• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ علمي دوست

افتخار علي چوهاڻ

سينيئر رڪن
دوستو مان کڻي آيو آهيان اوهان جي آڏو هڪ نئي سنڌي ويبسائيٽ (بلاگ) جنهن ۾ اوهان کي سنڌي زبان ۾ کوڙ ساريون علمي مضامين ۽ جانڪاري ملندي ، جئين ته اها سائيٽ اڃان ابتدائي مرحلي ۾ آهي تنهن ڪري هن تي ڪم اڃان جاري آهي ، دوست پنهنجا رايا ضرور ڏيڻ ۽ جيڪر ڪا سهڻي صلاح ڏين ته به اکين تي ۔

سائيٽ ڏانهن وڃڻ لا هيٺ ڪلڪ ڪيو؛

33mr4pf.jpg
 
جواب: سنڌ علمي دوست

ادا افتخار حسين مون وزٽ ڪيو آهي اوهان جو بلاگ شروعاتي ڪم ماشاءَ الله تمام بهترين ٿيل آهي، بهترين اسلامي ۽ حالات حاضره جا مضمون ونڊيل آهن گڏو گڏ پنهنجي پهرين سنڌي فورم سنڌ سلامت ۽ مختلف اخبارن جي لنڪن کي به نمايان ڪيو ويو آهي، ڌڻي اوهان کي وڌيڪ توفيق ڏي۔​
 
ها ادا مون فيس بوڪ ۾ به اها سائيٽ ونڊ ڪئي هئي شايد اوهان کي هتان معلوم ٿيو هوندو ، سائين سائيٽ پسند ڪرڻ لا اوهان جي وڏي مهرباني ، باقي ڪم هلندڙ آهي انشاءالله وڌيڪ بهتر بڻايبو ، رڳو اوهان جون دعائون هجن
 
جواب: سنڌ علمي دوست

دوستو سنڌ سلامت جي سنڌ سلامت اهو فورم آهي جنهن اسان کي انٽرنيٽ تي متارف ڪرايو آهي ۔ اسين اڄ ڪل جيڪو پاڻ ۾ متارف ٿيا آهيون هن جو سبب اهو فورم ئي آهي ۔ جئين هڪ ٻار لا پنهنجو گهر ۽ گهر وارا هن جي نشو نما ۽ ڪردار جو سبب بڻجندا آهن بلڪل اهڙي نموني سنڌ سلامت جو تعلق اسان سان ساڳيو ئي آهي ۔ جئين اهو ٻار وڏو ٿي پنهنجي پيرن تي بيهي ٿو ته هن ۾ گهر ۽ گهروارارن جي ڪاميابي چئي سگهجهي ٿي ، بلڪل اهڙي نموني ڪو دوست سنڌ سلامت مان اهو پيار ۽ سکيا وٺي فورم کان ٻاهر ساڳي نموني جي سکيا دوستن سان ڪنهن ٻي جگه خدمتون سرانجام ڏئي ٿو ته اها خدمت پڻ سنڌ سلامت جي لا ڪريڊٽ ٿو اچي بڻجي ، مان هن فورم مان کوڙ ساري محبتون ميڙي ساڳيو ئي پيار جيڪر هن نئي سائيٽ ۾ ونڊ ڪيان پيو ته اهو به سنڌ سلامت جو تسلسل آهي ،

مان چاهيان ٿو ته سنڌي جي پرچار ڪندڙ سوين ويب سائيٽ وجود ۾ اچن ۽ پنهنجي پنهنجي انداز ۽ سمت سان سنڌي ٻولي جي ترقي ۽ نشونما جو سبب بڻجن ، ۽ اهي سڀ دوست جيڪر تيار ٿيندا ته مان سمجهان ٿو ته اهو سڀ ڪريڊٽ ملندو سنڌ سلامت جي سڄي ٽيم کي ۔

هن ئي سفر جو راهي اوهان جي دوست هي سائيٽ تيار ڪئي آهي ، ۽ مون اها سائيٽ سنڌ سلامت ۾ به تعارف ڪرايو ته جئين دوستن کي خبر پئي ته الحمدلله هن سنڌ سلامت فورم کي جوائن ڪرڻ وارا هاڻ الڳ الڳ هن جون شاخون کولڻ لڳا آهن ، جيڪو سنڌي ٻولي لا نهايت بهترين عمل آهي ۔

مون کي خاص ڪري ادي عبدالرشيد صاحب ادي نثار ابڙو ، نثار ناز ، ادي سليماڻ وساڻ ، مست ، علي علي ، رحيم بخش جي موٽ جي ضرورت هئي ۽ ڪجه رهنمائي جي پڻ ، تنهن ڪري دوستن کي گذارش آاهي ته پنهنجا قيمتي رايا ۽ هن سلسلي کي تقويت پنهچائڻ لا ٻه اکر لکندا ته مون لا وڏي سعادت ۽ حوصلو پيدا ڪري ڇڏيندا ، دوستن جي مهرباني
 
جواب: سنڌ علمي دوست

ماشاء الله تمام سهڻي ڪوشش

سنڌيء ۾ اسلامي ويب پيجز جهجهي تعداد ۾ هجڻ گهرجن جيئن علمي ۽ تهقيقي هوالن ۾ آساني پيدا ٿئي ۽ ان سان گڏ ڄاڻ ۾ اضافو ٿئي۔ اوهان جي هن قدم تي اوهان کي جس هجي۔ اسان جون دعائون ، اسان جو ساٿ اوهان سان گڏ آهي۔
 
جواب: سنڌ علمي دوست

سٺو بلاگ جوڙيو اٿوَ۔۔۔ آ سمورن دوستن کي به صلاح ڏيندس ته مختلف سائيٽس تي موجود پنهنجي پسند جي مواد کي يا وري پنهنجي تخليق کي هڪ الڳ بلاگ بڻائي سهيڙيو ته جيئن مواد جو بيڪ اپ موجود رهي۔۔۔
جيتري قدر توهان جي بلاگ جي ڳالهه آهي ته تمام بهتر نموني ڪوشش ڪئي وئي آهي۔۔ بس ٻه ٽيڪنيڪل فالٽ نظر آيا ۔۔۔
هڪ توهان کي گهرجي ته پنهنجي سنڌي تحريرن کي سنڌي فونٽ سان ڊسپلي ڪرايو۔۔۔
ٻيو ته مڪمل مرڪزي صفحي ته ڏيکارڻ بجاءِ مشاهدي ليک ڏيکاريو ته جيئن مرڪزي صفحو وڏي صفحي بجاءِ ننڍي صفحي طور ۽ گهڻن ليک کي اهڙي طرح ڏيکاري جو ڦيرو ڀريندڙ هڪ نظر ۾ گهڻن کي لکن کي ڏسي سگهي ۽ پوءِ پنهنجي پسند جي ليک کي ڪلڪ ڪري تفصيلي پڙهي وٺي۔۔۔

مهرباني دوست جاري رکجو۔۔۔۔
 
جواب: سنڌ علمي دوست

تمام سٺي ڪوشش ڪئي اٿو

سائين لاجوب بلاگ آهي اهڙي ونڊ جي لاء مهرباني
 
جواب: سنڌ علمي دوست

ماشاء الله تمام سهڻي ڪوشش

سنڌيء ۾ اسلامي ويب پيجز جهجهي تعداد ۾ هجڻ گهرجن جيئن علمي ۽ تحقيقي حوالن ۾ آساني پيدا ٿئي ۽ ان سان گڏ ڄاڻ ۾ اضافو ٿئي۔ اوهان جي هن قدم تي اوهان کي جس هجي۔ اسان جون دعائون ، اسان جو ساٿ اوهان سان گڏ آهي۔

ادا سليمان لک ٿورا همت افزائي ڪرڻ لا ، باقي انشاءالله دوستن سان مشوره ۽ اصلاح جو ڪم هلندو رهندو ، اوهان دوستن جون دعائون رڳو گڏ هجن ته پو ٻيرو ئي پار آ ۔ مهرباني سائين
 
جواب: سنڌ علمي دوست

سٺو بلاگ جوڙيو اٿوَ۔۔۔ آ سمورن دوستن کي به صلاح ڏيندس ته مختلف سائيٽس تي موجود پنهنجي پسند جي مواد کي يا وري پنهنجي تخليق کي هڪ الڳ بلاگ بڻائي سهيڙيو ته جيئن مواد جو بيڪ اپ موجود رهي۔۔۔
جيتري قدر توهان جي بلاگ جي ڳالهه آهي ته تمام بهتر نموني ڪوشش ڪئي وئي آهي۔۔ بس ٻه ٽيڪنيڪل فالٽ نظر آيا ۔۔۔
هڪ توهان کي گهرجي ته پنهنجي سنڌي تحريرن کي سنڌي فونٽ سان ڊسپلي ڪرايو۔۔۔
ٻيو ته مڪمل مرڪزي صفحي ته ڏيکارڻ بجاءِ مشاهدي ليک ڏيکاريو ته جيئن مرڪزي صفحو وڏي صفحي بجاءِ ننڍي صفحي طور ۽ گهڻن ليک کي اهڙي طرح ڏيکاري جو ڦيرو ڀريندڙ هڪ نظر ۾ گهڻن کي لکن کي ڏسي سگهي ۽ پوءِ پنهنجي پسند جي ليک کي ڪلڪ ڪري تفصيلي پڙهي وٺي۔۔۔

مهرباني دوست جاري رکجو۔۔۔۔

ادا عبدالرشيد اوهان جي ڪامينٽس پڙهي دل ڏاڍي خوش ٿي ، ۽ مونکي هڪ نئون جوش‌۽ همت اچي پيدا ٿيو آهي ۔ هن ڪم جي ابتدا ڪرڻ جو ڪريڊت جئين ته اهو فورم ۽ اوهان دوست آهيو ۽ هن فورم جي دوستن جي ٻاريل چڙنگ هئي جنهن کي اڳتي ڦهيلائڻ جي ڪوشش ڪيم ، جئين ته اسان سيکراٽ واري مرحلي ۾ آهيون قدم قدم تي اوهان جي رهنمائي ۽ ڏس جي ضرورت پوندي رهندي ، انشاءالله ساٿ هلندو رهندو ۔

باقي اوهان جي ڳالھ بلڪل درست آهي ۽ يقين ڪيو مان پاڻ ٻين بلاگ ۾ اهڙو انداز سان ڄوڙيل پڻ ڏٺو به آهي پر شايد نئو هجڻ ڪري ڪجه ڳالھيون بلاگ جون مونکي سمجه ۾ نه پيون اچن ، انشاء الله جلد ڪور ڪري وٺبو ۽ فونٽس بلاگ وارن 50 کن ڏنا آهن جنهن ۾ سنڌي فونٽ نه آهن جيڪر بلاگ ۾ سنڌي فونٽس آڻجي سگهجن ٿا ته ضرور رهنمائي ڪندا ، هڪ ڀيري وري به اوهان جي مهرباي
 
جواب: سنڌ علمي دوست

ماشاءَ الله ادا افتخار لڳي ٿو اوهان جي محنت رنگ لائي پئي، ڌڻي اوهان کي وڌيڪ توفيق ڏئي.
 
جواب: سنڌ علمي دوست

سائين جانڪاري جي لا سنڌي لفظ آهي ڄاڻ، جيڪو سادو، آسان ۽‌ وڌيڪ خوبصورت آهي، باقي بلاگ سٺو آهي!
 
جواب: سنڌ علمي دوست

سائين جانڪاري جي لا سنڌي لفظ آهي ڄاڻ، جيڪو سادو، آسان ۽‌ وڌيڪ خوبصورت آهي، باقي بلاگ سٺو آهي!

ادا سجاد تمام خوشي ٿي جو اوهان اسان جي سائيٽ بابت پنهنجا قيمتي رايا ڏنا

پسند ڪرڻ لا مهرباني باقي جانڪاري جي جا تي مون لفظ جاڻ لکي ڇڏيو هو وري به ٻڌائڻ لا اوهان جي مهرباني ۔ جئين ته شروعاتي مرحلو آهي تنهن ڪري اصلاحات جو ڪم پڻ وقت سر ڪندو رهندو آهيان ۔
 
جواب: سنڌ علمي دوست

سائين اوهان کي هن حقير طرفان ان ڪاوش تي مبارڪ، بهترين قدم آهي جنهن تي اسان جي ٻين باصلاحيت دوستن کي به عمل ڪرن گهرجي جئين اسان جي پياري ۽ مٺڙي ٻولي پنهنجو حقيقي مقام ماڻي سگهي۔ بهرحال ڪريڊٽ وري به سنڌ سلامت کي ملي ٿو۔ جڙيا هجو شال۔
 
جواب: سنڌ علمي دوست

ادا
افتخار صاحب اسلام عليڪم۔جنهن نيڪ مقصد جنهن جو ذڪر توهان هيٺن لائنين ۾ ڪيوآهي;
مان چاهيان ٿو ته سنڌي جي پرچار ڪندڙ سوين ويب سائيٽ وجود ۾ اچن ۽ پنهنجي پنهنجي انداز ۽ سمت سان سنڌي ٻولي جي ترقي ۽ نشونما جو سبب بڻجن ، ۽ اهي سڀ دوست جيڪر تيار ٿيندا ته مان سمجهان ٿو ته اهو سڀ ڪريڊٽ ملندو سنڌ سلامت جي سڄي ٽيم کي
۔

هڪ تمام وڏو ۽ قابل ستائش ڪم ڪيو آٿو،جيڪو توهان جي سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ماڻهن سان محبت جو ثبوت آهي۔دل اسان جي چوي ٿي ته توهان سان ۽ هن فورم جي ٻين سڀني مانورن ميمبرن سان هڪ ڳاله ونڍ ڪيان۔7 اپريل 2011۔چيف جسٽس آف سنڌ جناب محترم مشير عالم صاحب پنهنجي 13 ٻين مانوري هائي ڪورٽ جي جج صاحبان سان گڏجي ٺٽو ڊسٽرڪٽ بار ايسوشين جي دعوت تي ٺٽو وزٽ ڪيو ۽ نيولي کٽيل بار جي آفيس برير(پريزڊنٽ ۽ باڊي جي ٻين ميمبرن ) کي اُوٿ کڻايو۔اسان کي محفل ۾ شرڪت جو موقعو وڪيل صاحبان جي مهربانين سان مليو۔هڪ وڪيل صاحب جن پنهنجي تقرير ۾ فرمايو ته سنڌ ۾ رهندڙ 60 فيصد سنڌي آهن۔جناب چيف صاحب جن پنهنجي تقرير ۾ اُن وڪيل صاحب کي مخاطب ٿي فرمايوته
"مسٽر لکاڻو بهراڻي توهان جي ڳاله کان اسان کي اختلاف آهي۔سنڌ ۾ 60 فيصد سنڌي نه ٿا رهن پر 100فيصد سنڌي ٿارهن۔سنڌ جو هر ماڻهو چاهي ڪهڙي قوم سان به تعلق رکي ٿو اهو سنڌي آهي۔"
هنن وڌيڪ فرمايو ته"
اسان سنڌ ۾ پيدا ٿيا آهيون ۽ اسان فخر سان چون ٿا ته اسان سنڌي آهيون۔"
سائين جن جي انهي بيان جي تصديق،ٺٽو بار ايسوسئشن،لوڪل ايڍمينسٽريشن،ميڍيا۔۽ ٻين ماڻهن جن ان محفل ۾ شرڪت ۡڪئي هئي۔انهن کان ڪري سگهجي ٿي۔هن ڳاله ٻڌائڻ جو مطلب اهو هو ته هاڻي ايڏي وڏي پوسٽ تي ويٺل هستيون بلند بانگ پنهنجي پاڻ کي سنڌي چون ٿا ۽ ان ۾ فخر محسوس ٿا ڪن۔الله سائين شل سنڌ ۾ رهندڙ هر انسان جي دل ۾ چيف جسٽس صاحب جهڙي سوچ پيداڪري ۽ هرڪو ماڻهو پاڻ کي سنڌي سڏرائڻ ۾ فخر محسوس ڪري۔آمين۔
 
ادا تسنيمي صاحب مهرباني اوهان جي پسند ڪرڻ تي ۔ جي بلڪل ادا اهوو ڪريڊت پو به سنڌ سلامت ڏانهن عو وڃي ، مهرباني

سائين مانوارا محترم غلام مصطفى صاحب همٿائڻ لا مهرباني ، باقي اوهان جي ڳاله اونهو معنى رکي ٿي ، پر هر ڪنهن جي سوچ الڳ الڳ آهي ۽ هر ڪو پنهنجي انداز فڪر سان هن ڳاله کي وٺي ٿو جيسيتائين منهنجي را آهي ڳاله زبردست ڪئي وئي آهي

الله تعالى شل سڀنن کي اهڙي سوچ نصيب ڪري جئين حقيقي معنى ۾ سنڌ جي خدمت ڪري سگهجي ۔
 
Back
Top