مائڪرو سافٽ ونڊوز ايڪسپلورر 9

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
دوستو گذريل ٻن سالن کان وٺي مائڪروسافٽ وارا انٽرنيٽ ايڪسپلورر جي مقابلي ۾ مختلف برائوزر جي نت نين ورجنن کي اپڊيٽ ٿيندي ڏسندو رهيا ۔۔۔ ۽ پنهنجي ان اعلان ته انٽرنيٽ ايڪسپلورر مختلف هوندو تي ڪم ڪندا رهيا۔۔۔ ان دوران انٽرنيٽ ايڪسپلورر 9 جو مشاهدي ورجن پڻ ڏيکاريو ويو پر آخر ڪار طويل انتظار کان پوءِ گذريل مهيني يعني مارچ جي 8 تاريخ تي انٽرنيٽ ايڪسپلورر 9 جو باضابطه اعلان ڪيو ويو ۔۔۔

IE9-RTW.png


بظاهر انٽرنيٽ ايڪسپلورر جي هن ورجن تي ڪافي محنت ٿيل نظر اچي پئي ۔۔۔ ۽ هن جي فيچرس کي به ڪافي بهتر ڪرڻ کان سواءِ انهن ۾ اضافو پڻ آندو ويو آهي۔۔۔ جهڙوڪ
  • اسٽريم لائين يوزر انٽر فيس۔۔۔۔
  • ونڊوز 7 ڊيسڪٽاپ ٽاسڪ بار بار کوليندڙ سائيٽس کي شامل ڪرڻ ته جيئن يوزر تڪڙو ايڪسيس ڪري سگهي۔۔۔
  • اوپيرا ڊائونلوڊ مينيجر وانگر پر مختلف، تڪڙو ۽‌ وڌيڪ خوبين جو حامل انٽرنيٽ ايڪسپلورر ڊائونلوڊ مينيجر جنهن ۾ پاس ۽ رزيوم جي سهولت جنهن جي پوئين ورجن ۾ بي پناهه کوٽ ڏٺي وئي هئي۔۔۔۔
  • مختلف ويب سائيٽن کي هڪ بهترين ٽيب مينيجر سان ڏيکاء ۔۔۔
  • گوگل ڪروم وانگر نئين ٽيب منجهه بار بار کلندڙ سائيٽس جو نظارو يا ويجهڙ ۾ بند ٿيندڙ سائيٽس جو نظارو۔۔۔
  • گوگل ڪروم وانگر ئي ويب ايڊرس منجهه ڳولا ڪرڻ جي سهولت ۽ گڏ مختلف سرچ انجڻ کي شامل ڪرڻ جي سهولت ۔۔۔۔
  • اطلاع نامي وارو بار جيڪو هيٺاهين جاءِ تي ظاهر ٿيندو۔۔۔
  • ايڊآن پرفارمنس صلاحيندڙ۔۔۔۔
  • گرافڪس هارڊويئر ايڪسيليٽر جنهن وسيلي آنلائين اسٽريمنگ ۽ وڊيوز کي هاءِ ڊيفينيشن ڪوائلٽي ۾ تڪڙي انداز سان ڏسڻ ۔۔۔۔
  • مختلف اخلاق کان ڪريل سائيٽس کي روڪڻ لاءِ بهترين پروٽيڪشن۔۔۔۔
  • ايڪٽوِ ايڪس فلٽرنگ۔۔۔۔

دوستو ياد رکو۔۔۔۔
  • انٽرنيٽ ايڪسپلور9 صرف ونڊوز وستا يا ونڊوز 7 ۾ ئي انسٽال ڪري سگهجي ٿو۔۔۔ هن ورجن ۾ ونڊوز ايڪس پي لاءِ سهولت موجود نه آهي۔۔۔۔
  • جن وٽ اڳ ايڪسپلور7 يا 8 موجود آهي ته ان کي ان انسٽال ڪرڻ جي ضرورت نه آهي ۔۔۔ هن ورجن کي انسٽال ڪرڻ سان اهي ورجن اپگريڊ ٿي انٽرنيٽ ايڪسپلورر 9 تي اچي ويندا۔۔۔
  • جيڪڏهن ڪو انٽرنيٽ ايڪسپلورر 9 کي ان انسٽال ڪندو ته هي ورجن واپس پنهنجي 7 يا 8 ورجن ۾ اچي ويندو۔۔۔
  • هن ورجن کي انسٽال ڪرڻ کان اڳ ان ڳالهه جو يقين ڪريو ته توهان جي سسٽم ۾ ونڊوز وستا يا 7 انسٽال ٿيل هجي ۽ ان سسٽم جي ريم گهٽ ۾ گهٽ 512 هجي۔۔۔ ۽ ان جو گرافڪ ڪارڊ پڻ طاقتور هجي۔۔۔

مائڪروسافٽ انٽرنيٽ ايڪسپلورر 9 کي بهتر انداز سان سمجهڻ لاءِ هي وڊيو ڏسو....

http://www.youtube.com/watch?v=FzD6Mk7cp-U

انٽرنيٽ ايڪسپلور9 ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪري آفيشل سائيٽ جو ڦيرو ڀريو۔۔۔۔

يا وري هتي ڪلڪ ڪري ونڊوز 7 جي 32 بٽ ورجن لاءِ انٽرنيٽ ايڪسپلورر 9 جو انسٽالر ڊائونلوڊ ڪريو...
۽ ونڊوز 7 جي 64 بٽ ورجن لاءِ هتي ڪلڪ ڪري انسٽالر ڊائونلوڊ ڪريو...
 
جواب: مائڪرو سافٽ ونڊوز ايڪسپلورر 9

سائين خبر ته بهترين ونڊ‌ ڪئي اٿوَ پر هاڻي ان جي لاءِ ونڊوز سيون ٻيهر انسٽال ڪرڻي پوندي۔۔ ڇا توهان جي جادو واري ڪتاب ۾ ان جو ڪو حل ناهي ته هي ونڊوز ايڪس پي ۾ اچي وڃي؟؟؟
 
جواب: مائڪرو سافٽ ونڊوز ايڪسپلورر 9

ادا رشيد تمام بهترين ڏس پنڌ آهي جيتوڻيڪ مون کي آفيس ۾ ته ونڊوز 7 انسٽال ٿيل آهي پر مان گهڻو ڪم

ڪار انٽرنيٽ تي گهر ڪندو آهيان گهر ۾‌وري مون کي ايڪس پي آهي سو مست وانگر ڪو جادو ٽوڻو ڪري ونڊوز ايڪس پي جي لا۽ ڪو طريقو هٿ ڪري ٻڌايو ته ڪو ڪم ٿئي

لاجواب ونڊ آهي
سدائين گڏ
 
Back
Top