مظلوم قيدين تي ٿيل وحشياڻو آپريشن____بشير آريسر

'سنڌي ادب' فورم ۾ بشير آريسر طرفان آندل موضوعَ ‏3 اپريل 2011۔

  1. بشير آريسر

    بشير آريسر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏3 اپريل 2011
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    مظلوم قيدين تي ٿيل وحشياڻو آپريشن
    سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ جيل انتظاميه ء ضلع پوليس پاران سرچ آپريشن جي آڙ ۾ ٽن ڏينهن کان پاڻي، بجلي ء ماني جي گهر ڪندڙ ديوارن اندر قيد،پنهنجن پيارن کي پري لوهي سلاخن ۾ واڙيل مظلوم قيدين تي سڌيون گوليون هلائي ست قيدين کي ماري ڇڏيو ء پنجاەھ قيدي زخمي ٿي پيا.
    سينٽرل جيل حيدرآباد جيڪو سنڌ جي ثقافتي شهر حيدرآباد جي وچ ۾ آهي ء هڪ صدي سورنهن سال پراڻو قديمي ء تاريخي جيل آهي..ء هي اهوئي جيل آهي جنهن ۾ انگريز سامراج پاران آزادي جي تحريڪ هلائيندڙ باغين کي واڙيو ويندو هو،هي اهوئي زندان آهي جتي ”وطن يا ڪفن” ،”آزادي يا موت” جهڙي انقلابي نعري هڻندڙ مزاحمتي تحريڪ ”حر تحريڪ” جي سرواڻ سورهيه بادشاهه کي ‌‌‌ڦاهي چاڙهيو ويو هو ء اڄ ب جيل ۾ مختلف جرمن سبب بند ”حر” ان ڦاسي گهاٽ وٽ بيهي سورهيه بادشاه کي سارين ٿا..ء هن ئي چوديواري اندر پاڪستان سان بلوچستان جو الحاق ن ڪندڙ خان آف قلات نوروز خان کي ۹ ساٿين سميت واڙيو ويو هو ء جن کي بعد ۾ تخته دار تي لٽڪايو ويو هو.
    هن سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ سنڌ جي عاشق ”ضمير جي قيدي” سائين جي ايم سيد ب زندگي جي ڪيترا.ئي پل وطن سان عشق جي ڏوهه ۾ گهاريا هئا ء ڪيترن ئي ڪتابن جي صورت ۾ پنهنجي نظرئي ء موقف جي پرچار ڪئي هئي...
    آواز پنهنجي کي ديوار ڇا روڪيندي،
    جي جسم رهيا پنهنجا قيدي بند کولين ۾....!
    ها هي ئي ديوارون آهن جن اندر شير بلوچستان نواب اڪبر بگٽي ء رهبر بلوچستان نواب خير بخش مري بلوچستان جي عظمت جي مينارن کي جهڪڻ ن ڏنو هو....!
    هن زندان جي اسيرن ۾ قومي تحريڪ جا ڪيئي ورڪر ڏاها،اديب،دانشور ء سنڌ جا عاشق پليجو،آريسر،بشير قريشي،جکراڻي ءاياز رهيا آهن..
    مونکي ب هڪ دفعو سياسي ڪيس ۾ گرفتاري سبب هن جيل ۾ وڃڻ جو شرف حاصل ٿيو هو ء وڌيڪ خوشقسمتي اها جو ڦاسي گهاٽ جي سامهون واري وارڊ ۾ رهيس جتي سورهيه بادشاهه پنهنجي زندگي جي آخري ڏهاڙا گهاريا هئا..
    جڏهن کولين ۾ بند ٿيندا هئاسين ت ڪڏهن ڪڏهن لوهي سلاخن مان ٻاهر جو نظارو ڏسندو هئس ت آريسر جو هي سٽون ذهن تي تري اينديو هيون ته
    ”جيل انسان جي مرضي جي خاتمي جو نالو آهي”.
    مهذب ملڪن ۾ جيل ”اصلاح گهر“ يا ”تربيت گاھه” هوندا آهن پر هن ملڪ ۾ جيل جو نالو ايندي ئي ذهن ۾ ”ڪوس گهر” يا” بگاڙ گاھ” جو تصور ايندو آهي، جيل ۾ ٽي وي جي سهولت هوندي هئي.هڪ ڏينهن نيشنل جاگرافڪ چينل پئي ڏٺم ت اتي ڪنهن مهذب ملڪ جي جيلن تي ٺهيل اسٽوري پئي هلي.اتي جي قيدين جي بهتر صحت ء تربيت لاء بهترين کاڌ خوراڪ ء ڪوچنگ ڪلاسس ء ڪومپيوٽر ء ٻين هنرن جي ڄاڻ جي لاء جيل اندر ادار ٺهيل هئا.جتي ڪو ڏوهه ڪري آيل قيدي کي اصلاح لاء سرڪار پاران هر سهولت ڏني ويندي آهي ت جئين اهو ماڻهو آئنده ڪو ڏوهه نه ڪري ء سٺو شهري بڻجي رهي.پر هن ملڪ جي جيلن ۾ ته پڙهائي ت پري جي ڳالھ پر صحيح کاڌ خوراڪ ئي ن ڏني ويندي آهي.
    هڪ ڏينهن مون سپريٽنڊنٽ معمول موجب رائونڊ تي آيو ت کيس چيم سائين مان پڙهيل لکيل آهين ء مونکي اجازت ڏني وڃي ت پنهنجو ڪمپيوٽر گهرايان ان تي صاحب چيو ت ڪمپيوٽر رکڻ جيل مينيوئل ۾ ناهي.مون ب اتي ئي بنا رک رکان جي چيمانس ت سائين چرس،آفيم،ڀنگ ء هيروئن ت سرعام جيل ۾ وڪرو پئي ٿئي اها ڇا جيل مينويوئل ۾ آهي..ان تي صاحب ەەڳاڙهو لال ٿي ويو ء هليو ويو،جيل کليل هو انڪري هو مونکي ڪجهه ن پئي ڪري سگهيو.وس پڄيس ها ت شايد هو مونکي سچ چوڻ جي سزا ضرور ڏي ها...!

    کليل جيل مان مراد ت جيل انتظاميه جي ڪنٽرول ۾ ناهي هوندو ء انتظاميه جي هر ناجائزڪمائي بند هوندي آهي سواء منشيات جي وڪرو جي... ان کليل جيل کي ڪنٽرول ۾ ڪرڻ لاء انتظاميه آپريشن ڪندي آهي جئين تازو سينٽرل جيل ۾ وحشياڻو آپريشن ڪري قيدين تي ظلم ڪيو ويو....

    جيل انتظاميا بار بار اهو روايتي بيان ڏيندي آهي ت جيل ۾ غير قانوني شيون آهن ،اگر ان بيان کي مڃون ب کڻي ت غير قانوني شيون آهن ت پوء سوال ٿو اٿي ت اهي غير قانوني شيون آخر آيون ڪٿان؟ جيل جا وڏا لوهي گيٽ ڪنهن ڪراس ڪرايا اتي ت قيدين جي ڊيوٽي ناهي هوندي گيٽن تي آفيسرن جا من پسن ماڻهو ويٺل هوندا آهن....ڳرين رشوتن ڏيڻ بعد جيل پوليس قيدين کي ڪجه سهولتون ڏيندي آهي ء پوء وري آپريشن جي آڙ ۾ اهي شيون ٻاهر ڪڍي وري ڪمائي جي سيزن شروع ٿيندي اٿن..غير قانوني شين ۾ انتظاميه ٽي وي ء موبائيل ڄاڻائيندي آهي...
    جيل ۾ قيدين مان اڪثر اهڙا آهن جن کي جيل ۾ ۱۴ سال يا ۱۵ سال ٿي ويا آهن جن جو پويان اوهي واهي ڪوبه ناهي ء انهن سان سالن پڄاڻان ڪو ملاقات تي ايندو آهي ت هنن لاء عيدٿي ويندي آهي..ڪجه قيدي اهڙا آهن جن جا سالن کان ڪيس ن ٿا هلن هو بيگناهه جيل ۾ پيا سڙن..ن ڪو قانون نه انصاف آهي ئي نه ئي ڪو ٻڌڻ واري آهي..بس اگر ڪو ڪنهن وڏيري سان نٿو ٺهي ڪنهن کي ڪنهن جي ملڪيت ڦٻائڻي آهي پولي کي ڏوڪر ڏيو ماڻهن کي جيلن ۾ وجهرايو ڇڏين جيسي ڪيس هلي تيستائين سالن جا سالن گذريو وڃن...جيل اندر موبائيل ئي هڪ وڏو سهارو هوندو آهي جو قيدي پنهنجن عزيزن مائٽن ء دوستن سان رابطي ۾ رهندو آهي ت ڪو دلي سڪون ملندو اٿس يا ڪيس جي تاريخ تي وڪيل سان رابطي ۾ رهندو آهي..اسان جڏهن جيل ۾ هئاسين ت انتظاميه چيو ت قيدي موبائلون جمع ڪرائين ان وقت اهو طئي ٿيو ت انتظاميه قيدين جي سهوليت لاء ٽيليفون باٿ لڳائيندي پر ان واعدي تي اڄ ڏينهن تائين عمل ناهي ٿيو..!
    حڪومت پاران جيلن اندر ڪمرا ٺهرائي شادي شدهه مردن کي پنهنجي عورت سان رات گهارڻ وارو اعلان ب اعلان ئي رهيو ان تي پنجاب اندر عمل ٿيو سنڌ ۾ ان تي عمل ناهي ٿيو...

    جيل اندر موبائل يا ٻيون غير قانوني شيون پهچائڻ ۾ ڪير ملوث آهن ڪڏهن ڪنهن ب اهڙي آفيسر کي سزا آئي جن پنهنجا ڀڀ جيلن جي قيدين کي نپوڙي ڀريا..سزا وري ب مظلوم قيدين کي ايندي آهي ء انتظاميه هر ڇهن مهينن بعد يا سال بعد آپريشن ڪري ڪيتري ئي قيدين کي ٽارگيٽ ڪري ماريندي آهي ء پوء قيدين جي بسترن کان ويندي جتي تائين هر شئي ٻهاري ويندي آهي ء ٻن مهينن بعد وري ڪمائي جو سلسلو شروع ٿيندو آهي ء پئسن عيوض هر شئي جيل اندر ڏني ويندي آهي..ء جيل مان ڪروڙين رپين جي ٿيندڙ ڪمائي ۾ جيل جي اعلاي آفيسرن کان ويندي ڪجهه ججن تائين ڪيترائي ماڻهو ڀاڱي ڀائيوار هوندا آهن...

    جيلن اندر ڪابه بنيادي سهولت ناهي هوندي ڪيترائي قيدي مختلف خطرناڪ بيميارين م ملوث هوندا آهن،جن ۾ ٽي بي،ايڊز ء ڪاري سائي جي ڪيترائي مريض بغير علاج جي واڙيل آهن ء جڏهن ب قيدي بنيادي مسئلن جي حل لاء بغاوت ڪندا آهن ته انهن کي ڪچلڻ لاء انتظاميه آپريشن ڪندي آهي ء هن کان اڳ ە ب آپريشنز ۾ ڪيترائي قيدي مري چڪا آهن پر اڄ تائين مون ناهي ٻڌو ت ڪنهن به آفيسر تي خون جو ڪيس داخل ٿيو هجي..ء آپريشنز ۾ قيدين کي ماريندڙ اهي آفيسر اڄ وڏن عهدن تي فائز آهن.
    سينٽرل جيل ۾ آپريشن دوران اهو علائقو ميدان جنگ بڻيل هو،پوليس پاران انڌاانڌ فائرنگ ء شيلنگ ڪئي پئي وئي.ڳالهين لاء انتظاميه پاران پ پ،جسقم ء شهيد ڀٽو جي اڳواڻن کي گهرايو ويو هو پر پوء ڳالهين ڪرڻ بجا٫ انتظاميه آپريشن شروع ڪري ڏنو.. ميڊيا جي اک سمورن منظرن کي پاڻ وٽ قيد ت ڪيو آهي پر هتي چور ب ساڳيا ء ڀاەڳيا ب ساڳيا وانگر ڪورٽن جاجج ب ان انسانيت دشمن ڪاررواين تي ڪو خاص ردعمل ظاهر ن ڪندا ڇاڪاڻ جو جيل اندر آپريشن جي لاء جج جي اجازت لازمي هوندا آهي.جن ججن آپريشن جي اجازت ڏني هوندي ت ضرور انهن پوليس کي ماڻهن مارڻ جي ب پرمٽ ڏني هوندي...ڇو ته هڪ سرهندي ڊي پي او جو حيدرآباد مقرر ٿيڻ ء ٻئي سرهندي جو سپرنٽيڊنٽ مقرر ٿيڻ اهو واضح ڪن ٿا ت آپريشن لاء ماحول تيار ڪيو ويو هو..نام نهاد جهموري حڪومت ۾ جتي ملڪ جو ء حڪومتي پارٽي جو سربراهه ب جيل ياترا ڪري آيل هجي ان دور ۾ اهڙا عمل هن حڪومت جو عوام دشمن هئڻ جو چٽو ثبوت ڏين ٿا...
    اسان انساني حقن جي تنظيمن،ايمنسٽي انٽرنيشنل ء چيف جسٽس کي اپيل ٿا ڪريون ته هن قهري ڪارروائي جو نوٽيس وٺي آپريشن جي اەڳواڻي ڪندڙ آفيسرن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائين..
    بشير آريسرــــــــ حيدرآباد
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: مظلوم قيدين تي ٿيل وحشياڻو آپريشن____بشير آريسر

    محترم بشير آريسر صاحب..تمام بهترين ونڊڻ جي مهرباني

    بشير صاحب اُهي ڏينهن مونکي ياد آهن..جڏهن اوهان جيل ۾ هئا...دوست فيس بوڪ ۽ بين سوشل نيٽ ورڪ تي اوهان جي بازيابي لاءِ احتجاج پڻ ڪيا هئا...جيل جي باري ۾ مونکي ايتري ڄاڻ نه آهي، مطلب ته اُتي ڇا ڇا ٿيندو آهي...پر اھا ڳالھ مون ٻُڌي آهي ته..هتان جي جيلن کان رب پناھ ڏي.​
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: مظلوم قيدين تي ٿيل وحشياڻو آپريشن____بشير آريسر

    ادا بهترين ونڊ آهي .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو