دوستو گذريل ٻن سالن کان وٺي مائڪروسافٽ وارا انٽرنيٽ ايڪسپلورر جي مقابلي ۾ مختلف برائوزر جي نت نين ورجنن کي اپڊيٽ ٿيندي ڏسندو رهيا ۔۔۔ ۽ پنهنجي ان اعلان ته انٽرنيٽ ايڪسپلورر مختلف هوندو تي ڪم ڪندا رهيا۔۔۔ ان دوران انٽرنيٽ ايڪسپلورر 9 جو مشاهدي ورجن پڻ ڏيکاريو ويو پر آخر ڪار طويل انتظار کان پوءِ گذريل مهيني يعني مارچ جي 8 تاريخ تي انٽرنيٽ ايڪسپلورر 9 جو باضابطه اعلان ڪيو ويو ۔۔۔ بظاهر انٽرنيٽ ايڪسپلورر جي هن ورجن تي ڪافي محنت ٿيل نظر اچي پئي ۔۔۔ ۽ هن جي فيچرس کي به ڪافي بهتر ڪرڻ کان سواءِ انهن ۾ اضافو پڻ آندو ويو آهي۔۔۔ جهڙوڪ اسٽريم لائين يوزر انٽر فيس۔۔۔۔ ونڊوز 7 ڊيسڪٽاپ ٽاسڪ بار بار کوليندڙ سائيٽس کي شامل ڪرڻ ته جيئن يوزر تڪڙو ايڪسيس ڪري سگهي۔۔۔ اوپيرا ڊائونلوڊ مينيجر وانگر پر مختلف، تڪڙو ۽ وڌيڪ خوبين جو حامل انٽرنيٽ ايڪسپلورر ڊائونلوڊ مينيجر جنهن ۾ پاس ۽ رزيوم جي سهولت جنهن جي پوئين ورجن ۾ بي پناهه کوٽ ڏٺي وئي هئي۔۔۔۔ مختلف ويب سائيٽن کي هڪ بهترين ٽيب مينيجر سان ڏيکاء ۔۔۔ گوگل ڪروم وانگر نئين ٽيب منجهه بار بار کلندڙ سائيٽس جو نظارو يا ويجهڙ ۾ بند ٿيندڙ سائيٽس جو نظارو۔۔۔ گوگل ڪروم وانگر ئي ويب ايڊرس منجهه ڳولا ڪرڻ جي سهولت ۽ گڏ مختلف سرچ انجڻ کي شامل ڪرڻ جي سهولت ۔۔۔۔ اطلاع نامي وارو بار جيڪو هيٺاهين جاءِ تي ظاهر ٿيندو۔۔۔ ايڊآن پرفارمنس صلاحيندڙ۔۔۔۔ گرافڪس هارڊويئر ايڪسيليٽر جنهن وسيلي آنلائين اسٽريمنگ ۽ وڊيوز کي هاءِ ڊيفينيشن ڪوائلٽي ۾ تڪڙي انداز سان ڏسڻ ۔۔۔۔ مختلف اخلاق کان ڪريل سائيٽس کي روڪڻ لاءِ بهترين پروٽيڪشن۔۔۔۔ ايڪٽوِ ايڪس فلٽرنگ۔۔۔۔ دوستو ياد رکو۔۔۔۔ انٽرنيٽ ايڪسپلور9 صرف ونڊوز وستا يا ونڊوز 7 ۾ ئي انسٽال ڪري سگهجي ٿو۔۔۔ هن ورجن ۾ ونڊوز ايڪس پي لاءِ سهولت موجود نه آهي۔۔۔۔ جن وٽ اڳ ايڪسپلور7 يا 8 موجود آهي ته ان کي ان انسٽال ڪرڻ جي ضرورت نه آهي ۔۔۔ هن ورجن کي انسٽال ڪرڻ سان اهي ورجن اپگريڊ ٿي انٽرنيٽ ايڪسپلورر 9 تي اچي ويندا۔۔۔ جيڪڏهن ڪو انٽرنيٽ ايڪسپلورر 9 کي ان انسٽال ڪندو ته هي ورجن واپس پنهنجي 7 يا 8 ورجن ۾ اچي ويندو۔۔۔ هن ورجن کي انسٽال ڪرڻ کان اڳ ان ڳالهه جو يقين ڪريو ته توهان جي سسٽم ۾ ونڊوز وستا يا 7 انسٽال ٿيل هجي ۽ ان سسٽم جي ريم گهٽ ۾ گهٽ 512 هجي۔۔۔ ۽ ان جو گرافڪ ڪارڊ پڻ طاقتور هجي۔۔۔ مائڪروسافٽ انٽرنيٽ ايڪسپلورر 9 کي بهتر انداز سان سمجهڻ لاءِ هي وڊيو ڏسو.... http://www.youtube.com/watch?v=FzD6Mk7cp-U انٽرنيٽ ايڪسپلور9 ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪري آفيشل سائيٽ جو ڦيرو ڀريو۔۔۔۔ يا وري هتي ڪلڪ ڪري ونڊوز 7 جي 32 بٽ ورجن لاءِ انٽرنيٽ ايڪسپلورر 9 جو انسٽالر ڊائونلوڊ ڪريو... ۽ ونڊوز 7 جي 64 بٽ ورجن لاءِ هتي ڪلڪ ڪري انسٽالر ڊائونلوڊ ڪريو...
جواب: مائڪرو سافٽ ونڊوز ايڪسپلورر 9 سائين خبر ته بهترين ونڊ ڪئي اٿوَ پر هاڻي ان جي لاءِ ونڊوز سيون ٻيهر انسٽال ڪرڻي پوندي۔۔ ڇا توهان جي جادو واري ڪتاب ۾ ان جو ڪو حل ناهي ته هي ونڊوز ايڪس پي ۾ اچي وڃي؟؟؟
جواب: مائڪرو سافٽ ونڊوز ايڪسپلورر 9 ادا رشيد تمام بهترين ڏس پنڌ آهي جيتوڻيڪ مون کي آفيس ۾ ته ونڊوز 7 انسٽال ٿيل آهي پر مان گهڻو ڪم ڪار انٽرنيٽ تي گهر ڪندو آهيان گهر ۾وري مون کي ايڪس پي آهي سو مست وانگر ڪو جادو ٽوڻو ڪري ونڊوز ايڪس پي جي لا۽ ڪو طريقو هٿ ڪري ٻڌايو ته ڪو ڪم ٿئي لاجواب ونڊ آهي سدائين گڏ