نثارابڙو
نائب منتظم
ماءُ جي ممتا ۽ بهادري
دوستو؛ جڏهن اسين ممتا چوندا آهيون ته اصل ۾ ماءُ جي پيار جي ڳالهه ڪندا آهيون، پر ڏٺو وڃي ته اهو ماءُ جو ڪامل پيڪيج (هڙ) هوندو آهي، جنهن ۾ ماءُ جو ٻار لاءِ پيار، ٻار لاءِ قرباني، ٻار جي سنڀال، ٻار جي ضرورتن جو خيال ۽ ٻار جو بچاءُ وغيره اچي وڃي ٿو؛
هيٺ ڏنل تصويرن ۾ ڏسجي ٿو ته ممتا ۾ ٻار جي بچاءَ لاءِ جيڪا دليري يا بهادري نظر اچي ٿي سا بيمثال آهي؛ پاڻ ڏسو
هيٺ تصوير ۾ هڪ ڪتي کي نولوءَ جو ٻچڙو هٿ اچي ويو آهي ۽ هو ان ٻچڙي سان کيڏي رهيو آهي ۽ ننڍڙي نولوءَ جي ماءَ وڻ تان ڪاوڙ ۾ ڪتي کي ڏسي رهي آهي؛

http://imageshack.us
هيٺ ڏنل تصوير ۾ نولوءَ جي ماءُ ڪتي تي بهادرانه حملو ڪيو آهي،

http://imageshack.us
هيٺ تصوير ۾ ڪتي ۽ نولوءَ جي ماءُ جي ويڙهه جاري آهي ۽ ڪتو هاڻ ان مان جان ڇڏائڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيو آهي

http://imageshack.us
هيٺ تصوير ۾ ماءُ جي فتح ٿئي ٿي ۽ نولوءَ جي ماءُ پنهنجي ٻچڙي کي ساڻ کڻي وڻ تي چڙهي رهي آهي، ۽ ڪتو حثرت ۽ حيرانگي ڀريل نگاهن سان کيس ڏسي رهيو آهي

http://imageshack.us
دوستو! ماءُ جي ممتا بيمثال هوندي آهي، ماءُ پنهنجي ٻار جي بچاءَ ۾ هر مشڪل سان منهن ڏيندي آهي ۽ پاڻ کان سگهارين شين سان به مهاڏو اٽڪائيندي آهي ... پنهنجي ٻار لاءِ هوءَ ٻارن جي پيءُ جا دڙڪا دهمان پڻ سهندي آهي ته وقت اچڻ تي توبن ۽ بندوقن آڏو پنهنجي ڇاتي ڇپر ڪندي آهي ... تازو هڪ فار ايسٽ جي ملڪ ۾ زلزلو آيو ... هڪ گهر کي کوٽيو ويو ته ان مان 6 مهينن جي ٻار کي زنده سلامت ڪڍيو ويو ... خبر آ اهو ٻار زنده ڪيئن رهيو، ڇاڪاڻ ته ماءُ ان ٻار کي پنهنجي هيٺان ڏئي سجدي واري پوزيشن ۾ زمين تي ستي رهي ۽ مٿان مڻ مٽِيءَ جا برداشت ڪندي ساه ڏنائين پر هيٺان پيل ٻار تي هڪ رهڙ به اچڻ نه ڏنائين ...
سلام ماءُ تنهنجي عظمت کي ... سلام تنهنجي پيار کي ... سلام تنهجي دليري ۽ بهادريءَ کي ... سلام تنهنجي ايثار ۽ قربانيءَ کي ... ڪاش توکي سجدي جي اجازت هجي ها ته اسين پنهنجا سر تنهنجي عظمت آڏو جهڪائي توکي سجدا ڪريون ها ...
سنڌ سلامت ساٿ سلامت