ماءُ جي ممتا ۽ بهادري

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏2 اپريل 2011۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ماءُ جي ممتا ۽ بهادري

    دوستو؛ جڏهن اسين ممتا چوندا آهيون ته اصل ۾ ماءُ جي پيار جي ڳالهه ڪندا آهيون، پر ڏٺو وڃي ته اهو ماءُ جو ڪامل پيڪيج (هڙ) هوندو آهي، جنهن ۾ ماءُ جو ٻار لاءِ پيار، ٻار لاءِ قرباني، ٻار جي سنڀال، ٻار جي ضرورتن جو خيال ۽ ٻار جو بچاءُ وغيره اچي وڃي ٿو؛

    هيٺ ڏنل تصويرن ۾ ڏسجي ٿو ته ممتا ۾ ٻار جي بچاءَ لاءِ جيڪا دليري يا بهادري نظر اچي ٿي سا بيمثال آهي؛ پاڻ ڏسو

    هيٺ تصوير ۾ هڪ ڪتي کي نولوءَ جو ٻچڙو هٿ اچي ويو آهي ۽ هو ان ٻچڙي سان کيڏي رهيو آهي ۽ ننڍڙي نولوءَ جي ماءَ وڻ تان ڪاوڙ ۾ ڪتي کي ڏسي رهي آهي؛

    [​IMG]


    هيٺ ڏنل تصوير ۾ نولوءَ جي ماءُ ڪتي تي بهادرانه حملو ڪيو آهي،
    [​IMG]


    هيٺ تصوير ۾ ڪتي ۽ نولوءَ جي ماءُ جي ويڙهه جاري آهي ۽ ڪتو هاڻ ان مان جان ڇڏائڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيو آهي

    [​IMG]


    هيٺ تصوير ۾ ماءُ جي فتح ٿئي ٿي ۽ نولوءَ جي ماءُ پنهنجي ٻچڙي کي ساڻ کڻي وڻ تي چڙهي رهي آهي، ۽ ڪتو حثرت ۽ حيرانگي ڀريل نگاهن سان کيس ڏسي رهيو آهي

    [​IMG]


    دوستو! ماءُ جي ممتا بيمثال هوندي آهي، ماءُ پنهنجي ٻار جي بچاءَ ۾ هر مشڪل سان منهن ڏيندي آهي ۽ پاڻ کان سگهارين شين سان به مهاڏو اٽڪائيندي آهي ... پنهنجي ٻار لاءِ هوءَ ٻارن جي پيءُ جا دڙڪا دهمان پڻ سهندي آهي ته وقت اچڻ تي توبن ۽ بندوقن آڏو پنهنجي ڇاتي ڇپر ڪندي آهي ... تازو هڪ فار ايسٽ جي ملڪ ۾ زلزلو آيو ... هڪ گهر کي کوٽيو ويو ته ان مان 6 مهينن جي ٻار کي زنده سلامت ڪڍيو ويو ... خبر آ اهو ٻار زنده ڪيئن رهيو، ڇاڪاڻ ته ماءُ ان ٻار کي پنهنجي هيٺان ڏئي سجدي واري پوزيشن ۾ زمين تي ستي رهي ۽ مٿان مڻ مٽِيءَ جا برداشت ڪندي ساه ڏنائين پر هيٺان پيل ٻار تي هڪ رهڙ به اچڻ نه ڏنائين ...

    سلام ماءُ تنهنجي عظمت کي ... سلام تنهنجي پيار کي ... سلام تنهجي دليري ۽ بهادريءَ کي ... سلام تنهنجي ايثار ۽ قربانيءَ کي ... ڪاش توکي سجدي جي اجازت هجي ها ته اسين پنهنجا سر تنهنجي عظمت آڏو جهڪائي توکي سجدا ڪريون ها ...

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  2. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ماءُ جي ممتا ۽ بهادري

    سبحان الله معلوم اچي ٿيو ته ممتا جو ڪو به مثال ناهي ، ممتا انسان ۾ هجي يا جانور ۾ هن ۾ ڪو به فرق ناهي ، الله تعالى اسان سڀني کي پنهنجيون مائرن جون خدمتون ۽ عزت ڪرڻ جي توفيق ڏي ، سجي عمر به جيڪر هنن جي خدمت ڪندي گذري وڃي ته به هڪ پل جو احسان انسان نٿو لاهي سگهي، ادا نثار اوهان کي جس هجي جو اهڙو قيمتي ۽ انمول ونڊ اسان سان ڪيو اٿو ، مهرباني
     
  3. و حيد کوسو بلوچ

    و حيد کوسو بلوچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2011
    تحريرون:
    298
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    نيشنل بئنڪ ۾ OGII OFFICER
    ماڳ:
    پوسٽ ڌنڱ ڳوٺ ڌنڱ تعلقه شهداد ڪوٽ
    جواب: ماءُ جي ممتا ۽ بهادري

    واه سائين نثار صاحب سدا خوش هجو آباد هجو تما م خوبصورت انمول ۽ قيمتي جنهنجو ڪو ملهه ئي ناهي
    تمام لاجواب ونڊ
     
  4. ڪمال احمد

    ڪمال احمد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 مارچ 2011
    تحريرون:
    9
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ماءُ جي ممتا ۽ بهادري

    ها سائين بلڪل سهي چوندا ته ما۽ جوپيار انمول آهي
     
  5. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ماءُ جي ممتا ۽ بهادري

    ادا تمام سٺي ونڊ آهي .
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ماءُ جي ممتا ۽ بهادري

    [justify]
    لک ٿورا سائين محترم افتخار صاحب، بيشڪ سڄي عمر به ما جي خدمت ڪجي ته سندس هڪ به ڪيل احسان لاهي نٿو سگهجي ۔۔۔ مونکي اڄ به جڏهن پنهنجي ما سان آخري ملاقات ياد ايندي آهي ته اندر ۾ عجيب قسم جو سرور ۽ ڏک پئدا ٿيندو آهي ۔۔۔۔

    سندس آخري چمي ايتري ته سڪائتي هئي جنهن جي گرمي اڄ به ڳلن تي محسوس ڪريانٿو، سندس آخري نظر جيڪا هن کڻي ڪيترن منٽن تائين مونکي گهور پائي ڏٺو هو، اڄ به اهو منظر منهنجي آڏو چٽو ۽ اندر کي چيريندڙ آهي ۔۔۔

    رب العالمين اسانجي امڙين کي ڪوسو وا نه ڏيکاري ۽ جيڪي فوت ٿي ويون آهن انهن کي جنت ۾ اوچو مقام عطا ڪري ۽ اسانجي سڀن ثوابن جي صدقي بخش فرمائي ۔۔۔ آمين
    [/justify]
     
  7. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ماءُ جي ممتا ۽ بهادري

    جڏهن الله جي رحمت ۽ شفقت جي ڳالهه ڪئي ويندي آهي ته اهيو چيو ويندو آهي ته ( الله ته ماء جي رحمت ۽ شفقت کان به ستر دفعا يا ستر هزار دفعا وڌيڪ رحمت وارو ۽ شفيق آهي )، جڏهن رحم رحمت ۽ شفقت جي ڳالهه نڪري ٿئي ته پوء ماء جو ئي نالو ورتو وڃي ٿو ۽ ماء جو ئي مثال ڏنو وڃي ٿو، شايد ان ڪري ته ماء اها هستي آهي جيڪا هن ڌرتي تي پنهنجي ٻچي سان وڌ ۾ وڌ پيار ڪندڙ، ۽ شفقت ڪندڙ آهي، هن ڌرتي تي ماء جو شايد ٻيو مدمقابل آهي ئي ڪو نه۔
    ماء جي ڏهاري جي نسبت سان مان هڪ مضمون ۽ وڊيوز
    ( عظيم هستي ماءُ ) جي نالي سان سنڌ سلامت تي پڻ ونڊ ڪري چڪو آهيان جنهن کي ڏسڻ لاء ڪلڪ ڪري ڏسي سگهجي ٿو۔
     
  8. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ماءُ جي ممتا ۽ بهادري

    تازو جاپان ۾ آيل زلزلي ۽ سونامي کان پوءِ جڏهن ڪريل گهرن هيٺان دٻيل انسانن کي ڪڍيو ٿي ويو ته هڪ تصوير سامهون آئي ۔۔۔ جنهن ۾ هڪ ماءُ پنهنجي پٽ کي بچائڻ لاءِ اها ساڳي ڪوشش ڪري رهي هئي جيڪا مٿي سائين نثار جن ٻڌائي آهي۔۔۔ هن تصوير ۾ ممتا جي جهلڪ واضح آهي۔۔

    [​IMG]

    ياد رکو جي توهان پنهنجي پوري عمر به ماءِ جي خدمت ڪيو ته اها ان جي توهان کي پاليل راتين مان هڪ رات جي برابر به نه ٿي سگهي
     
  9. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ماءُ جي ممتا ۽ بهادري

    سائين جزاڪ الله۔۔۔ماشاالله امڙ جي ڪهڙي لفظن ۾ تعريف ڪجي۔۔رشتا ٻيا به گهڻا امڙ جيجل زور آ​
     
  10. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ماءُ جي ممتا ۽ بهادري

    ادا سمون صاحب مان توهان جي ڳالهه سان هنڊريڊ ٽين پرسنٽ متفق آهيان۔ ​

    ماء جي هڪ دعا سائڻ عابده جي آواز ۾​

    http://www.youtube.com/watch?v=NJfPdp1dJ3M
     
  11. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ماءُ جي ممتا ۽ بهادري

    ادا ممتاز هي وڊيو ڪاپي رائيٽ سبب ختم ٿيل آهي شايد، انڪري ڏسڻ ۾ ڪون ٿي اچي ۔۔۔ لک ٿورا

    اوهانجو پهريان به ما تي لکيل ليک پڙهيل آهي، ماشاء الله اوهانجا ليک ته ڪامل ۽ سبق آموز هوندا آهن پر پاڻ به مڙئي ڪوشش ڪندا آهيون ته ڪجهه ضمير کي چهنڊڙيون لڳن، ڇاڪاڻ، پاڻکي هاڻ احساس ٿيندو آهي ته اسين پنهنجي ما جو اهو حق ادا نه ڪري سگهياسون جيڪو سندس حق هو، سندس پير ڌيئي پيئون هان ته به شايد گهٽ ٿئي ها ۔۔۔ پر افسوس اڄ هو اسانجي وچ ۾ ناهي ۔۔۔؟؟؟
     
  12. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ماءُ جي ممتا ۽ بهادري

    دوستو، ادي رشيد ڪالهه چاٽ دوران ٻه وڊيوز ڏسڻ لا موڪليون ۔۔۔ حقيقت پڇو ته اهي وڊيوز ڏسي ڏندي آًڱريون اچي ويون ۽ رب العالمين جي تعريف زبان مان نڪرندي رهي ۔۔۔ سبحان الله! جانورن ۾ ممتا جو جذبو ايترو سگهارو آهي جو ڏسي رب جي عظمت آڏو سر جهڪي وڃي ٿو ۔۔۔

    اوهان پاڻ ڏسو ۽ فطرت جا رنگ ڏسو

    [fv]181411098539100[/fv]

    [fv]169857036398533[/fv]
     
  13. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ماءُ جي ممتا ۽ بهادري

    ماشاءَ الله ادا تمام بهترين ۔۔۔
     
  14. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ماءُ جي ممتا ۽ بهادري

    ڀائڙا طاهر، اميد ته جڙيل هوندي ۔۔۔ لک ٿورا ليک کي پسند ڪرڻ جا ۔۔۔ رب اسان کي پنهنجي پنهنجي ماءُ جي گهڻي کان گهڻي خدمت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي ۔۔۔ آمين
     
  15. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ماءُ جي ممتا ۽ بهادري

    توهان جي لڳايل پهرين وڊيو ٻڌائي ٿي ته ماءُ پنهنجي ٻار جي حفاظت لاءِ ڪيترو خطرناڪ ٿي سگهي ٿو۔۔۔ جو خونخوار جانور به سندس انهي رخ کي ڏسي پنهنجي بک وساري ڀڄڻ کي ترجيع ٿو ڏئي۔۔۔ انتهائي خوبصورتي سان ريڪارڊ ڪيل هن وڊيو کي ڏسي ٿوري دير لاءِ ماڻهون پنهنجي پسگردائي کان بي خبر ٿيو وڃي۔۔۔

    ٻي وڊيو ۾ رب پاڪ جي مخلوق جو هڪ عجيب انداز نظر آيو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هڪ خونخوار جانور پنهنجي خوراڪ کي جڏهن ماري وڌو ته ائين لڳو ڄڻ هن ڄاڻي ورتو ته کيس خدا اڳيان جواب ڏيڻو آهي۔۔۔ ان ڪري پنهنجي ڪيل گناه جو ڪفارو اهڙي طرح ادا ڪري ٿو جو عقل دنگ ٿيو وڃي۔۔۔
    ونڊ ڪرڻ جي مهرباني۔۔۔۔
     
  16. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ماءُ جي ممتا ۽ بهادري

    آمين ثم آمين
     
  17. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ماءُ جي ممتا ۽ بهادري

    هيٺ ڀولڙي جي ٻچڙي کي موٽر سائيڪل وارو ڌڪ هڻي ويو آهي ۽ معصوم روڊ تي ڪجهه تڪليف ۾ آهي ۔۔۔

    [​IMG]


    هيٺ تصوير ۾ ان ٻچڙي جي امڙ ٽريفڪ ۽ ماڻهن جي پرواهه ڪرڻ کان بنا پنهنجي ٻچڙي کي بچائڻ ۽ وٺي وڃڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي ۔۔

    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو