انڊيا 28 سالن کان پوءِ‌ ٻيهر ڪرڪيٽ جي دنيا جو چيمپيئن۔۔۔۔

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏3 اپريل 2011۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    ۽ آخرڪار سڀئي وسوسا، خدشا ۽ پروپيگنڊا جو اختتمام ٿيو ۽ انڊيا 28 سالن کان پوءِ ورلڊ چيمپيئن بڻجي ويو۔۔۔
    ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ورلڊ ڪپ جو فائينل ميزبان ٽيم کٽيو۔۔

    [​IMG]

    متنازعه ٽاس ٻه ٿيڻ کان پوءِ به جڏهن سريلنڪا جي ڪپتان ٽاس کٽي ته ٿوري دير لاءِ لڳو ته انڊيا جي لاءِ فائنل ڏکيو ٿي سگهي ٿو پر پنهنجي بهترين بالنگ، فيلڊنگ ۽ بيٽنگ پرفارمنس ڏيکاريندي انڊيا ورلڊ ڪپ فائينل 6 وڪيٽن تان کٽي ورتو۔۔۔
    ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ پهريون دفعو ٻه ڏکڻ ايشيا جون ٽيمون فائينل ۾ هيون ۽ اهو به ورلڊ ڪپ تاريخ جو پهريون واقعو هيو جو ٻنهي ٽيمن جا ڪپتان پنهنجي پنهنجي ٽيمن جا وڪيٽ ڪيپر هئا۔۔۔

    [​IMG]

    سري لنڪا ٽاس کٽي جي وردني جي 88 بالن تي 103 رنسن جي شاندار اننگز ڪري اسڪور 274 تي پهچايو۔۔

    [​IMG]

    ڪرڪيٽ جي پنڊتن مطابق اهو اسڪور هن پچ لاءِ ٻي اننگ ۾ ڏکيو ٽارگٽ هو جيڪو انڊيا سهواگ ۽ ٽنڊلڪر جهڙي بيٽسمين جي جلدي آئوٽ ٿيڻ باوجود ڳمڀير ۽ ڪپتان ڌوني جي بهترين بيٽنگ سان آساني سان حاصل ڪري ورتو۔۔۔

    [​IMG]

    ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپس جي ريڪارڊ مطابق ۔۔
    فائينل جو مين آف دي ميچ ۔۔۔۔۔۔ انڊيا جو ڌوني۔۔
    مين آف دي ٽورنامينٽ ۔۔۔۔ انڊيا جو ئي يوراج سنگهه ۔۔۔
    سڀ کان وڌيڪ رنسون 500 ۔۔۔۔ سري لنڪا جي تليڪرتني دلشان
    سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون 21 ۔۔۔۔۔۔۔ آفريدي ۽ ظهير خان

    http://www.youtube.com/watch?v=rFyW948ZaNo
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: انڊيا 28 سالن کان پوءِ‌ ٻيهر ڪرڪيٽ جي دنيا جو چيمپيئن۔۔۔۔

    سائين محترم رشيد صاحب، اڄ هت پاڻ سان گڏ ڪم ڪندڙ هندستان جي مسلمان دوستن، هڪ پارٽي ڪئي جنهن ۾ زبردست مائو ۽ مٺائيءَ سان گڏ چانهن پيئاري وئي ۽ اسان کين واڌايون ڏنيون ۔۔۔

    هندستان جي دوستن کي سندن هن فتح تي مبارڪون هجن۔
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: انڊيا 28 سالن کان پوءِ‌ ٻيهر ڪرڪيٽ جي دنيا جو چيمپيئن۔۔۔۔

    هندوستانين کي هن دنياوي ڪوپ جي کٽڻ‌جي مبارڪ هجي، سندن ٽيم جي ڪارڪردگي بعد هن ڪوپ جا اهي ئي مستحق هئا۔۔۔۔۔

    مون کي سوير هڪ دوست ميسج ڪيو هو ته
    ”سنڌ اسان جي امڙ آهي، هند سنڌ جي ڀيڻ آهي ۽ اهڙي طرح اسان سنڌين جي ماسي ٿئي، سندس يارهن پُٽ جيڪي هي ورلڊ ڪپ کٽي آيا آهن اسان جا ماسات ٿين، ته پوءِ اچو ته ماساتن جي ورلڊ ڪپ کٽڻ‌ تي هڪ ٻئي کي مُبارڪ ڏيون
    سندن نالا هي آهن

    سهواگ ميراڻي
    ٽنڊولڪر ميمڻ
    گنڀير اُڄڻ
    ويرت ڪارو
    دهوني لغاري
    يووراج شيخ
    رائنا سومرو
    هرڀجن ملاح
    مُناف لاکو
    ظهير شاهه
    اِشون گوپانگ
     
  4. علي حسين

    علي حسين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    53
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: انڊيا 28 سالن کان پوءِ‌ ٻيهر ڪرڪيٽ جي دنيا جو چيمپيئن۔۔۔۔

    ادا انهن ۾ مير جت ڪونه هيو اهو وري ڪيئن؟
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: انڊيا 28 سالن کان پوءِ‌ ٻيهر ڪرڪيٽ جي دنيا جو چيمپيئن۔۔۔۔

    هندستاني ٽيم کي مبارڪون جنهن پوري ٽورنامينٽ ۾ زبردست ڪارڪردگي ڏيکاري

    ڪرڪيٽ جي ڪاميابي ٿي ۽ رنگين ورلڊ ڪپ پنهنجي انتها تي پهتو۔ گنڀير ۽ ڌوني جي بهترين بئٽنگ سبب هندستان ٻيو دفعو ورلڊ ڪپ کٽيو ۽ ڪرڪيٽ جو تاج سندن مقدر بڻيو۔
     
  6. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: انڊيا 28 سالن کان پوءِ‌ ٻيهر ڪرڪيٽ جي دنيا جو چيمپيئن۔۔۔۔

    نه مائٽ! پاڻ وارو ميرجت ته ان ٽيم جو سليڪٽر هو، متل ميرجت
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو