آدمشماري ۾ اسان جي ذميواري ڪهڙي آهي؟

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏6 اپريل 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,869
    ورتل پسنديدگيون:
    27,210
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    آدمشماري ۾ اسان جي ذميواري ڪهڙي آهي؟
    سيد عرفان علي شاهه

    [JUSTIFY]اسان کي اڪثر اهو ٻڌڻ ۽ پڙهڻ لاءِ ملندو رهيو آهي ته سنڌي قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ٻين صوبن مان ۽ ڪيترن ٻين جاين جا ماڻهو هتي آباد ٿي رهيا آهن يا ڪيا پيا وڃن. هي دانهن ۽ ڪُوڪَ رڳو سنڌ مان نه، پر دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن مان وقت به وقت اتان جا رهواسي ڪندا رهن ٿا. جنهن دٻاءُ تحت ئي اتان جون حڪومتون اميگريشن جي قانون کي وڌيڪ سخت ۽ بهتر ڪنديون رهن ٿيون. مثال طور برطانيا جي حڪمران جماعت (جنهن جي چيئرپرسن هڪ پاڪستان نزاد عورت آهي) نه رڳو اميگريشن جي قانون کي وڌيڪ سخت ڪري ڇڏيو آهي پر تعليمي ويزائن تي به سختي ڪئي وئي آهي ۽ صرف ڪجهه يونيورسٽين جا شاگرد اُتي ڪا نوڪري ڪري سگهن ٿا. يورپ ۾ سڀ کان وڌيڪ مسلمان فرانس ۾ آهن، اهو ئي سبب آهي جو فرانس، ترڪي جي يورپي يونين جي ميمبرشپ ۾ وڏي رڪاوٽ بڻيل آهي. هنن کي خوف آهي ته متان اقليت ۾ نه تبديل ٿي وڃون. آمريڪا ۽ آسٽريليا جا اصل وارثRed Indian ۽ Aborigines اڄ اوهان کي صرف اتان جي عجائب گهرن ۾ نظر ايندا يا جهنگن ۾. شايد ئي اسان مان ڪنهن کي اها خبر هجي ته اُهي ڪهڙي ٻولي ڳالهائيندا هئا. ان هوندي به دنيا جو هر ملڪ ڪنهن ٻئي ملڪ جي ماڻهن کي اچڻ کان روڪڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام نظر اچي رهيو آهي.

    هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا اسان سنڌ ۾ ڪنهن ٻئي ماڻهو کي اچڻ کان روڪي سگهون ٿا؟ مهنجو خيال آهي ته نه! اڄ جي حالتن ۽ واقعن کي سامهون رکندي اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ ڇا پنهنجي قوم کي هٿيار کڻڻ لاءِ چئون؟ ڇا مسلسل احتجاجَ ئي ڪندا رهون؟ پنهنجي تحريرن جي ذريعي پنهنجي ماڻهن کي پاڻ مٿان ٿيل ظلم جا داستان ٻڌائيندا رهون؟ منهنجي راءِ آهي ته هاڻي اسان کي هنMindset کان ٻاهر نڪرڻ جي ضرورت آهي. کوهه مان نڪري دنيا کي ڏسون، انهن جي ايجادن ۽ نون طريقن کي سکڻ ۽ انهن تي بحث مباحثا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هڪ منظم ۽ سمجهدار قوم ٿيون، جيڪا ڪنهن به مسئلي تي غور فڪر پهريون ڪري ۽ پوءِ عمل ڪري. دنيا جون ترقي پسند قومون نوي سيڪڙو وقت منصوبابندي ڪرڻ ۾ ۽ ڏهه سيڪڙو ان تي عمل ڪرڻ ۾ صرف ڪنديون آهن. اسان وٽ چڪر ئي ابتو آهي. منظم طريقي ۽ بهتر حڪمت عملي سان پاڻ ڪيترن ئي مسئلن کي مڪمل طرح نه کڻي پر ڪنهن حد تائين گهٽ ضرور ڪري سگهون ٿا.

    ڪنهن به حڪمت عملي ۽ مستقبل لاءِ SWOT analysis تمام ضروري آهي. اهو سمجهڻ جي ضرورت آهي ته اسان جي طاقت ڪهڙي آهي؟ ڪمزوري ڇا آهي؟ موقعا ۽ خطرا ڪهڙا آهن؟ انهن سمورين شين کي سمجهڻ لاءِ مردم شماري سڀ کان وڌيڪ اهم آهي، جنهن ۾ هر ننڍي کان ننڍي معلومات لکي ويندي آهي. ڪٿي ڪيتري آبادي؟ تعليم ۽ صحت جي سهولت، رستا، ڪاروبار، بيروزگار ماڻهو، فصل، موسم، ٻيلا، ڍور ڍڳا، معدنيات، فيڪٽريون، صوبي جي ايراضي، تاريخي ماڳ، آبادي، ٻار، نوجوان، پوڙها، وڻ، جبل، مٽي، هوائون، موسم مطلب ته اهڙي ڪا به شئي ناهي، جيڪا مردم شماري جي ڳڻپ ۾ نه اچي. اسان وٽ هتي هر وقت حقن جي ڳالهيون ٿينديون رهن ٿيون پر ڪو به ذميواري جي ڳالهه نه ٿو ڪري. مردم شماري ۾ حصو وٺڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي. صرف پنهنجي گهر ڀاتين جا نالا لکرائڻ اسان جي ذميواري ناهي پر پاڙيوارن، دوستن، مٽن مائٽن کي هوشياري ڏيارڻ به اسان جي ذميواري آهي. مردم شماري ٻن حصن ۾ ٿيندي. پهرين مرحلي ۾ گهرن جي ڳڻپ ٿيندي، جيڪا 5 اپريل (ڪالهه) کان 19هين اپريل تائين جاري رهندي. انهن چوڏهن ڏينهن ۾ گهرن جي ڳڻپ ٿيندي ۽ هر گهر ۾ رهندڙ ماڻهن جا نالا لکيا ويندا. ان کانپوءِ اها سموري معلومات ڪمپيوٽر ۾ منتقل ڪئي ويندي. هتي آئون هڪ اهم ڳالهه واضع ڪندو هلان ته هن ڪم لاءِ هڪ خاص ڪمپيوٽر سافٽ ويئر تيار ڪيو ويو آهي، جنهن جو اهڙو format طئي ڪيو ويو آهي ته شهر جي هڪ گهر اندر پنجن کان ڇهه ۽ ٻهراڙي جي گهرن اندر ڇهن کان ست ماڻهو رهن ٿا. هاڻي جيڪڏهن اوهان ٽي ڀائر پيءُ ماءَ سان گڏ رهو ٿا ۽ اوهان سڀئي ڏهه ڀاتي آهيو ۽ اوهان ڏهه ئي نالا لکرائي ڇڏيا، يا ڪنهن ماڻهو کي ڇهه يا ست غير شادي شدهه ٻار آهن. زال مڙس ۽ ست ٻار ٽوٽل 9 ڀاتي ٿيا. اوهان نوَ ئي نالا لکرائي ڇڏيا. فارم آفيس پهچي ويا، پر جڏهن اوهان جي لکيل معلومات ڪمپيوٽر ۾ منتقل ڪئي ويندي ته ڪمپيوٽر ان معلومات کي تسليم نه ڪندو، ڇو ته سافٽ ويئر ڳوٺ جي گهر ۾ صرف ست ماڻهن جا نالا قبول ڪندو. ان جي لاءِ ڇا ڪيو وڃي؟ جيڪي ماڻهو شادي شدهه هجن، ڀلي اُهي هڪ ئي گهر اند رهندا هجن پر پنهنجو پنهنجو ڪٽنب الڳ لکرائين، ۽ هر ڪٽنب مان ڪنهن هڪ ڀاتي جو سڃاڻپ ڪارڊ جو نمبر ضرور لکرايو وڃي. ياد رکو صرف نمبر! نه سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ جي ضرورت آهي ۽ نه ئي ڪاپي جي. هاڻي ٻيو مثال هي آهي ته جيڪڏهن ٻار پنهنجي والدين سان رهن پيا ۽ غير شادي شدهه آهن ته پوءِ فارم ڀريندڙ عملي کي چئجي ته گهر جي سربراهه مطلب پيءُ جي نالي کي گول دائرو ڏئي ڇڏي. ائين ڪرڻ سان اهو فارم الڳ سافٽ ويئر ۾ منتقل ڪيو ويندو. هي ڳالهه سڀ کان وڌيڪ اهم آهي.

    اسان سڀني کي خبر آهي ته اين ايف سي ايوارڊ ۾ هن وقت به آبادي جو حصو 82 سيڪڙو آهي. سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس سنڌ صوبو پيو ڏئي، پر ٽيڪس جو وڏو حصو گهڻي آبادي واري صوبي کي ملي پيو. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان جتي به آهيون پاڻ کي مردم شماري ۾ ڳڻايون. اگر اوهان ڳڻپ نه ڪرائيندا ته پوءِ اوهان جي حصي جا پئسا ڪنهن ٻئي هنڌ هليا ويندا. بهرحال اسان جو وڏو ۽ پهريون هدف وفاق کان وڌ کان وڌ حصو وٺڻ آهي. مثال طور ڪراچي شهر جي زمين جي پکيڙ 3527 اسڪوائر ڪلوميٽر آهي، جنهن ۾ ملير (ٻهڙاري) جي زمين جو حصو 2268 اسڪوائر ڪلوميٽر آهي. اهڙي طرح باقي سموري شهر جي پکيڙ 1259 اسڪوائر ڪلوميٽر بڻجي ٿي، ۽ هڪ اسڪوائر ڪلوميٽر ۾ تقريبن 2794.5 ماڻهو رهن ٿا. هاڻي ٻيو مثال ٿرپارڪر جو وٺون ته هن جي پکيڙ 19638 اسڪوائر ڪلوميٽر آهي ۽ في اسڪوائر ڪلوميٽر تي 46.6 ماڻهو رهن ٿا. مطلب ته ڪراچي جي هڪ اسڪوائر ڪلوميٽر تي رهندڙ آبادي ٿر ۾ 60 ڪلوميٽرن تي رهي ٿي. مشڪل رستن مان انهن کي ڳڻڻ ڪيترو مشڪل آهي. شهرن ۾ بجلي، پاڻي ۽ گيس جا ادارا ڪجهه معاوضي عيوض اهي سهولتون هر گهر کي مهيا ڪن ٿا. پر ٻهڙاري وارن علائقن ۾ انهي ڪمن لاءِ چونڊيل نمائيندن کي ڪجهه پئسا ملندا آهن. ٻهڙاري وارن علائقن ۾ به ڪو اهڙو نظام جوڙيو وڃي. هاڻي انهيءَ ڳالهه تي رڳو هائي گهوڙا ناهي ڪرڻي پر ڪا حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي. صرف ميرپورخاص ڊويزن جي پکيڙ 38899 اسڪوائر ڪلوميٽر آهي، جنهن تي يارنهن ڪراچي شهرن جيتري آبادي رهي سگهي ٿي. انهي ڪري هر ماڻهو مٿي ذڪر ڪيل ڳالهين کي مدنظر رکندي انهيءِ ڳالهه کي يقيني بڻائي ته پنهنجي ڳڻپ هر حال ۾ ڪرائڻي آهي.

    1998ع واري مردم شماري جي مطابق سنڌ جي 42.76 سيڪڙو آبادي 15 سالن کان گهٽ عمر واري هئي. انهي ڪري انهن جي ذهني رجحان ۽ انهن جي سوچ کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته انهن مان نوجوان اڳتي اچن لکن، جيڪي نئين سوچ ۽ امنگ جي ڳالهه ڪن. هي حقيقت آهي ته پيءُ ۽ پُٽ هڪ ئي گهر ۾ رهن ٿا. هڪ ئي ماحول ۾ هوندي به ٻنهي جي سوچ ۾ وڏو فرق هجي ٿو. انهي ڪري هر نسل سان گڏ ۽ هر شعبي ۾ انهي جو نمائندو به هجڻ گهرجي، جيڪو انهن جي سوچ جي عڪاسي ڪري. منهنجي ستن اٺن سالن جي ريسرچ ۽ مشاهدو اهو آهي ته انفرادي طور تي سنڌي نوجوان ايترو اڳتي نڪري چڪو آهي، جو گهٽ ۾ گهٽ اسان جو سياسي ۽ دانشور طبقو انهي ڳالهه کان بيخبر آهي. اوهان دنيا جي ڪهڙي به ملڪ جو نالو وٺو، اُتي اسان جا نوجوان ضرور پي ايڇ ڊي ڪندا هوندا. منهنجي خيال مطابق ڪراچي ۾ ويهن کان پنجويهه لکن تائين سنڌي آباد آهن يا روزگار ڪمائين پيا. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سندن مردمشماري ۾ ڳڻپ ڪرائي وڃي. رڳو هڪ ننڍرو مثال ڏيان ته 2 مهينا پهريان مون پنهنجي نياڻي جي پهرين سالگرهه ملهائي. ٻارن جي پينگهن کان وٺي ڪيٽرنگ ۽ کائڻ کان وٺي سامان کڻي هلندڙ مزدور تائين تقريبن سڀ سنڌي هئا. ڊفينس، ڪلفٽن، گذري، پنجاب ڪالوني، شيرشاهه جي پوئين ڪالوني، ڪياماڙي، گلشن جوهر، گلشن حديد کان وٺي ٻيا ڪيترا ئي شهري علائقا سنڌين سان ڀريا پيا آهن.

    1998ع واري آدمشماري جي انگن اکرن مطابق ڪراچي جي آبادي9,856,318 هئي، جنهن ۾ اردو ڳالهائيندڙ 47 لک، پنجابي ڳالهائيندڙ 13 لک، پشتو ڳالهائيندڙ 11 لک ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ 7 لک هئا. جيڪڏهن انهن مان ٻهڙاري وارا علائقا الڳ ڪجن ته باقي آبادي چئن لکن جي قريب ٿئي ٿي. انهيءَ ڪري شهر ۾ رهندڙ هر ماڻهو ذميواري سمجهندي پنهنجو نالو لکرائي. کوڙ سارا ماڻهو ڪم سان گهران نڪتل هوندا آهن، اهو ماڻهو هڪ پني تي پنهنجي پوري ڪٽب جا نالا لکي گهر وارن کي ڏئي ڇڏي. ان هدايت سان گڏ ته جيڪڏهن ان چوڏهه ڏينهن اندر گهر جي گهنٽي وڄي يا ڪڙو کڙڪي ته جاچ لهجي ته ڪير آهي ۽ انهن کي اهو پنو ڏيندي چوي ته هي نالا منهنجي سامهون رڪارڊ ۾ نوٽ ڪريو.

    آخري مردم شماري مطابق شهري آبادي 48.8 سيڪڙو ۽ ٻهڙاري جي آبادي 51.2 سيڪڙو آهي. 13 سال پهريان هي فرق تقريبن هڪ فيصد بچيو هو، جنهن ڪري ئي صرف ڪراچي ۾ 15 کان 20 صوبائي سيٽون وڌي ويو هيون. جيڪڏهن هن ڀيري اهو هڪ فيصد وارو فرق ختم ٿي ويو ته خودبخود پاڻ اقليت ۾ شمار ٿي وينداسين. اسان سڀني کي ان ڳالهه کي يقيني بنائڻو آهي ته ڪٿي هڪ فيصد جا ذميوار اسين پاڻ نه ٿي وڃون. حقن جي ڳالهه ان وقت تائين نه ڪنداسين، جيسيتائين مردمشماري ختم نٿي ٿئي. صرف ۽ صرف ذميواري نڀائڻ جي ڳالهه ڪبي. هي زمين، وڻ، هي گهٽيون، هي سر سبز ۽ هي ويرانيون جنهن سان اسان جو صدين کان ڳانڍاپو آهي، اهي اسان کان پڇن ٿا ته اي منهجا صدين جا ساٿيو هي ساٿ هميشه رهندو نه؟ اگر خدا نه ڪري جو اهو هڪ فيصد وارو فاصلو ختم ٿي وڃي ته انهيءَ جو ذميوار جيڪو اسان مان ئي هوندو ته اسان جو ضمير اسان جي نڙر تي هڪ ڪارو ٽڪو هڻي ڇڏيندو، ۽ ايندڙ نسلَ ۽ گذريل نسل جي مستقبل ۽ ورثي جي تباهي جا ڏوهي اسان ئي ڪوٺيا وينداسين. ياد رکو ته حق صرف انهن کي ملندا آهن، جيڪي بردبار ۽ سمجهدار هوندا آهن. لاغرض ۽ بي پرواهه ماڻهن جي نصيب ۾ ناموس لکيل ناهي هوندي.[/JUSTIFY]

    روزانه ڪاوش جي ٿورن سان
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,875
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: آدمشماري ۾ اسان جي ذميواري ڪهڙي آهي؟


    دوست وساڻ! اسانکي هن وقت به سنڌ سڳوري ٻئي ٻاهون مٿي ڪري واڪا ڪري رهي آهي ته اي منهنجي تاثير سان پئدا ٿيل سنڌيو اٿو منهنجي وارثي ڪريو ۽ پاڻ ۾ وڙهڻ جي بجاءِ ٻڌي ۽ ايڪي سان منهنجي حفاظت ڪريو، ائين نه ٿئي ته اوهانجي امڙ لٽجي وڃي ۽ پوءِ ويٺا منهن تي چنمبا هڻو ۔۔۔ پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته؛ ڍڳي جو ملهه هزار ڍڳو هر نه هلي ۔۔۔ اها ئي بين وڄي ٿي پر اسان ڪنن ۾ ڪپهه جا ٻوڙا وجهي ڇڏيا آهن ۔۔۔

    سنڌ جي هن ايندڙ آدمشماريءَ ۾ ڏسجي ته سنڌي ڪئين ٿا پاڻ ملهائن ۔۔۔ يار سليمان مون واري گهر جا سڀ ڀاتي ۽ منهنجي ايندڙ پٽ جو نالو به شامل ڪرائجو ۽ مستقبل ۾ ٿيندڙ پٽ جو نالو هوندو ” بهادر“ سو هڪ نالو ”بهادر ابڙو“ به شامل ڪرائجو۔ انشاء الله
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,869
    ورتل پسنديدگيون:
    27,210
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: آدمشماري ۾ اسان جي ذميواري ڪهڙي آهي؟

    سائين نثار مهرباني

    اوهان جي اڻ تڻ جو احساس آهي ۽ اسان جي هنن ڪجھ ڏينهن ۾ ڪجھ نه ڪيو ته پوء اسان کي واڪا ڪرڻ مان به ڪي هڙ حاصل ڪونه ٿيندو۔

    اوهان کي اوهان جي بهادر جي اڳواٽ مبارڪ ۽ ان بهادر ابڙي جو نالو هن ئي آدمشماري ۾ انشاء الله ضرور شامل ڪرائينداسون
     
  4. سجاد سرور

    سجاد سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    71
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    208
    ڌنڌو:
    ڊاڪٽر
    ماڳ:
    سکر
    جواب: آدمشماري ۾ اسان جي ذميواري ڪهڙي آهي؟

    بلڪل اهو تمام ضروري ۽ اهم آهي، ۽ اسان جي سڄاڻ دوستن جي ذميواري عائد ٿئي ٿئ ته پنهنجي پسگردائي ۾‌ماڻهن ۾ اهو شعور اجاگر ڪن!
     
  5. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    340
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: آدمشماري ۾ اسان جي ذميواري ڪهڙي آهي؟

    ادا تفصيلي ڄاڻ ڏيڻ جي مهرباني .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو