• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شهيد ڀٽو ريفرنس جي پيروي لاءِ نامزد ڪيو ويو ته اعزاز سمجهندس،

ڦلپوٽو فقير

سينيئر رڪن
پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ ملڪ جي نامياري قانوندان چوڌري اعتزاز احسن چيو آهي ته جيڪڏهن ان کي شهيد ڀٽو قتل ڪيس کي ري اوپن ڪرڻ جي حوالي سان داخل ڪيل ريفرنس جي پيروي لاءِ نامزد ڪيو ويو ته هو ان کي پاڻ لاءِ وڏو اعزاز سمجهندو، ان کان اڳ ان جي قتل ڪيس کي ري اوپن ڪرڻ جي حوالي سان نه ڪو ريفرنس موڪليو ويو هو ۽ نه ئي عدالت کي ڪا درخواست ڏني وئي هئي، رڳو هڪ ڀيرو ذوالفقار علي ڀٽو جي زندگي ۾ هن عدالت کي استدعا ڪئي وئي هئي، جنهن کي 24 مئي 1979ع تي رد ڪري ڇڏي هئي، سومر ڏينهن سکر ۾ وفاقي وزير خورشيد احمد شاهه پاران ڏنل مانجهندي ۾ شرڪت جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته في الحال ان حوالي سان ساڻس ڪو رابطو نه ڪيو ويو آهي، هن چيو ته پيپلز پارٽي لاءِ شهيد ڀٽو جي قتل جو ڪيس ري اوپن ڪرائڻ جو ان کان بهترين موقعو نه هو، سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي قتل ڪيس جي حوالي سان پيش ڪيل تحقيقاتي رپورٽ تي اڃا پيش رفت ٿيڻ باقي آهي ۽ حڪومت کي ان حوالي سان اڃا ڪيترائي مرحلا طئه ڪرڻا آهن، ڇو ته ان جي قتل جو رخ جنهن طرف آهي اهي ان تي بحث ڪرڻ کان اڳ هوشيار ٿي ويندا، هن چيو ته شهيد ڀٽو جو قتل ڪيس ري اوپن ڪرڻ جو مقصد ڪنهن کي سزا ڏيارڻ يا ڪنهن کان انتقام وٺڻ ناهي، پر ان ذريعي 6 فيبروري 1979ع تي ٻڌايل ڪيس جي صفائي پيش ڪرڻ آهي، ڇو ته ان ڪيس جي فيصلي کي اڄ تائين ملڪ جي عوام ۽ نه ئي اسان قبول ڪري سگهون ٿا.



روزانه عبرت جي ٿورن سان
 
جواب: شهيد ڀٽو ريفرنس جي پيروي لاءِ نامزد ڪيو ويو ته اعزاز سمجهندس،

بلڪل اعتزاز صاحب صحيح پيو چوي

ڪيس کي ٻيهر کولرائڻ جو مقصد اهو آهي ته اهو فيصلو غلط هو ۔۔۔۔
 
جواب: شهيد ڀٽو ريفرنس جي پيروي لاءِ نامزد ڪيو ويو ته اعزاز سمجهندس،

حڪومت بهترين ڪم ڪيو آهي ۽ هن کي ئي اڳتي وٺي اچڻ گهرجي۔۔۔۔
 
جواب: شهيد ڀٽو ريفرنس جي پيروي لاءِ نامزد ڪيو ويو ته اعزاز سمجهندس،

ڀٽو صاحب جو ڪيس ري اوپن ڪرڻ تمام سٺي ڳالهه آهي پر ان سان گڏ تاريخ جا سڀ ڪيس به کولڻ‌گهرجن، اها هڪ سٺي روايت آهي، ٻيو نه ته ويجهڙ ۾ مير مرتضى جي ڪيس جو ڇا ٿيو؟؟ بي بي صاحبه جي ڪيس جي سموري حقيقت عوام جي اڳيان آندي وڃي۔۔ ڪهڙو سبب آهي جو عوام جي اڳيان حقيقي رپورٽ کي آڻڻ‌کان روڪيو ويو آهي۔۔۔​
 
Back
Top