[JUSTIFY]ڇا سڄي جوڊيشري ڪرپٽ آهي ۽ فيصلا انصاف تي نٿي ڪري. معزز ميمرز مٿي سبجيڪٽ تي لکڻ جي ضرورت انهي ڪري پئي آهي ته اسان جو هڪ تمام باشعور ۽ ڏاهو ميمبر محترم محمد سليمان وساڻ هن فورم جي ٻئي مانواري ميمبر محترم رشيد الله جي مختصر ڪهاڻي انصاف جي پڪار تي ڪمينٽس ڏيندي فرمايو آهي ته سچ پڇو ته اسان جا ادارا خاص ڪري عدالتون ۽ پوليس انهن جي رڻ ٻاري ڏنو آهي. انهن ڪمينٽس مان هڪ عام ذهن جو ماڻهو اهو نتيجو ڪندو ته سڄي جوڊيشري ڪرپٽ آهي ۽ ماڻهن کي ڪورٽن مان انهن جا حق انصاف ذريعي نه پيا ملن. ادا سائين ائين نه آهي، سڄي جوڊيشري ڪرپٽ نه آهي ماڻھن جا فيصلا گھڻو ڪري انصاف تي مبني ٿين ٿا ڪجهه ڪمزور، نفس جا غلام جج صاحب ۽ ڪورٽ اسٽاف، جيڪي ڪرپشن ۾ شامل آهن ۽ فيصلا ميرٽ تي نٿا ڪن جي وجه سان ان چوڻي ته "هڪ مڇي سڄي تلاب کي خراب ڪندي آهي" تي اکيون ٻوٽي اعتبار نه ڪيو پر صحيح معلومات حاصل ڪيو. ڇاڪاڻ ته اڄڪلهه جي زماني ۾ هر انسان پنهنجي قول ۽ فعل جو اڪيلو ذميوار ٺھرايو ويندو آهي ۽ ان جي ڪري سڄي سسٽم کي خراب نه چيو ويندو آهي. اڄ به توهان کي ڪيترائي جج صاحبان هائي ۽ ڊسٽرڪٽ جوڊيشري ۾ نظر ايندا جيڪي تمام گڻهين لالچن ۽ مصيبتن جي باوجود فيصلا حق تي ڪن ٿا ۽ ڪوشش ۾ آهن ته مظلومن جي صحيح داد رسائي ڪن. ڪرمينل ڪيسز ۾ انويسٽيگيشن ڏوھ جي پوليس ڪندي آهي انهي دوران گواھن جا بيان ۽ ٻيو مٽيريل گڏ ڪرڻ پوليس جو ڪم آهي. ڏوھ جي انويسٽيگيشن ۽ انڪوائري ۾ جج صاحبان جو رول نه آهي. پوليس انويسٽيگيشن جي آّڌار تي چالان (ڪورٽ جي زبان ۾ چارج شيٽ) ملزم جي خلاف پيش ڪندي آهي. جج صاحبان کي ڪيس جي صرف ٽرائيل ڪرڻي هوندي آهي گواھن کي پيش ڪرڻ ۽ انهن جي شاهدي قلمبند ڪرائڻ پراسيڪيوشن جنهن کي عام زبان ۾ سرڪاري وڪيل چئبو آهي، ان جو ڪم آهي. فريادي، شاهدي ۽ ٻيو مٽيريل جيڪو انويسٽيگيشن آفيسر جمع/گڏ ڪيو هوندو جيڪڏهن هڪڙي ملزم جي خلاف ڏوھ جو ثبوت فراهم ڪندو ۽ ٻين ملزمن جي خلاف گواھ شاهدي نه ڏيندا ته ڇا جج صاحب کي ٻنهي ملزمن کي سزا ڏيڻ گهرجي يا پوئين کي ڇڏڻ گهرجي. اسان جو جوڊيشل سسٽم (Base) ڪري ٿو گواھن تي. جج صاحبان کي ڪا پرسنل ناليج ڪرائيم جي باري ۾ نه هوندي آهي جيڪڏهن ڪورٽ مان سچو ملزم ڇٽي ٿو وڃي ته ان ۾ جج صاحبان جو ڏوھ نه آهي پر پراسيڪيوشن ۽ گواھن جو قصور آهي جن ان ملزم جي خلاف ڏوھ ۾ شامل ٿيڻ جا ثبوت نه ڏنا ۽ اهڙو ڪو مواد ريڪارڊ تي نه آندو جنهن جي ڪري ملزم کي سزا ڏيئي سگهجي. ڇا ڪڏهن توهان جج صاحبان جا فيصلا جن ۾ انهن ملزمن کي ڇڏيو آهي يا سزا ڏني آهي غورسان پڙهيا آهن ان ۾ هر ڳالهه واضح انداز ۾ لکي ويندي آهي جنهن جي (Base) تي فيصلو ڏنو ويندو آهي ڪڏهن توهان انهن ماڻهن کان جيڪي ان فيصلي تي ڪمينٽس ٿا ڪن پڇيو آهي ته جج صاحبان جيڪي ڳالهيون فيصلي ۾ لکيون آهن ۽ جيڪي ڪمزوريون يا مضبوطيون گواھن جي بيانن مان عڪس ڪيون آهن جن جي بنياد تي جج صاحبن ڪيس جو فيصلو ڏنو آهي، اهي حقيقتن ۾ آهن يا نه. جڏهن توهان ريڪارڊ ويريفائي ڪندو ته سڀ شيون توهان کي نظر ۾ اچي وينديون. ڪو به جج صاحب, سواءِ ڪرپٽ ۽ نفس جو غلام جج کان علاوٰ, ڪڏهن به ڪنهنجون سچيون شاهديون غلط انداز ۾ نه وٺندو ۽ نه ئي ان تي غلط فيصلو ڏيندو آهي. سول ڪيس ۾ پارٽين کي پنهنجي گواھن ۽ ڪاغذن جي (Base) تي پنهنجي ڪيس (Prove) ڪرڻو آهي اڄڪلھه جي معاشري ۾ جتي ڪوڙ کي ڳالھايو ۽ پسند ڪيو ٿو وڃي ۽ ان کي گناه نٿوسمجهيو وڃي، ايتروبه ڏٺو ويو آهي ته ٻئي پارٽيون پنهنجي دعوا کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ ڪورٽ ۾ قرآن پاڪ کڻڻ لاءِ تيار هونديون آهن، انهن مان يقينن هڪڙي پارٽي ڪوڙي هوندي آهي، ته ان صورت ۾ توهان ڪئين ٿا ڪورٽ کي الزام ڏيو. جيڪڏهن پارٽي پنهنجي گواھن جي آڌار تي پنهنجو ڪليم ثابت نه ٿي ڪري سگهي ته ڇا جج صاحبان کي وري به ان جي حق ۾ فيصلو ڏيڻ گهرجي، بلڪل به نه ۽ جڏهن هن قسم جو ماڻهو ڪورٽ جو فيصلو پنهنجي حق ۾ نه ڪرائي سگهندو آهي ته پوءِ رڙيون پيو ڪندو آهي. جوڊيشل هائيراڪي ۾ چيڪ ۽ بيلنس ڏاڍو آهي. جيڪڏهن ڪو سول جج يا سنئير سول جج فيصلو ٿو ڪري ته اپيل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ داخل ٿئي ٿي, سڄو ڪيس جو ريڪارڊ هيٺين ڪورٽ مان گهرايو ويندو آهي. ان جو باريڪ بيني سان اسڪروٽني ۽ اينالائسس ڪيو ويندو آهي. جيڪڏهن فيصلو غلط آهي ته نه رڳو اهو فيصلو ڪلعدم قرارڏنو ٿو وڃي پر ڪڏهن ڪڏهن جج جي اينٽيگريٽي خلاف ريمارڪس به پاس ڪيا ٿا وڃن. ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج جي فيصلي جي خلاف هائي ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي ويندي آهي ۽ اتي به ساڳيو پراسيس ٿيندو آهي ۽ هائي ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي ويندي آهي ۽ اتي به اهو ساڳيو پراسيس ٿيندو آهي. هن صورت ۾ سڄي جوڊيشري کي ڪرپٽ سمجهڻ زيادتي ٿيندي، اڄڪلهه ماڻهن جو ڪورٽ جي سسٽم تي يقين تمام گهڻو وڌي ويو آهي انهي ڪري جيڪي فيصلا اڳ ۾ وڏيري جي اوطاقن تي ٿيندا ھئا هاڻي ماڻھو ڪورٽن ۾ کڻي ٿا اچن ته جئين انهن کي صحيح انصاف ملي سگهي. انصاف نه وڪڻي سگهجي ٿو ۽ نه ئي خريد ڪري سگهجي ٿو. انصاف ڪرڻ جي صفت الله پاڪ جي آهي ۽ بزرگن جي چوڻ موجب جج الله جي نائب جي حيثيت ۾ ڪم ڪن ٿا ان ڪري جيڪڏهن ڪو جج پنهنجي ٿوري فائدي جي لاءِ ماڻهن جا حق غضب ٿو ڪري ته هو الله وٽ وڏي ڏمر اندر آهي. سائين سليمان صاحب توهان جهڙو ڏاهو ۽ باشعور ماڻهو جيڪڏهن هن قسم جا ڪمينٽس ڏئي ٿو ته, انهن ججن ۽ ڪورٽ اسٽاف، جيڪي الله کان ڊڄندا آهن خدا پرست هوندا آهن۽ صحيح فيصلا ڪرڻ جي جتن ۾ لڳا پيا هوندا آهن، هو پنهنجي گهر جا مسئلا، رهائش جا مسئلا ۽ ٻيا مسئلا پوئتي رکي ماڻهن جا مسئلا ميرٽ تي حل ڪرڻ لاءِ ڪوشان هوندا آهن، انهن جي دل آزاري ٿيندي جن کي توهان جهڙي ماڻهن جي همت افزائي جي ضرورت آهي توهان سچل ڳوٺ ۾ رهو ٿا، جيڪو ڊسٽرڪٽ ملير۾ اچي ٿو شايد, اتان جو محترم نئون ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج ۽ ميجارٽي آف ججز ايماندار ۽ ميرٽ تي فيصلي ڪرڻ وارا ليکيا ويندا آهن توهان ڪڏهن ڪنهن ڪورٽ ۾ وڃي وزٽ ڪريو يا سنڌ جون ٻيون ڪورٽون گهمي ڏسو اسان کي يقين آهي ته اهو جيڪو مس ڪنسپيشن ماڻهن جي دلين ۾ وڌو پيو وڃي، ته سڄي جوڊيشري ڪرپٽ آهي غلط ثابت ٿيندو. چوندا آهن ته پنج آڱريون برابر نه آهن توهان خدارا سڀني ماڻهن کي ساڳئي پيماني تي نه پرکيو. هن آرٽيڪل سان ڪنهن معزز ميمبر يا سائين محترم سليمان وساڻ جي اسان دل آزاري نه پيا ڪرڻ چاهيون پر سچيون حقيقتون ٻڌائڻ پيا چاهيون تاڪه ڪجھه ماڻهن جي خراب هئڻ جي ڪري سڄي ڊپارٽمينٽ کي خراب نه سمجهيو وڃي.@};-@};-@};- [/JUSTIFY]
جواب: ڇا سڄي جوڊيشري ڪرپٽ آهي ۽ فيصلا انصاف تي نٿي ڪري. السلام عليڪم سائين سائين مان توهان سان متفق آهيان باقي رهي ڳالهه دل آزاري جي ته توهان خاطري ڪيو ان ۾ ڪنهن جي دل آزاري جي ڳالهه نه آهي باقي سليمان صاحب به صفا اصل مکڻ ماڻهو اٿئو اهو دل ۾ نه ڪندو آهي يار ويس ۽ دلبر ماڻهو اٿئو باقي بحث مباحثو ته ضرور ٿيندو رهندو آهي ان ۾ دل ۾ ڪرڻ جا ڪا ڳالهه نه آهي اهڙي بهترين آرٽيڪل لکڻ تي توهان جي جس هجي جاري رکجو سدائين گڏ
جواب: ڇا سڄي جوڊيشري ڪرپٽ آهي ۽ فيصلا انصاف تي نٿي ڪري. [justify]محترم دوست غلام مصطفى صاحب؛ سڀ کان پهريان ته اوهان جا لک لائق جو اوهان جوڊيشري (عدالت ) جي صحيح ترجماني ڪئي آهي، بيشڪ سڀ آڱريون برابر ناهن هونديون ڪيترا ئي مثال موجود آهن جنهن ۾ اسانجي سڃاپرو رشتيدارن يا دوستن جي وڏن جج جي عهدي تي پهچي انصاف ڀريا فيصلا ڪيا ۽ رب جي ذات کان ڊڄندا رهيا ۽ جڏهن عهدي تان لٿا ته سندن ضمير صاف هين ۽ سڪون جي زندگي گذاري يا وري ايمان جي موت مئا ۔۔۔ اصل ڳالهه اها ناهي، اصل ڳالهه آهي پوري نظام جي، جنهن ۾ پوليس کان وٺي عدالت تائين جنهن ڏکئي مرحلي مان هڪ ماڻهون گذري ٿو ان جي آهي، ان ۾ وري پوليس واري کان وٺي، عدالت جي پٽيوالي تائين ۽ پٽيوالي کان وٺي ڪلارڪ ۽ عملي تائين يا وغيره وغيره ۔۔۔ جج ايماندار به هجي پر جج تائين پهچڻ لا انهن سڀني ماڻهن جي شراڪت کان پو وڪيل جي معرفت جڏهن ڪو ماڻهون جج تائين پهچي ٿو تيستائين لٽجي وڃي ٿو، ان سڄي شراڪتداري واري کوڙ مان جيڪڏهن ڪو هڪ ماڻهون به بي ايمان هجي ٿو يا کيس خدا جو خوف ناهي ته هو ماڻهون کي جج تائين پهچندي پهچيندي تباهه ڪري ڇڏي ٿو ۔۔۔۔ ننڍڙي لا آ هڪ ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاٿس، پهريان ته پوليس تنگ ڪيو ۽ جڏهن پوليس کان جان ڇڏائي ڪورٽ تائين پهتس ته اتي مونکي لڳ ڀڳ ٽي سال لڳي ويا ۔۔۔ حاضريون کائيندي ۽ ان سلسلي ۾ رشوتون ڏئي ڏئي ايترو تنگ ٿيس جو اخري ڏينهن ۾ اصل ڀڄي وڃڻ تي دل ٿي ڪيو، خدا مدد ڪئي هڪ دوست مليو جنهن ڪجهه پئسن سان اهو ڪيس جلد جج تائين پهچرائي ڪجهه سفارش ۽ ڪجهه رشوت سان ڪيس مان جان ڇڏرائي ۔۔۔۔ اهڙا ڪيترائي مثال آهن، جن سبب اسين عدالتي نظام کي گهٽ موثر يا ڌانڌلين وارو چئي سگهون ٿا ۔۔۔ دنيا جي ملڪن ۾ هن وقت انٽرنيٽ ذريعي عدالت تائين پهچي انصاف حاصل ڪري سگهڻ جا رستا کلي ويا آهن پر اسان وٽ اهو ئي پراڻو نظام ۽ اهو ئي پراڻو راڳ پيو ڳائجي ۔۔۔۔ هڪ انويسٽمنٽ ڪمپني اسانجا ئي نه پر هزارن بيواهن، يتيمن ۽ پوڙهن جا پئسا کائي وئي، ڪيس داخل به ٿيو ۽ ان فراڊي مالڪ جي ڪروڙن جي جائداد هٿ به ڪئي وئي پر سوا چند پهچ وارن ماڻهن کان علاوه ڪنهن کي ڪجهه نه مليو آهي ۔۔۔ هن وقت تائين ان ماڻهون جون ڪجهه ملڪيتون موجود آهن جيڪي هو آهستي آهستي ڇڏرائيندو وڃي ٿو، ان ڪيس کي عدالت ۾ موجود هوندي 28 سالن کان مٿي عرصو گذريو آهي پر اڄ تائين حقدارن کي حق نه مليو آهي ۔۔۔ اهو قصو آهي ها ڪورٽ سنڌ جو ۔۔۔ اهڙا ۽ اهڙي قسم جا ڪئي ڪيس آهن ۔۔۔ جيڪي عدالتي نظام تي ڪارا سوال پئدا ڪنٿا ۔۔۔؟؟؟؟؟؟؟؟؟ ڪجهه وڪيل، ڪجهه ڪلارڪ، عدالتي عملو ۽ ڪجهه جج ان ڪروڙن جي گهوٽالي ۾ شامل حال آهن ۔۔۔۔ سهڻا دوست، هڪ سوال ته بيشڪ هڪ انب جي ڪري سڄو ٽوڪرو خراب لڳندو آهي پر سوال اهو آهي ته جج جهڙي معزز شعبي ۾ هڪ به انب خراب ڇو هجي ۽ جيڪي عزتدار قومون هونديون آهن انهن ۾ جيڪڏهن ڪو اهڙو منصف جيڪو انصاف کي نقصان رسائيندو هجي ته ان سان اهڙي ويڌن ڪندا آهن جو وري ڪنهن ٻي کي انجي جرات نه ٿيندي آهي ۔۔۔ پر افسوس پاڪستان ۾ نه فقط عدالتي نظام پر انجي اردگرد سڀ جا سڀ ادارا نااهلي ۽ ڪرپشن جا هزارين قهر ويٺا ڪن ۔۔۔ انجو سبب اهو آهي ته پورو سماج ۽ سماج جي مٿي وارا ادارا ۽ ماڻهون ڪوڙا ۽ ڪرپٽ آهن ۔۔۔۔ عام ماڻهون اوهان جيئان وڏي دل ناهي رکندو يا وري عدالتن جي ايتري ڄاڻ ناهي رکندو، عام ماڻهون کي ته آئيني ۾ جيڪو عڪس نظر ايندو آهي اهو ئي سچ هوندو آهي ۔۔۔ مٺڙا دوست، مون به هي بحث برا بحث ڳالهه ناهي ڪئي بلڪ ڪجهه ذاتي تجربا ۽ خيال پيش ڪيا آهن، ممڪن ٻين دوستن جا تجربا مونکا ڪجهه مختلف هجن، جيئن اوهانجا تجربا ممڪن مختلف هجن پر پاڻ ڪجهه الڳ قسم جي تجربن مان گذريا آهيون ۔۔۔ آ هر دوست کي آڌرڀا ڪندي هي جملو ياد ڪري چوندو آهيان ته؛ اچو ڙي سورن واريون ڪريون سور پچار، جنهنجو مقصد هوندو آهي ته اسين هڪ ٻئي جا تجربا ۽ سور هڪٻئي سان ونڊ ڪري هڪٻئي جي رهنمائي ڪريون ۔۔۔ اوهانجا لک ٿورا جو اوهان اسانکي مختلف تجربن کان واقف ڪريو ٿا ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت[/justify]
جواب: ڇا سڄي جوڊيشري ڪرپٽ آهي ۽ فيصلا انصاف تي نٿي ڪري. ادا غلام مصطفى ميمڻ صاحب اوهان جي مضمون تي ڇا ويچار ڪجي ڇا ڪامينٽس ڏجن، ڳالھ کي ڪٿان شروع ڪري ڪاٿي ختم ڪجي ، اصل وقت جي جهڙي سهڻي نموني عڪاسي پيا ڪيو ۽ جيڪي گهرائي ۽ مجموعي سطح تي غور ڪري پنهنجا رايا ۽ تجويزون ٿا پيش ڪيو سو ادا اهي اوهان جا ويچار اصل سون آهن جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي ملاوٽ ناهي ، الله تعالى اوهان جي قلم ۾ مذيد جرئت ۽ استحڪام عطا فرما ، باقي ادو سليماڻ جي جيڪا ڳالھ اوهان ڪئي آهي سا مون نه پڙهي آهي ، خير ادو سليماڻ صاحب ڏاهو ۽ بردبار ماڻهو آهي دل ۾ ڳالھ نه ڪندو آهي ، بلڪه اختلاف هوندي به سهڻي نموني ڪامينٽس ڏيندو رهندو آهي اسان کي سليمان صاحب جهڙن دوستن تي ناز آهي ، ها جيڪر سائين کي اختلاف آهي ته ضرور بحث ۾ حصو وٺي جئين هن ڳالھ جي ٻين پهلوئن تي پڻ روشني پوندي ۔
جواب: ڇا سڄي جوڊيشري ڪرپٽ آهي ۽ فيصلا انصاف تي نٿي ڪري. سائين ميمڻ صاحب مهرباني مان پنهنجي ان ڳالھ تي اڃان به قائم آهيان ته عدالتن مان انصاف نه ٿو ملي۔ ان جو سبب مان پاڻ به هر مهيني مختلف ڪورٽن ۾ پيش ٿيندو رهندو آهيان۔ ڪيئن ڪورٽون اسٽي ڏيڻ کانپوء سالن جا سال ان اسٽي تي ڪم هلائينديون آهن۔ باقي اوهان جي ان ڳالھ سان سئو سيڪڙو متفق آهيان ته پنج ئي آڱريون برابر ناهن۔ هتي ڪجھ تمام بهترين ، انصاف پسند ۽ ايماندار جج پڻ آهن پر انهن جو تعداد اٽي ۾ لوڻ جي برابر آهي۔ اوهان جي انهن ڳالهين ۾ به وزن آهي ته هتي موجود انوسٽيگيشن جو جيڪو نظام آهي اهو به ناقص آهي پر ان باوجود ڪجھ ججن کي مون ايماندار پوليس آفيسرن سان ڪيل ويڌن جو ذڪر ڪرڻ هن فورم تي مناسب نه ٿو سمجهان ته ڪٿي توهين عدالت جو مرتڪب نه ٿي پوان۔ بلڪل پاڪستان جي تاريخ ۾ اهڙا ايماندار جج ٿي گذريا آهن ۽ هن وقت به موجود آهن جيڪي الله کي حاضر ناظر سمجهي فيصلو ڪن ٿا ۽ انهن ماڻهن جي ڪري ئي عدليه ۽ ملڪ پيو هلي۔ منهنجي ڪمينٽس کي اوهان ذاتي حيثيت ۾ نه پر عوام جي آواز ۽ عمومي حوالي سان ڏسو۔ جيڪڏهن ڪنهن جي دل آزاري ٿي آهي ته ان لاء مان معافي ٿو وٺان جو منهنجو مقصد قطعي طور ڪنهن تي ذاتي تنقيد ناهي۔ باقي جيڪڏهن اسان وٽ عام طور عدالتي فيصلا ايمانداري وارا هجن ها پوليس آفيسر ڪوڙيون انويسٽيگيشن ڪرڻ کان ڪوهين ڏور ڀڄن ها ۽ ملڪ جون حالتون هي ڪڏهن به نه هجن ها۔
جواب: ڇا سڄي جوڊيشري ڪرپٽ آهي ۽ فيصلا انصاف تي نٿي ڪري. ادا پنج آڱريون برابر نه آهن پر سڪن سان گڏ ساوا به سڙندا آهن، جيڪي سچ تي آهن انهن کي گهٻرائڻ نه گهرجي، ٻڌو ڪون اٿو ته هڪ ڪني مڇي سڄي تلاء کي ڪنو ڪندي آهي، مان سائين نثار جي هنن لفظن سان 100 سان متفق آهيان؛ اصل ڳالهه اها ناهي، اصل ڳالهه آهي پوري نظام جي، جنهن ۾ پوليس کان وٺي عدالت تائين جنهن ڏکئي مرحلي مان هڪ ماڻهون گذري ٿو ان جي آهي، ان ۾ وري پوليس واري کان وٺي، عدالت جي پٽيوالي تائين ۽ پٽيوالي کان وٺي ڪلارڪ ۽ عملي تائين يا وغيره وغيره ۔۔۔ جج ايماندار به هجي پر جج تائين پهچڻ لا انهن سڀني ماڻهن جي شراڪت کان پو وڪيل جي معرفت جڏهن ڪو ماڻهون جج تائين پهچي ٿو تيستائين لٽجي وڃي ٿو، ان سڄي شراڪتداري واري کوڙ مان جيڪڏهن ڪو هڪ ماڻهون به بي ايمان هجي ٿو يا کيس خدا جو خوف ناهي ته هو ماڻهون کي جج تائين پهچندي پهچيندي تباهه ڪري ڇڏي ٿو ۔۔۔۔ مان ته ايترو چوندس ته جيڪا عدالت انصاف نه ڏئي سگهي ان جي هجڻ جو ڪو به فائدو نه آهي۔۔۔۔۔۔۔ ادا اهڙن تجربن کان واقف ڪرڻ جي مهرباني۔