مناظره ڏونجهه
السلام عليڪم ورحمة الله وبرڪاتہ،
ڏونجهه جو مناظرو ٿرپارڪر جي تعلقي مٺيءَ جي هڪڙي ڳوٺ ”ڏونجهه“ ۾ 14، 15 ۽ 16 ڊسمبر 1943ع ۾ ٿيو. هن مناظري ۾ هڪ طرف سنڌ جا پير ۽ مولوي هيا، جن ۾ (1) پيرغلام مجدد شڪارپوري، (2) مولوي ملا ڪاتيار وارو، (3) مولوي ڊينسير اسٽيٽ وارو ۽ (4) مولوي عبدالغفور ڪنري وارو مشهور آهن ته ٻئي طرف سنڌ جا مشهور عالم (1) مولوي عبدالرحيم صاحب ڪڇ وارو، (2) مولوي محمد عمر جوڻيجو ڏيپلائي ۽ (3) شيخ عبدالعزيز صاحب عرب هئا.
مناظري جا موضوع هي هئا: (1) حياة النبي صه، (2) مئلن کان مدد وٺڻ، (3) مري ويلن جو ٻڌڻ.
جيئن ته هي مناظرو ٿر جي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ ڏونجهه ۾ ٿيو هيو، انهيءَ ڪري انهيءَ نالي سان هن مناظري کي ياد ڪيو وڃي ٿو. هن مناظري کي قلم بند ڪرڻ وارو سيٺ حاجي صاحبڏنو ولد علي محمد ميمڻ ڏيپلائي آهي. جنهن اهڙي ته بهترين منظر ڪشي ڪئي آهي جو پڙهندڙ کي معلوم ٿيندو ته جهڙوڪ هو پاڻ ان مناظري ۾ موجود آهي.
هي مختصر ڪتابڙو پڙهڻ وٺان آهي. اميد ته دوستن کي هي ڪتابچو ضرور پسند ايندو.
[SCRIBD]24403848&access_key=key-wojnlf2ijl3ftzxhg4f&page=1&version=1&viewMode=[/SCRIBD]