• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڇرڪائيندڙ حقيقت۔۔۔ اڄ به ماڻهو وحشي آهن

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
ڪڏهن وڏڙن کان ڪهاڻيون ٻڌندا هئاسين ته مم نالي ڪا مخلوق هوندي هئي جيڪا انسانن جا لاش قبر مان ڪڍي کائي ويندي هئي يا اهڙين ٻين مخلوقن جي باري ۾ ٻڌندا هئاسين۔۔ ننڍڙي ذهن ۾ اها ئي ڳالهه هوندي هئي ته ڇا ايئن به ٿيندو آهي۔۔ جڏهن وڏا ٿياسين۔۔ ۽‌ آفريڪا جي اهڙن قبيلن جي باري ۾ ٻڌوسين ته حيراني سان گڏ پريشاني به ٿيندي هئي۔۔ ته اهي ڪهڙا ماڻهو آهن جيڪي ماڻهو کي ئي جيئرو کائي ٿا وڃن۔۔
پر هاڻ آفريڪا کي ڇڏيو، اسان جي پنهنجي ملڪ ۾‌ به اهڙن ماڻهن (جي گروهه) جو انڪشاف ٿيو آهي جيڪي انساني لاشن کي قبر کوٽي ، ڪڍي کائيندا رهن ٿا۔۔۔ پنجاب جي ضلعي ڀڪر، تحصيل دريا خان جي شهر ڪوٽلا جام ۾ هڪ اهڙو واقعو پيش آيو آهي جنهن منجهان انڪشاف ٿيو آهي ته ڪجهه ماڻهو پوين ڏهه سالن کان ان قسم جي حرڪتن ۾ ملوث رهيا آهن، تازي اطلاعن موجب 4 ڄڻن تي مشتمل هڪ خاندان کي هڪ لاش سوڌو گرفتار ڪيو ويو آهي،
هڪ عورت سائرا پروين کي ان جي وارثن رات جو 10 بجه دفن ڪيو ۽ جڏهن صبح جو سندس قبر تي فاتح خواني لاءِ‌ ويا ته اها قبر کوٽيل ملي ۽ اتي فقط ڪفن موجود هئو۔۔ ان کان بعد ۾ پيرا کنيا ويا ۽ آس پاس رهندڙ ماڻهن کان پڇا ڳاڇا جي فقط ڪلاڪ اندر ئي انهن ماڻهن جي خبر پئجي وئي۔۔۔

وڌيڪ تفصيل منهنجي خيال ۾ اوهان ٽيليوزن تي هلندڙ خبرن مان ٻڌي چڪا هوندو پر وري به هتي هڪ ٻه وڊيو ونڊ ڪريان ٿو۔۔۔۔​

ڪوهنور ٽي وي وارن جي رپورٽ

حصو پهريون


حصو ٻيون

 
جواب: ڇرڪائيندڙ حقيقت۔۔۔ اڄ به ماڻهو وحشي آهن

انا لله وانا عليه راجعون

انسان جڏهن ڪري ٿو ته سندس ڪرڻ جي ڪا حد ناهي هوندي ” قرآن شريف ۾ لفظ استعمال ٿيو آهي “ اسفل سافلين” اونهائي کان به اونهائي ۾ ڪريل انسان ڪجهه به ڪري سگهي ٿو ۔۔۔

رب العالمين اسانکي سڌي راهه طرف راهنمائي فرمائي ۔۔۔ آمين
 
جواب: ڇرڪائيندڙ حقيقت۔۔۔ اڄ به ماڻهو وحشي آهن

الله انسان ذات تي رحم عطا فرمائي۔۔۔۔
 
جواب: ڇرڪائيندڙ حقيقت۔۔۔ اڄ به ماڻهو وحشي آهن

سائين تمام ڇرڪائيندڙ خبر مان چوان ٿو ته اهڙن ماڻهن کي جيئري پوري ڇڏجي پر انسان ذات تي ائين ڪرڻ نه گهرجي مگر انهن شخصن کي عمر قيد جي سزا ڏيارجي يا انهن کي ڦاسي ڏني وڃي۔۔ مگر ادا اوهان تمام بهترين ونڊ ڪيو آهي مونکي کي خبر پئي هئي ته قبر مان ماڻهن ڪڍي کائن ٿا، مون اخبار جي جاچ ڪئي پر مونکي اخبار نه ملي۔۔۔۔۔ مان سمجهيم ته پڪ سنڌ سلامت تي اها خبر آئي هوندي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مهرباني اهڙي ونڊ ضرور ڪندا ڪريو۔۔۔ جيئي سنڌ سدا جيئي۔۔۔۔
 
جواب: ڇرڪائيندڙ حقيقت۔۔۔ اڄ به ماڻهو وحشي آهن

مجرمن کان ٿيل تفتيش جي وڊيو۔۔۔

 
Back
Top