اياز شاھ سان سنڌ سلامت بابت ملاقات

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏4 اپريل 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اياز شاه سان سنڌ سلامت بابت ملاقات


    [JUSTIFY]سنڌ جي هن نوجوان جو جنم حيدرآباد ۾ 22 آگسٽ 1967 تي ٿيو. پاڻ 1992ع ۾ NED يونيورسٽي ڪراچي مان BE جي ڊگري اليڪٽرانڪس ۾ ڪئي .اياز شاه 1993 ع کان سنڌي ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ وڏو انقلاب آندو ۽ IBM تي سنڌي کي سنڌي ڪي بورڊ آڻي هڪ شروعات ڪئي. جنهن کي پوء ماجد ڀرڳڙي صاحب تسلسل ڏنو ۽ سنڌي کي يونيڪوڊ تي آڻي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جي سنڌي ماڻهن لاء آسانيون پيدا ڪري ڇڏيون. هن وقت سڀ سنڌي اخبارون ويب سائيٽس تي ۽ ڪمپوزنگ تي به سندس ئي ڪمپوز ڪيل پروگرام تي هلي رهيون آهن. اياز شاه يونيڪوڊ بيسڊ فونٽ پڻ تيار ڪيا آهن. پاڻ دبئي ۾ پڻ بزنش سيٽ اپ رکيو اٿن. سنڌي لينگيوئيج اٿارٽي ۽ سنڌي ادبي بورڊ ۾ سندن ڪيل خدمتون بي حساب آهن.

    27 مارچ 2011 تي الطاف شيخ صاحب سان ملاقات لاء سندس گهر کين صدارتي ايورڊ تي مبارڪباد ڏيڻ لاء وياسون ۽ مونسان گڏ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن سچل ڳوٺ جو صدر سراج الدين ميمڻ ۽ جنرل سيڪريٽري محترم ڪرم الاهي چنا پڻ گڏ هئا. چنا صاحب کي اياز شاه جو فون آيو ته هو سندس گهر سچل ڳوٺ ۾ انتظار ڪري رهيو آهي. پوء اتان جلدي واپس ٿياسون ۽ سائين اياز شاه سان ملاقات ڪئي سون. ساڻس اهن کان اڳ به ملاقات هئي پر سنڌ سلامت کانپوء هي منهنجي ساڻن پهرين ملاقات هئي. چنا صاحب جي سنگم پبليڪيشن ۾ ئي شاه صاحب سان سنڌ سلامت تي ڳالھ ٻولھ ٿي ۽ پاڻ سنڌ سلامت جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ پنهنجي ڀرپور تعاون جو يقين ڏياريو. منهنجي گهڻي اسرار تي پاڻ ٻيهر وقت ڏيڻ جو وعدو ڪيو اٿن. ساڻن ٻيهر ملڻ جو مقصد سنڌ سلامت جي ٽيڪنيڪل دوستن جو هجڻ آهي ڇو ته ان ڏينهن مون ادا رشيد کي فون ڪري هلڻ جو چيو پر پاڻ ڪٿي مصروف هجڻ ڪري وقت نه ڏئي سگهيا ۽ اسان ٽيڪنيڪل شين کان اڻ واقف هجڻ ڪري کانئن گهڻي تفصيل ۽ مدد وٺڻ کان قاصر هياسون .

    ان موقعي تي مون اياز شاه کي سنڌ سلامت ڪيلينڊر جو تحفو پڻ پيش ڪيو جنهن به پڻ گهڻي ساراھ ڪيائون.
    [/JUSTIFY]


    [​IMG]

    اياز شاھ صاحب کي سنڌ سلامت جو ڪيلينڊر پيش ڪندي۔ ان موقعي تي ڪرم الاهي چنه صاحب پڻ موجود آهي

    [​IMG]


     
  2. ابو جواد

    ابو جواد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    255
    ورتل پسنديدگيون:
    343
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ماڳ:
    قم ايران
    جواب: اياز شاھ سان سنڌ سلامت بابت ملاقات

    سائين هن محبتي اڱڻ جي رونق وڌائڻ ۾ اوهان جون ڪيل ڪاوشون وسارڻ جهڙيون نه آهن اوهان ايتري مصروفيت هوندي به وقت ڪڍي فورم جي ترقي لا ڪم ڪري رهيا آهيو اسان اوهان جا ٿورائتا آهيون ڇو ته فورم کي عروج تي پهچائڻ اسان سڀني جو هدف به آهي ۽ ان لا اسان سڀني کي گڏجي ڪم به ڪرڻو آهي اوهان کي جس هجي جو انهي ذميواري کي سهڻي نموني ادا ڪري رهيا آهيو لک لائق
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: اياز شاھ سان سنڌ سلامت بابت ملاقات

    جڏهن ڪڏهن سهڻي دوست سليمان کي سنڌ سلامت لا پاڻ پتوڙيندي ڏسندو آهيان ته منهنجي اندر ۾ ٻه احساس ڏاڍائي سان اڀرندا آهن؛

    1۔ الحمد الله، شڪر گذاري جو احساس ته سنڌ سلامت جا ڀاڳ ڀلا چئبا جو سليمان وساڻ جهڙا دوست هن اوطاق جا روح روان ٿيا آهن ۽ اهڙن دوستن جي موجودگي ۾ اميد ته سنڌ سلامت تي ڪو ڏکيو ڏينهن نه ايندو ۔۔۔ انشآء الله۔
    2۔ ٻيو احساس، فخريه اهو ٿيندو آهي ته منهنجي هڪ ننڍڙي ڪاوش سان سليمان وساڻ جهڙو نوجوان اسانجي هن اوطاق تي اچي اسانجو ٻانهن ٻيلي ٿيو آهي ۔۔۔

    سنڌ سلامت جا سڀ دوست سليمان کي هاڻ ڀلي ڀت سڃاڻن انڪري وڌيڪ سندس شخصيت تي لکڻ سج کي آئينو ڏيکارڻ جي برابر ٿيندو ۔۔۔

    رب العالمين سنڌ ۽ سنڌي ٻولي کي اياز شاهه جهڙا سهڻا ۽ سلڇڻا انسان مهيا ڪندو رهي ٿو ۔۔۔ الحمد الله

    اسين سائين اياز شاهه جا ٿورائتا آهيون جو هنن سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ جي دنيا ۾ عام ڪرڻ لا بنيادي ڪم ڪيو جنهن کان بغير شايد اهو ممڪن به نه هجي ها ۔۔۔ سلام سائين کي۔

    ٻي خوشي جي ڳالهه ته سائين اياز شاهه جهڙا سنڌ سڄڻ اسانجي هن فورم کان نه فقط واقف آهن پر هن اوطاق تي ڀيرو ڪري اسانجي رهنمائي ڪرڻ لا پڻ تيار ٿيا آهن ۔۔۔ ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔


    سائين اياز شاه سميت سنڌ سلامت جي دوست سليمان کي سلام

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: اياز شاھ سان سنڌ سلامت بابت ملاقات

    ادا سليمان اوهان جي ڪاوشن تي اوهان کي سلام آهي.
     
  5. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: اياز شاھ سان سنڌ سلامت بابت ملاقات

    سائين سليمان صاحب

    توهان کي جس هجي جو توهان سنڌ ۽ سنڌ سلامت فورم لا۽ ايترو پاڻ‌ پتوڙي رهيا آهيو

    توهان جهڙن دوستن تي مون کي ۽ سنڌ سلامت کي فخر آهي

    سدائين گڏ
     
  6. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: اياز شاھ سان سنڌ سلامت بابت ملاقات

    سائين سليمان وساڻ جون هن محبتي اڱڻ جي رونق وڌائڻ ۾ ڪيل ڪاوشون وسارڻ جهڙيون نه آهن ان ڪري ئي ته مان چوندو آهيان ته سليمان وساڻ سنڌ جو اهو سپوت آهي جيڪي حقيقي معني ۾ سنڌ ء سنڌيت لاء پاڻ پتوڙين ٿا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    سائين توهان جس لهڻو اهڙين ڪاوشن تي الله سائين توهان کي صحت ڏئي جو اهڙا ڪم ڪندا رهو آمين
     
  7. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: اياز شاھ سان سنڌ سلامت بابت ملاقات

    مون کي اڄ اهو ٻڌي ۽ ڏسي انتهائي فخر ٿي رهيو آهي ۔۔۔ سنڌي ڪمپيوٽر جو بنياد آڻيندڙ مهان شخصيت محترم اياز شاهه جن تائين سنڌ سلامت جو پيغام پهتو آهي۔۔۔ سنڌ سلامت جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ محترم اياز شاه ۽ سائين عبدالماجد ڀرڳڙي جن سان ملاقات جو هڪ خواب هيو جيڪو آهستي آهستي پنهنجي منزل ويجهو آهي۔۔
    سائين عبدالماجد ڀرڳڙي جن سان تفصيلي ڪچهريون ٿيون ۽ سنڌي ڪمپيوٽنگ جي لاهين چاڙهين ۽ حال مستقبل بابت ويچار ونڊيا ويا آهن۔۔ انهي گفتگو ۾ پڻ سائين اياز شاهه جو ذڪر ضرور نڪرندو هيو۔۔ سندس پهرين ڪوشش کان پوءِ اڄ سنڌي ڪمپيوٽنگ ڪافي اڳتي آهي پر اڃان به ڪافي منزلون پري آهن۔۔۔
    منهنجي ساڻن ملاقات جي خواهش هاڻي هڪ دفعو ٻيهر جاڳي آهي۔۔۔

    ادا سليمان ڇا سائين اياز شاهه کان توهان سنڌي ڪمپيوٽنگ بابت ڪا ڳالهه ٻولهه ڪئي ۔۔۔ ؟ پاڻ بنيادي ڪم ڪرڻ کان پوءِ وري سنڌي ڪمپيوٽنگ کان ڇو هٽي ويا آهن۔۔۔ ؟ ان جو ڪو جواب ڏنائون۔۔۔؟
     
  8. ابو واصف

    ابو واصف
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جولائي 2009
    تحريرون:
    266
    ورتل پسنديدگيون:
    386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    لطيف آباد نمبر4، حيدرآباد
    جواب: اياز شاھ سان سنڌ سلامت بابت ملاقات

    هن حقير جو خيال آهي ته اها مانائتي شاهه صاحب جي ڪسر نفسي هئي، جو پاڻ‌ سينئر جي احترام ۾ پُٺتي هٽندي، جناب ماجد ڀرڳڙي کي موقعو ڏنائون ته سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ طرفان هو ڀلي يونيڪوڊ بيس جي پراجيڪٽ کي اڳتي وڌائين. نه ته ان کان پهريائين ٻولي اٿارٽيءَ طرفان شاهه صاحب سان ئي نمائندگي ڪئي ويندي هئي ۽ کانئن وقتًا فوقتًا صلاح مشورا ورتا ويندا هئا.
     
  9. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: اياز شاھ سان سنڌ سلامت بابت ملاقات

    معاف ڪجو مون وٽ مثال موضوع کان هٽيل آهي پر ادا ابو واصف جي جواب تي ذهن ۾ تري آيو۔۔۔
    ڪجهه سال اڳ آسٽريليا جي ڪپتان مارڪ ٽيلر پاڪستان جي خلاف 334 رنسن جي انفرادي اننگ کيڏي صرف ان ڪري ڊڪيليئر ڪيو ته هو پنهنجي سينيئر رانديگر ڊان بريڊ مين جي احترام ۾ ان جو انفرادي اننگ وارو ريڪارڊ 334 ٽوڙڻ نه پيو چاهي۔۔۔ سندس حامين ۽ ڪرڪيٽ جي ماهرن ان ڳالهه کي درست نه سمجهيو ۔۔۔
    مون کي به اياز شاهه صاحب جي اها ڳالهه سٺي نه لڳي ته هو ڪنهن سينيئر جي احترام ۾ سنڌي ڪمپيوٽنگ کي ان ڪري اڳتي نه وڌايو ته اهو ڪم صرف سائين عبدالماجد ڀرڳڙي کي سونهين۔۔۔
    ٺيڪ آهي ته سائين عبدالماجدي ڀرڳڙي پنهنجي پروگرام جي شروعاتي ورجن کان پوءِ به اپڊيٽ ورجن آندا آهن پر ان جو اهو مقصد بلڪل به نه آهي ته ان ڪم کي صرف سائين عبدالماجد ڀرڳڙي جن جي ذميداري سمجهي ان تي ئي رکي ڇڏجي۔۔۔ منهنجي خيال ۾ وقت ان ڳالهه جي گهر ڪري رهيو آهي ته جهڙي طرح مختلف زبانون ڳالهائيندڙ پنهنجي ٻولي کي هٿي وٺرائيندي مختلف پروجيڪٽس تي ڪم ڪري رهيا آهن اسان سنڌي به پنهنجي ٻولي کي اڳتي آڻيون ۔۔۔ ۽ ان لاءِ صرف سائين عبدالماجد ڀرڳڙي جن ڏانهن ڏسڻ بجاءِ پنهنجي پنهنجي طرفان ڪوششن کي جاري رکون۔۔۔

    گڏ منهنجي سائين اياز شاهه ۽ سائين عبدالماجد ڀرڳڙي جن کي به گذارش هوندي ته اڄ جي نوجوان سنڌين جي رهنمائي ڪري سندن سنڌي پروجيڪٽس ۾ سهڪاري مدد ڪن ۽ کين مختلف پروجيڪٽس پورا ڪرڻ ۾ هدايتون ۽ ڪارآمد نسخا ٻڌائين ۔۔۔ ان سلسلي ۾ ادا سليمان وساڻ کي گذارش آهي ته سنڌ سلامت جي هن خواهش کي سائين اياز شاهه تائين پهچائين ۔۔۔ مهرباني
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: اياز شاھ سان سنڌ سلامت بابت ملاقات

    ادا ابو جواد مهرباني

    اصل ۾ سنڌ سلامت لاء ڪنهن هڪ نه پر گهنن دوستن جون ڪاوشون آهن ۽ هر ڪو پنهنجو پنهنجو ڪم پيو ڪري جيئن اوهان پنهنجي حصي جو ڪم پيا ڪيو ڪمينٽس ڏيڻ ۽ ليک ونڊ ڪرڻ جو۔ اوهان دوستن جي حوصلا افزائي لاء مهرباني
     
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: اياز شاھ سان سنڌ سلامت بابت ملاقات

    سائين نثار مهرباني

    سائين اياز شاه سان سٺي ڪچهري ٿي آهي ۽ پاڻ ٻيهر وقت ڏيڻ جو وعدو ڪيو اٿن۔ مان ڪوشش ڪندس ته ٽيڪنيڪل ٽيم جا دوست خاص ڪري ادا رشيد سمون ۽ عامر گڏ هجن ته بهتر رهندو۔

    باقي سائين مان ته اوهان جو شڪر گذار آهيان ۽ مونکي ته فخر ڪرڻ کپي جو اوهان سنڌ سلامت جهڙي سهڻي اوطاق تي وٺي آيا جتي محبتي ماڻهن جي کوٽ ناهي۔

    لک قرب اوهان جي سهڻي سٽن لاء
     
  12. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: اياز شاھ سان سنڌ سلامت بابت ملاقات

    ادا طاهر مهرباني

    اوهان جي خاص دعائن جي صرورت آهي۔ اميد ته سنڌ سلامت کي گهنيون ڪاميابيون ملنديون
     
  13. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: اياز شاھ سان سنڌ سلامت بابت ملاقات

    فقير سائين مهربانيون

    اسان ته سدائين گڏ آهيون انڪري هي ڪو منهنجي اڪيلي جو نه پر پوري ٽيم جو ڪم آهي۔ اوهان دوستن جي مهرباني جيڪي سنڌ سلامت کي سنڀاليو پيا اچو۔۔۔۔۔۔ نه ته اسان جهڙا حوالي ماڻهو جام آهن۔
     
  14. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: اياز شاھ سان سنڌ سلامت بابت ملاقات

    دوست عرس پريا مهرباني

    جس ته سنڌ سلامت ۽ ان جي سموري ٽيم لهڻو جيڪا سنڌ سلامت کي قائم رکيو پئي اچي ۽ هن محبتي ميڙي کي آباد رکيو اچي۔ مان پڻ ان ٽيم جو هڪ ادنى ميمبر آهيان جيڪو پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻ جا جتن پيوڪري۔
     
  15. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: اياز شاھ سان سنڌ سلامت بابت ملاقات

    سائين منتظمِ اعلى جون مهربانيون

    سچ پڇو ته ايترو گهڻو وقت ڪونه هو جو سائين سان سنڌي ڪمپيوٽنگ تي تفصيلي بحث ڪريان هان۔ سائين سان ٿوري وقت ۾ صرف سنڌ سلامت فورم جي ئي ڳالھ ٿي ۽ پاڻ فورم گهميائون ۽ ڪجھ ڪمرا ڏسي خوش ٿيا ۽ سائين چيو ته فونٽس کي اڃان بهتر بڻائي سگهجي ٿو جيئن مين پيج جو ڏيک اڃان خوبصورت نظر اچي۔

    منهنجي عرض ڪرڻ تي پاڻ ٻيهر وقت ڏيڻ جو وعدو ڪيو اٿن ۽ اميد ته اوهان هن دفعي ٽٻي هڻي غائب ڪونه ٿيندا ۽ مونسان گڏ هوندا ڇو ته ٽيڪنيڪل ٽرمينالاجي ۾ مان ايئن هوندو آهيان جيئن رڍن اڳيان رباب وڄائيندي ورھ ٿيا ۽ هُنن جي ٻولي اهائي ٻَي ۔

    تنهنڪري يار ايئن نه ڪر ۽ اسان جا پول نه کولرائيندو ڪر ڇو ته جڏهن به ڪو ٽيڪنيڪل قسم جو سوال ڪندو آهي ته مٿي کي ڀنواٽيون اچي وينديون آهن ته ماڻهو ڇا سوچيندا ته سنڌي ٻوليء جي سڀ کان وڏي فورم جي مينيجنگ ايڊيٽر جو ته ڪم لٿو پيو آهي۔
     
  16. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: اياز شاھ سان سنڌ سلامت بابت ملاقات

    ادا رشيد ان سلسلي ۾ جلد اياز شاھ سان ملاقات ڪبي ۽ اوهان جي روبرو سڀ ڳالهيون ٿينديون۔ سنڌي ٻولي ۽ سنڌيء کي ڪمپيوٽر ۽ ڪميونيڪيشن جي فيلڊ ۾ اڃان وڌيڪ محنت ۽ ترقي جي ضرورت آهي۔
     
  17. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: اياز شاھ سان سنڌ سلامت بابت ملاقات

    هن موضوع جي تحرير نمبر 15 ۾ لکيل توهان جي آخري لفظن ڏاڍو کلايو۔۔۔ اقتباس وٺي ڪو اشارو نه ٿو ڏيڻ چاهيان۔۔۔ خير سائين منهنجا سنڌ سلامت تي توهان گذريل ڇهن مهينن ۾ پنهنجو پاڻ اهڙي طرح ملهايو آهي جو دوستن کي يقين آهي ته ميلو مچائڻ ۽ وري ملهائڻ ڪو توهان کان سکي ۔۔۔ ان ڪري هاڻي توهان کي انهن ڳالهين ڏانهن ته توجه ڏيڻي پوندي جو دوست توهان ۾ مون وانگر ڪافي اميدون رکيو ويٺاآهن۔۔۔
     
  18. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: اياز شاھ سان سنڌ سلامت بابت ملاقات

    مهرباني

    ان لاء جادوگر سمون جي استادي جي ضرورت آهي ۽ اوهان ۽ اسان جي ٽائيمنگ ۾ وڏو فرق آهي جو مونکي رات جو ٻارهين بجي ننڊ ڪرڻي هوندي آهي ۽ اوهان ٻارهين بجي آن لائين ايندا آهيو۔ ان جو سبب منهنجو صبح جو ساڍي ڇهين بجي اٿڻ هوندو آهي۔ لڳي ٿو ٻه هفتا موڪل ڪرڻي پوندي تڏهن ئي ڪو ڪم ٺهي سگهي ٿو۔
     
  19. غلام قاسم تسنيمي

    غلام قاسم تسنيمي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    156
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    علم پرائڻ ۽ پکيڙڻ
    ماڳ:
    ڪوٽڙي
    جواب: اياز شاھ سان سنڌ سلامت بابت ملاقات

    ادا! الله سائين اوهان کي اڃان وڌيڪ جذبو عطا ڪري جو فورم جي ڀلائي لاءِ اهڙا ڪم ڪندا رهو۔ يقينا اهي ڪوششون رنگ لائينديون ۽ تاريخ ۾ لکيون وينديون۔ سنڌ سلامت۔
     
  20. محمدجوادعسڪري

    محمدجوادعسڪري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2011
    تحريرون:
    123
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    اسٽوڊنٽ
    ماڳ:
    اوسته محمد بلوچستان
    جواب: اياز شاھ سان سنڌ سلامت بابت ملاقات

    سائين الله پاڪ اوهانکي اڃان وڌيڪ جذبي سان ڪم ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي آمين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو