اياز شاه سان سنڌ سلامت بابت ملاقات
اياز شاھ صاحب کي سنڌ سلامت جو ڪيلينڊر پيش ڪندي۔ ان موقعي تي ڪرم الاهي چنه صاحب پڻ موجود آهي
سنڌ جي هن نوجوان جو جنم حيدرآباد ۾ 22 آگسٽ 1967 تي ٿيو. پاڻ 1992ع ۾ NED يونيورسٽي ڪراچي مان BE جي ڊگري اليڪٽرانڪس ۾ ڪئي .اياز شاه 1993 ع کان سنڌي ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ وڏو انقلاب آندو ۽ IBM تي سنڌي کي سنڌي ڪي بورڊ آڻي هڪ شروعات ڪئي. جنهن کي پوء ماجد ڀرڳڙي صاحب تسلسل ڏنو ۽ سنڌي کي يونيڪوڊ تي آڻي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جي سنڌي ماڻهن لاء آسانيون پيدا ڪري ڇڏيون. هن وقت سڀ سنڌي اخبارون ويب سائيٽس تي ۽ ڪمپوزنگ تي به سندس ئي ڪمپوز ڪيل پروگرام تي هلي رهيون آهن. اياز شاه يونيڪوڊ بيسڊ فونٽ پڻ تيار ڪيا آهن. پاڻ دبئي ۾ پڻ بزنش سيٽ اپ رکيو اٿن. سنڌي لينگيوئيج اٿارٽي ۽ سنڌي ادبي بورڊ ۾ سندن ڪيل خدمتون بي حساب آهن.
27 مارچ 2011 تي الطاف شيخ صاحب سان ملاقات لاء سندس گهر کين صدارتي ايورڊ تي مبارڪباد ڏيڻ لاء وياسون ۽ مونسان گڏ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن سچل ڳوٺ جو صدر سراج الدين ميمڻ ۽ جنرل سيڪريٽري محترم ڪرم الاهي چنا پڻ گڏ هئا. چنا صاحب کي اياز شاه جو فون آيو ته هو سندس گهر سچل ڳوٺ ۾ انتظار ڪري رهيو آهي. پوء اتان جلدي واپس ٿياسون ۽ سائين اياز شاه سان ملاقات ڪئي سون. ساڻس اهن کان اڳ به ملاقات هئي پر سنڌ سلامت کانپوء هي منهنجي ساڻن پهرين ملاقات هئي. چنا صاحب جي سنگم پبليڪيشن ۾ ئي شاه صاحب سان سنڌ سلامت تي ڳالھ ٻولھ ٿي ۽ پاڻ سنڌ سلامت جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ پنهنجي ڀرپور تعاون جو يقين ڏياريو. منهنجي گهڻي اسرار تي پاڻ ٻيهر وقت ڏيڻ جو وعدو ڪيو اٿن. ساڻن ٻيهر ملڻ جو مقصد سنڌ سلامت جي ٽيڪنيڪل دوستن جو هجڻ آهي ڇو ته ان ڏينهن مون ادا رشيد کي فون ڪري هلڻ جو چيو پر پاڻ ڪٿي مصروف هجڻ ڪري وقت نه ڏئي سگهيا ۽ اسان ٽيڪنيڪل شين کان اڻ واقف هجڻ ڪري کانئن گهڻي تفصيل ۽ مدد وٺڻ کان قاصر هياسون .
ان موقعي تي مون اياز شاه کي سنڌ سلامت ڪيلينڊر جو تحفو پڻ پيش ڪيو جنهن به پڻ گهڻي ساراھ ڪيائون.