
۽ آخرڪار سڀئي وسوسا، خدشا ۽ پروپيگنڊا جو اختتمام ٿيو ۽ انڊيا 28 سالن کان پوءِ ورلڊ چيمپيئن بڻجي ويو۔۔۔
ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ورلڊ ڪپ جو فائينل ميزبان ٽيم کٽيو۔۔

متنازعه ٽاس ٻه ٿيڻ کان پوءِ به جڏهن سريلنڪا جي ڪپتان ٽاس کٽي ته ٿوري دير لاءِ لڳو ته انڊيا جي لاءِ فائنل ڏکيو ٿي سگهي ٿو پر پنهنجي بهترين بالنگ، فيلڊنگ ۽ بيٽنگ پرفارمنس ڏيکاريندي انڊيا ورلڊ ڪپ فائينل 6 وڪيٽن تان کٽي ورتو۔۔۔
ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ پهريون دفعو ٻه ڏکڻ ايشيا جون ٽيمون فائينل ۾ هيون ۽ اهو به ورلڊ ڪپ تاريخ جو پهريون واقعو هيو جو ٻنهي ٽيمن جا ڪپتان پنهنجي پنهنجي ٽيمن جا وڪيٽ ڪيپر هئا۔۔۔

سري لنڪا ٽاس کٽي جي وردني جي 88 بالن تي 103 رنسن جي شاندار اننگز ڪري اسڪور 274 تي پهچايو۔۔

ڪرڪيٽ جي پنڊتن مطابق اهو اسڪور هن پچ لاءِ ٻي اننگ ۾ ڏکيو ٽارگٽ هو جيڪو انڊيا سهواگ ۽ ٽنڊلڪر جهڙي بيٽسمين جي جلدي آئوٽ ٿيڻ باوجود ڳمڀير ۽ ڪپتان ڌوني جي بهترين بيٽنگ سان آساني سان حاصل ڪري ورتو۔۔۔

ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپس جي ريڪارڊ مطابق ۔۔
فائينل جو مين آف دي ميچ ۔۔۔۔۔۔ انڊيا جو ڌوني۔۔
مين آف دي ٽورنامينٽ ۔۔۔۔ انڊيا جو ئي يوراج سنگهه ۔۔۔
سڀ کان وڌيڪ رنسون 500 ۔۔۔۔ سري لنڪا جي تليڪرتني دلشان
سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون 21 ۔۔۔۔۔۔۔ آفريدي ۽ ظهير خان
http://www.youtube.com/watch?v=rFyW948ZaNo