• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ علمي دوست

جواب: سنڌ علمي دوست

سائين افتخار پيارا
السلام عليڪم
اوهان جي حڪم جي تعميل ڪندي عرض آهي ته هن عاجز کي ڪافي مصروفيتون آهن پر ان هوندي به ڪنهن علم دوست مهربان ۽ سنڌ دوست قدردان کي جواب ڏيڻ ضروري سمجهندو آهيان اگرچه مختصر ئي هجي ليڪن ٻه اکر لکي سندن محبت ۽ محنت جي داد ڏيڻ ۾ شرڪت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان اهوئي سبب آهي جو پنهنجي مهربان دوستن جي سنڌ سلامت سان به حتي المقدور شامل رهڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان اوهان بلاگ جي لنڪ اڳ به نظر کان گذري ليڪن خاص توجهه نه ويو اڄ سرسري نظر سان اوهان جي بلاگ کي ڏٺم تمام خوشي ٿي اوهان جي بلاگ تي ڪافي تحريرون تمام سٺيون تحقيقي لڳيون اميد آهي ته توهان پنهنجي ڪوشش سان هر مفيد معلومات پنهنجي بلاگ تي رکي سنڌ ۽ سنڌيت متعلق معلومات ۾ عظيم ذخيرو پڙهندڙن کي مهيا ڪري ڏيندا باقي اختلاف راء ته هر دور ۾ رهيو آهي سو رهندو هر ڪنهن کي پنهنجي ذهن ۾ جيڪا ڳالهه سندس مزاج مطابق هوندي سا قبول ڪندو فقط ايترو ضرور هجي ته ڪو به حوالو يا تحرير پوري طرح ڏجي ته جيئن حوالو پڙهندڙ ڪڏهن به اصل ماخذ ۾ سياق و سباق ڏسي خيانت جو الزام نه لڳائي ۽ ماشآء الله توهان جي هڪ اڌ تحرير جيڪا نظر کان گذري انهن صفتن سان همڪنار نظر آئي اميد ته آئنده پڻ اهڙيون ڪوششون جاري و ساري رکندا جيتري قدر ٽيڪنيڪل مشاورت جو معاملو آهي ته ان متعلق هي عاجز به توهان وانگر پيادي جي حيثيت رکي ٿو ان ميدان جا شهسوار سائين عبدالرشيد ، سائين علي علي ، سائين عامر ضياء چارڻ صاحب جن آهن جيڪي ان کي بهتر بنائڻ لاء مفيد مشورا ڏئي سگهن ٿا بس ان معاملي ۾ ايترو عرض رکندس ته پهريون پيج جيترو مختصر ۽ هلڪو هجي ته بهتر ٿيندو جيئن وزٽ ڪندڙ جيڪي ڪنهن سست رفتار نيٽ تي هجن ته به اوهان جي بلاگ کي آساڻيء سان کولي سگهن۔
اسان جو هر ممڪن تعاون توهان سان هر وقت شامل حال آهي ۽ اوهان ۽ سڀني دوستن لاء دعائون آهن ته پاڻ سنڌ ۽ سنڌيت سان گڏ اسلام جيڪو اسان جي ٻنهي جهانن جي ڀلائي جو ڪارڻ آهي ان لاء پڻ ڪم ڪندا رهن۔ ۽ الدال علي الخير کفاعله جي زمره ۾ شامل ٿيندا رهن۔
الله تعالى توهان جي هر موڙ تي مدد فرمائي۔ آمين۔
دعائڻ ۾ ياد فرمائيندا۔
خادم ڪم
بنده معلوم۔​
 
جواب: سنڌ علمي دوست

سائين سٺي ڪاوش آهي رب پاڪ اوهان کي ڪامياب ڪري۔۔

آمين !
دوست سائيٽ پسند ڪرڻ لا اوهان جي وڏي مهرباني ۔ لک لائق

وعليڪم السلام
ادا رحيم بخش اوهان جي تحرير لاءِ الفاظ نه آهن جنهن کي پيش ڪجن ، اوهان جهڙن ماياناز ۽ سمجهو دوستن جا ڪامينٽس ڪنهن به سعادت کان گهٽ نه آهن ، اوهان جا رايا اکين تي انشاء الله شروعاتي پيج تي کي مختصر ڪبو ، باقي حوالا حتي الامڪان ڏيڻ جي ڪوشش رهندي آهي . اوهان جر ڳالھ بلڪل بجا ۽ درست آهي ته اختلاف وارو عنصر تقريبن هر ڪنهن ۾ هوندو آهي ۽ هجڻ به گهرجي ڇو ته اختلاف کي حقيقتن کي ڳولهڻ لاءِ ڊاڪڻ جي حيثيت چئجي ته غلط نه هوندو شرط اهو هجي ته نيت ۾ اخلاص ۽ انسان ۾ اخلاق جو مادو هجي ، باقي اختلاف برائي اختلاف مان مسئلا جنم وٺندا ضرور پر مسئلن کي حل ڪرڻ جو فقدان ئي هوندو .
الله تعالى جي فرمان مطابق امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر جي حتى امڪان ڪوشش ڪريون پيا ، دعا ڪريو ته پنهنجي قوم کي صحيح سمت ڏانهن آڻڻ ۽ دين اسلام لاءِ وس آهر خدمت ڪرڻ جي اها ادنى ڪوشش هلندي رهي ۽ اوهان دوستن کي به گذارش آهي ته ڪا صلاح ۽ ڀلائي جي ڪم هجي ته ضرور ٻڌائندا رهن جئين اصلاح جو ڪم به هلندو رهي .
آخر ۾ وري به اوهان کي شابس هجي جو اسان کي همٿايو ۽ اسان جي ڪم کي قدر جي نگاھ سان ڏٺو . الله تعالى کان دعا آهي ته دوستن جون اهي محبتون قائم ۽ دائم رکي ، والسلام عليڪم
 
Back
Top