلو نه آهي پر انهن جون اهي موڊيفڪيشنس جنهن ڪري فيس بوڪ مشهور آهي تمام گهڻيون مهانگيون آهن۔۔ جيڪي انفرادي طور خريد ڪرڻ في الحال افورڊ نه ٿيون ٿي سگهن۔۔۔
    ادا گلال توهان به هڪ بهترين موڊيفڪيشن جي ڳالهه ڪئي آهي۔۔۔ فيس بوڪ پنهنجي سائيٽ تي يڪسانيت بجاءِ هر وقت تبديلي ڪندو رهي ٿو۔۔ اهو ئي سبب آهي جو ٻين سوشل نيٽورڪس جي مقابلي ۾ فيس بوڪ جي مشهوري تمام گهڻي آهي۔۔۔
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: فيس بڪ تي سوالن لاءِ نئون ٽول متعارف

    تمام بهترين معلومات آهي ادا گلال

    اهڙي ڪوشش جاري رکجو

    سدائين گڏ
     
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: فيس بڪ تي سوالن لاءِ نئون ٽول متعارف

    جي ادا بلڪل توهان جي ڳالهه صحيع آهي .
     
  5. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: فيس بڪ تي سوالن لاءِ نئون ٽول متعارف

    ادا پسند ڪرڻ جي مهرباني
    سائين گڏ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو