غلام مصطفي ميمڻ
سينيئر رڪن
ڇا سڄي جوڊيشري ڪرپٽ آهي ۽ فيصلا انصاف تي نٿي ڪري.
معزز ميمرز مٿي سبجيڪٽ تي لکڻ جي ضرورت انهي ڪري پئي آهي ته اسان جو هڪ تمام باشعور ۽ ڏاهو ميمبر محترم محمد سليمان وساڻ هن فورم جي ٻئي مانواري ميمبر محترم رشيد الله جي مختصر ڪهاڻي انصاف جي پڪار تي ڪمينٽس ڏيندي فرمايو آهي ته سچ پڇو ته اسان جا ادارا خاص ڪري عدالتون ۽ پوليس انهن جي رڻ ٻاري ڏنو آهي. انهن ڪمينٽس مان هڪ عام ذهن جو ماڻهو اهو نتيجو ڪندو ته سڄي جوڊيشري ڪرپٽ آهي ۽ ماڻهن کي ڪورٽن مان انهن جا حق انصاف ذريعي نه پيا ملن.
ادا سائين ائين نه آهي، سڄي جوڊيشري ڪرپٽ نه آهي ماڻھن جا فيصلا گھڻو ڪري انصاف تي مبني ٿين ٿا ڪجهه ڪمزور، نفس جا غلام جج صاحب ۽ ڪورٽ اسٽاف، جيڪي ڪرپشن ۾ شامل آهن ۽ فيصلا ميرٽ تي نٿا ڪن جي وجه سان ان چوڻي ته "هڪ مڇي سڄي تلاب کي خراب ڪندي آهي" تي اکيون ٻوٽي اعتبار نه ڪيو پر صحيح معلومات حاصل ڪيو. ڇاڪاڻ ته اڄڪلهه جي زماني ۾ هر انسان پنهنجي قول ۽ فعل جو اڪيلو ذميوار ٺھرايو ويندو آهي ۽ ان جي ڪري سڄي سسٽم کي خراب نه چيو ويندو آهي. اڄ به توهان کي ڪيترائي جج صاحبان هائي ۽ ڊسٽرڪٽ جوڊيشري ۾ نظر ايندا جيڪي تمام گڻهين لالچن ۽ مصيبتن جي باوجود فيصلا حق تي ڪن ٿا ۽ ڪوشش ۾ آهن ته مظلومن جي صحيح داد رسائي ڪن.
ڪرمينل ڪيسز ۾ انويسٽيگيشن ڏوھ جي پوليس ڪندي آهي انهي دوران گواھن جا بيان ۽ ٻيو مٽيريل گڏ ڪرڻ پوليس جو ڪم آهي. ڏوھ جي انويسٽيگيشن ۽ انڪوائري ۾ جج صاحبان جو رول نه آهي. پوليس انويسٽيگيشن جي آّڌار تي چالان (ڪورٽ جي زبان ۾ چارج شيٽ) ملزم جي خلاف پيش ڪندي آهي. جج صاحبان کي ڪيس جي صرف ٽرائيل ڪرڻي هوندي آهي گواھن کي پيش ڪرڻ ۽ انهن جي شاهدي قلمبند ڪرائڻ پراسيڪيوشن جنهن کي عام زبان ۾ سرڪاري وڪيل چئبو آهي، ان جو ڪم آهي. فريادي، شاهدي ۽ ٻيو مٽيريل جيڪو انويسٽيگيشن آفيسر جمع/گڏ ڪيو هوندو جيڪڏهن هڪڙي ملزم جي خلاف ڏوھ جو ثبوت فراهم ڪندو ۽ ٻين ملزمن جي خلاف گواھ شاهدي نه ڏيندا ته ڇا جج صاحب کي ٻنهي ملزمن کي سزا ڏيڻ گهرجي يا پوئين کي ڇڏڻ گهرجي. اسان جو جوڊيشل سسٽم (Base) ڪري ٿو گواھن تي. جج صاحبان کي ڪا پرسنل ناليج ڪرائيم جي باري ۾ نه هوندي آهي جيڪڏهن ڪورٽ مان سچو ملزم ڇٽي ٿو وڃي ته ان ۾ جج صاحبان جو ڏوھ نه آهي پر پراسيڪيوشن ۽ گواھن جو قصور آهي جن ان ملزم جي خلاف ڏوھ ۾ شامل ٿيڻ جا ثبوت نه ڏنا ۽ اهڙو ڪو مواد ريڪارڊ تي نه آندو جنهن جي ڪري ملزم کي سزا ڏيئي سگهجي. ڇا ڪڏهن توهان جج صاحبان جا فيصلا جن ۾ انهن ملزمن کي ڇڏيو آهي يا سزا ڏني آهي غورسان پڙهيا آهن ان ۾ هر ڳالهه واضح انداز ۾ لکي ويندي آهي جنهن جي (Base) تي فيصلو ڏنو ويندو آهي ڪڏهن توهان انهن ماڻهن کان جيڪي ان فيصلي تي ڪمينٽس ٿا ڪن پڇيو آهي ته جج صاحبان جيڪي ڳالهيون فيصلي ۾ لکيون آهن ۽ جيڪي ڪمزوريون يا مضبوطيون گواھن جي بيانن مان عڪس ڪيون آهن جن جي بنياد تي جج صاحبن ڪيس جو فيصلو ڏنو آهي، اهي حقيقتن ۾ آهن يا نه. جڏهن توهان ريڪارڊ ويريفائي ڪندو ته سڀ شيون توهان کي نظر ۾ اچي وينديون. ڪو به جج صاحب, سواءِ ڪرپٽ ۽ نفس جو غلام جج کان علاوٰ, ڪڏهن به ڪنهنجون سچيون شاهديون غلط انداز ۾ نه وٺندو ۽ نه ئي ان تي غلط فيصلو ڏيندو آهي.
سول ڪيس ۾ پارٽين کي پنهنجي گواھن ۽ ڪاغذن جي (Base) تي پنهنجي ڪيس (Prove) ڪرڻو آهي اڄڪلھه جي معاشري ۾ جتي ڪوڙ کي ڳالھايو ۽ پسند ڪيو ٿو وڃي ۽ ان کي گناه نٿوسمجهيو وڃي، ايتروبه ڏٺو ويو آهي ته ٻئي پارٽيون پنهنجي دعوا کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ ڪورٽ ۾ قرآن پاڪ کڻڻ لاءِ تيار هونديون آهن، انهن مان يقينن هڪڙي پارٽي ڪوڙي هوندي آهي، ته ان صورت ۾ توهان ڪئين ٿا ڪورٽ کي الزام ڏيو. جيڪڏهن پارٽي پنهنجي گواھن جي آڌار تي پنهنجو ڪليم ثابت نه ٿي ڪري سگهي ته ڇا جج صاحبان کي وري به ان جي حق ۾ فيصلو ڏيڻ گهرجي، بلڪل به نه ۽ جڏهن هن قسم جو ماڻهو ڪورٽ جو فيصلو پنهنجي حق ۾ نه ڪرائي سگهندو آهي ته پوءِ رڙيون پيو ڪندو آهي. جوڊيشل هائيراڪي ۾ چيڪ ۽ بيلنس ڏاڍو آهي. جيڪڏهن ڪو سول جج يا سنئير سول جج فيصلو ٿو ڪري ته اپيل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ داخل ٿئي ٿي, سڄو ڪيس جو ريڪارڊ هيٺين ڪورٽ مان گهرايو ويندو آهي. ان جو باريڪ بيني سان اسڪروٽني ۽ اينالائسس ڪيو ويندو آهي. جيڪڏهن فيصلو غلط آهي ته نه رڳو اهو فيصلو ڪلعدم قرارڏنو ٿو وڃي پر ڪڏهن ڪڏهن جج جي اينٽيگريٽي خلاف ريمارڪس به پاس ڪيا ٿا وڃن. ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج جي فيصلي جي خلاف هائي ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي ويندي آهي ۽ اتي به ساڳيو پراسيس ٿيندو آهي ۽ هائي ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي ويندي آهي ۽ اتي به اهو ساڳيو پراسيس ٿيندو آهي. هن صورت ۾ سڄي جوڊيشري کي ڪرپٽ سمجهڻ زيادتي ٿيندي، اڄڪلهه ماڻهن جو ڪورٽ جي سسٽم تي يقين تمام گهڻو وڌي ويو آهي انهي ڪري جيڪي فيصلا اڳ ۾ وڏيري جي اوطاقن تي ٿيندا ھئا هاڻي ماڻھو ڪورٽن ۾ کڻي ٿا اچن ته جئين انهن کي صحيح انصاف ملي سگهي. انصاف نه وڪڻي سگهجي ٿو ۽ نه ئي خريد ڪري سگهجي ٿو. انصاف ڪرڻ جي صفت الله پاڪ جي آهي ۽ بزرگن جي چوڻ موجب جج الله جي نائب جي حيثيت ۾ ڪم ڪن ٿا ان ڪري جيڪڏهن ڪو جج پنهنجي ٿوري فائدي جي لاءِ ماڻهن جا حق غضب ٿو ڪري ته هو الله وٽ وڏي ڏمر اندر آهي.
سائين سليمان صاحب توهان جهڙو ڏاهو ۽ باشعور ماڻهو جيڪڏهن هن قسم جا ڪمينٽس ڏئي ٿو ته, انهن ججن ۽ ڪورٽ اسٽاف، جيڪي الله کان ڊڄندا آهن خدا پرست هوندا آهن۽ صحيح فيصلا ڪرڻ جي جتن ۾ لڳا پيا هوندا آهن، هو پنهنجي گهر جا مسئلا، رهائش جا مسئلا ۽ ٻيا مسئلا پوئتي رکي ماڻهن جا مسئلا ميرٽ تي حل ڪرڻ لاءِ ڪوشان هوندا آهن، انهن جي دل آزاري ٿيندي جن کي توهان جهڙي ماڻهن جي همت افزائي جي ضرورت آهي توهان سچل ڳوٺ ۾ رهو ٿا، جيڪو ڊسٽرڪٽ ملير۾ اچي ٿو شايد, اتان جو محترم نئون ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج ۽ ميجارٽي آف ججز ايماندار ۽ ميرٽ تي فيصلي ڪرڻ وارا ليکيا ويندا آهن توهان ڪڏهن ڪنهن ڪورٽ ۾ وڃي وزٽ ڪريو يا سنڌ جون ٻيون ڪورٽون گهمي ڏسو اسان کي يقين آهي ته اهو جيڪو مس ڪنسپيشن ماڻهن جي دلين ۾ وڌو پيو وڃي، ته سڄي جوڊيشري ڪرپٽ آهي غلط ثابت ٿيندو. چوندا آهن ته پنج آڱريون برابر نه آهن توهان خدارا سڀني ماڻهن کي ساڳئي پيماني تي نه پرکيو.
هن آرٽيڪل سان ڪنهن معزز ميمبر يا سائين محترم سليمان وساڻ جي اسان دل آزاري نه پيا ڪرڻ چاهيون پر سچيون حقيقتون ٻڌائڻ پيا چاهيون تاڪه ڪجھه ماڻهن جي خراب هئڻ جي ڪري سڄي ڊپارٽمينٽ کي خراب نه سمجهيو وڃي.@};-@};-@};-