جاويد نواز
سينيئر رڪن
غزل
پورو منهنجو خواب ڪري ڪو
نيڻن جو بند آب ڪري ڪو
ايڏي مونسان سينا زوري
راڄ سان جيئين نواب ڪري ڪو
آهي ڪو اهڙو شاهونگر
دردن جو بند باب ڪري ڪو
مون ته مڪو آ سوال وفا جو
ها جو جلدي جواب ڪري ڪو
هُو ڏس اُس تي پيو آ پياسو
سُرڪ ڏئي پورو ثواب ڪري ڪو
شرف ڏسڻ جو بخشي ۽ هو
منهن تان دور نقاب ڪري ڪو
جاويد نواز
دعائن ۾ ياد
پورو منهنجو خواب ڪري ڪو
نيڻن جو بند آب ڪري ڪو
ايڏي مونسان سينا زوري
راڄ سان جيئين نواب ڪري ڪو
آهي ڪو اهڙو شاهونگر
دردن جو بند باب ڪري ڪو
مون ته مڪو آ سوال وفا جو
ها جو جلدي جواب ڪري ڪو
هُو ڏس اُس تي پيو آ پياسو
سُرڪ ڏئي پورو ثواب ڪري ڪو
شرف ڏسڻ جو بخشي ۽ هو
منهن تان دور نقاب ڪري ڪو
جاويد نواز
دعائن ۾ ياد