سعودي عرب جي ويزا ؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏27 جولائي 2009۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]
    دوستو! هن موضوع تي لکڻ جي جرئت انڪري ڪريانٿو ته جو ڪيترائي مٽ مائٽ، دوست احباب ۽ اسانجا سنڌي سڄڻ سعودي عرب اچڻ جي خواهش رکنٿا ... سنڌ سلامت جي ميدان تان هيءَ ڳالهه انهن دوستن تائين پهچائيندي خوشي اٿم ته جيئن پنهنجا ماروئڙا انهن ڳالهين کان واقف هجن جي کين ڄاڻ ۾ ناهن ۽ سعودي اچڻ وقت ڪجهه ڳالهيون ذهن ۾ رکي اچن.

    سعودي عرب ڏانهن اچڻ لاءِ هيٺين قسمن جون ويزائون آهن ...
    1. عمري واري ويزا
    2. گهمڻ واري ويزا
    3. حج ويزا
    4. ڪاروباري ويزا
    5. ڪم واري ويزا

    عمري واري ويزا؛
    هيءَ ويزا، پنهنجي ملڪ جي ٽريول ايجنٽ جي معرفت حاصل ڪري سگهجي ٿي جا تقريبن 30 ڏينهن جي هوندي آهي ... هن ۾ اوهان ڪنهن سٺي ٽريول ايجنٽ کان پورو پورو پيڪيج وٺي ايندا ته اوهانکي فائدو به ٿيندو ۽ ڪيترين ئي مشڪلاتن کان ڇوٽڪارو ملي ويندو ... باقي جي ڪو سڳو مٽ مائٽ جو اوهانجي رهائش ۽ کاڌي پيتي، گهمڻ ڦرڻ جو بندوبست ۽ خرچ برداشت ڪري سگهي ته پوءِ بيشڪ پيڪيج نه هجي ...
    احتياط؛
    ٽريول ايجنٽ، سٺو ۽ مشهور هجي ۽ چڱيءَ طرح ڳالهه ٻولهه ڪري پيڪيج جي پڪ ڪجي ... پئسو ڀل ٻه چار هزار مٿي لڳي پر جيئن ته ٽريول ايجنٽ سٺو هوندو ته اوهانکي تڪليف نه ٿيندي ... ورنه ڪيتريون ئي مشڪلاتون پيش اچن ٿيون ۽ ڪيترن ماڻهن جا ته ضروري ڪاغذ پٽ به گم ٿيو وڃن ...

    گهمڻ واري ويزا؛
    هيءَ ويزا سعودي عرب جو پاسپورٽ وارو کاتو ڏيندو آهي ... سعودي عرب ۾ رهندڙ ڪو اهڙو شخص جنهنجو رتبو هجي ۽ ڪنهن سٺي نوڪريءَ تي هجي يا سندس رهائش واري ڪارڊ تي سندس ڪم ڪو آفيسر وارو هوندس ته پوءِ درخواست ڏيندو ته ويزا ملي ويندس، ويزا به تمام ويجهن رشتيدارن جنهن ۾ ماءَ پيءَ، ڀيڻ ڀاءُ، ڌيءَ پٽ يا زال هجي ته ويزا ملي ويندي آهي ... انهن ۾ به عورتن جي جلدي ۽ مڙدن جي سوچي سمجهي ڏيندا آهن .... هن ۾ به وري پوڙهن جي ويزا جلد جوانن جي سوچي سمجهي ڏيندا آهن ....

    احتياطـ؛
    سفر دوارن ڪاغذ پٽ ۽ قيمتي سامان ۽ پئسه وغيره سنڀالي رکجن، پنهجي طبيعت آهر پنهجو علاج گڏ هجي ...

    حج واري ويزا؛
    هيءَ ويزا به ملڪي ايجنٽ يا ملڪي قانون مطابق ملندي آهي ... هن ۾ به ايجنٽ سٺو هوندو ته سهولتون سٺيون ۽ جي ايجنٽ خراب ته مصيبت ئي مصيبت ... ويچارن حاجين کي روئيندي ڏٺو آهي ... ايتري جذبي سان ايندا آهن خراب ايجنٽن ڪري ڪجهه ئي ڏينهن ۾ دعائون گهرندا آهن ته سلامت گهر پهچن ...
    احتياط؛
    سفر دوارن ڪاغذ پٽ ۽ قيمتي سامان ۽ پئسه وغيره سنڀالي رکجن، پنهجي طبيعت آهر پنهجو علاج گڏ هجي ... حڪومتي ويزا يا ايجنٽ ذريعي ويزا وٺڻ کانپوءِ پيڪيج سٺو وٺجي... حج جون سموريون هدايتون اڳواٽ پڙهي اچجن ۽ حج معلومات هجي ته جيئن عبادتن ۽ زيارتن ڪرڻ ۾ تڪليف نه ٿئي ...

    ڪاروباري ويزا؛
    هيءَ ويزا پڻ سعودي عرب جو پاسپورٽ کاتو ڏيندو آهي ... هتان جي ڪا رجسٽرڊڪمپني يا ڪو کاتو ڪنهن ماڻهونءِ جي ويزا لاءِ درخواست ڏيندو آهي ته ويزا ملي ويندي آهي ...
    احتياطـ؛
    سفر دوارن ڪاغذ پٽ ۽ قيمتي سامان ۽ پئسه وغيره سنڀالي رکجن، پنهجي طبيعت آهر پنهجو علاج گڏ هجي ...

    ڪم واري ويزا؛
    هيءَ ويزا پڻ هتان جو پاسپورٽ کاتو ڏيندو آهي، ڪا رجسٽرڊ ڪمپني، کاتو يا قومي سرمائيدار، ڪنهن خاص ڪم لاءِ ڪن خاص ملڪن لاءِ درخواست ڏيندو آهي ته کيس ويزائون ملي وينديون آهي ...

    اسان جهڙن ملڪن ۾ اها ويزا ڪيترن ئي قسمن ۾ تبديل ٿي ويندي آهي ...

    ڪمپنيءَ جي ويزا؛
    1. وڏيون ڪمپنيون ويزائون ڪڍرائي، مختلف ملڪن ڏانهن اڳي کان طئه ٿيل سٺن ايجنٽن ڏانهن اماڻينديون آهن ۽ ممڪن حد تائين پنهنجو ڪو ماڻهون پڻ موڪلينديون آهن ته گهربل ڪم جا ڄاڻو ماڻهون ڀرتي ڪري اچجن ...
    2. اها ويزا بلڪل مفت هوندي آهي ... صرف ڪجه ايجنٽ جو خرچ پکو هوندو آهي يا وري ڪجه ڪاغذ پٽ ٺهرائڻا هوندا آهن ۽ ... سٺي ايجنٽ جي ذريعي ڪم ٿيڻ سان ڪو ويهارو ٽيهارو هزار مس خرچ ٿيندو آهي ... باقي ڪجه لالچي ايجنٽ ممڪن آهي ته پنجاهيءَ تائين خرچ ڪرائي ڇڏيندا هجن ...
    3. اهي ڪم واريون ويزائون 90 سيڪڙو پنجاب ڏانهن ۽ 10 سيڪڙو ڪراچيءَ ڏانهن وڃن ٿيون ... پنجاب ڏانهن گهڻو انڪري جو 90 سيڪڙو ايجنٽ ۽ هت ڪمپنين ۾ ڪم ڪرڻ وارا وڏا آفيسر پنجابي آهن ۽ پنجاب جو ماڻهون ڪم جي گهربل ڄاڻ پڻ رکندڙ هوندو آهي ... سو ڪمپنيون گهڻو ڪري پنجاب جي ماڻهونءَ کي پسند ڪن ٿيون ... وغيره وغيره
    4. هنن مان تمام ٿورن ايجنٽن جون آفيسون ڪراچيءَ ۾ پڻ آهن ...

    آزاد ويزا؛
    جيتوڻيڪ ڪا به ويزا آزاد نه هوندي آهي پر تنهن هوندي به هن ويزا کي آزاد ويزا انڪري چئبو آهي ته هن ۾ اچڻ وارو ويزا جي چڱي خاصي قيمت ڏئي ايندو آهي ۽ کيس اهو چيو ويندو آهي ته هو سعودي پهچڻ کانپوءِ پنهنجي مرضيءَ جي نوڪري ڪري سگهي ٿو ... جا حقيقت به هوندي آهي ... پر هن ويزا جي حقيقت ڪجهه هينئن پڻ آهي ؛

    1. ڪا به ويزا آزاد نه هوندي آهي ... هر ويزا جو مالڪ (قفيل Sponsor) سعودي هوندو آهي ...
    2. سعودي ويزا ڪڍرائي ايجنٽ يا ڪنهن هت رهندڙ ماڻهونءَ کي کپائي ڏيندو آهي ...
    3. ايجنٽ يا اهو هت رهندڙ ماڻهون اها ويزا، ايڏانهن پاڪستان ۾ کپائيندو آهي ... اڄڪلهه هت ويزا جي قيمت تقريبن ڪجهه گهٽ وڌ ڪري پنجن ستن کان شروع ٿي ڏهاڪو ۽ واڌو هزار ريال آهي ... عرب جي چڱ مڙسيءَ تي آهي ته هو ڪيترو لالچي آهي ...
    4. پاڪستان ۾ ايجنٽُ اها ويزا ڪيتري ۾ وڪڻي ٿو ... اها سندس مرضي آهي ۽ اهو به سندس چڱ مڙسيءَ تي آهي ته هو ڪيترو لالچي آهي ...
    5. ويزا خريد ڪرڻ واري کي هيٺيان خرچ ڀرڻا هوندا آهن؛
    أ‌. ويزا جي قيمت
    ب‌. ضروري ڪاغذات جو خرچ
    ت‌. ٽڪيٽ جو خرچ
    ث‌. سفري خرچ
    ج‌. سعوديءَ ۾ پهچڻ کانپوءِ طبي معائني جو خرچ
    ح‌. رهائش واري (اقامه) ڪارڊ ٺهرائڻ جو خرچ
    خ‌. هت اچي ڪم ڳولهڻ کانپوءِ مالڪ (قفيل) بدلا ئڻ وارو خرچ ( ۽ جي مالڪ ڪنجوس ۽ لالچي آهي ته ممڪن هو ان مالڪ بدلائڻ واري عمل جا پئسا به گهري سگهي ٿو ... ڪيترا .... ؟)

    احتياط؛

    اهڙي قسم جي ويزا ۾ تمام گهڻا مسئلا هوندا آهن،
    1. ايجنٽ يا سعودي پاڻ حرامي (عربيءَ ۾ حرامي، چور کي چوندا آهن) هوندا آهن ... ويزا نه به هوندي اٿن پر ويزا جي هجڻ جو ڍونگ ڪندا آهن ... پئسا وٺي يا ته غائب ٿي ويندا آهن يا مسلسل واعدا ڪندا رهندا آهن ... انڪري اهڙي ماڻهونءِ سان ڏي وٺ ڪجي جنهنکي وقت سر پڪڙي سگهجي يا وري پئسا موٽائي سگهجن وغيره وغيره ..
    2. پئسن ڏيڻ وارو مجبور ويچارو ڪجهه ڪري به نه ٿو سگهي جو اهڙي لين دين آهي ئي غير قانوني ... سو نه ڏيڻ وارو ذميوار نه وٺڻ وارو ... جي ويزا ملي ته ٺيڪ نه ته ويا پئسا پاڻيءَ ۾ ...
    3. اهڙي ويزا وٺڻ وارو جڏهن هت پهچندو آهي ته کيس ڪم ڳولهڻو پاڻ کي اٿس، جي ڪو مائٽ مٽ آهي ته ٺيڪ ۽ جي پويان ڪجهه پئسي وارو آهي ته ٺيڪ ۽ جي نه ته ماڻهون پريشان ٿي سگهي ٿو جو نوڪري ملڻ ايترو آسان به نه آهي ۽ جي ڪنهن ڪم جي ڄاڻ اٿس ته ٺيڪ جي نه ته پوءِ مرضيءَ جي نوڪري ملڻ پڻ مشڪل ٿيو پوي ... باقي محنت مزدوري ته ڪٿي نه ڪٿي مليو ئي وڃي ...
    4. پريشاني ته ڪانه ڪا هوندي آهي پوءِ ڪٿي گهڻي يا ڪٿي ٿوري ...

    مطلب ته دوستن، عزيزن آڏو هي ڳالهيون انڪري رکانٿو ته جيئن هيڏانهن سعوديءَ جو ارادي ڪرڻ وارا ڪجه احتياط ڪري سگهن ... باقي دنيا ته هلي پئي ۽ معاملا ٿين پيا انڪري دل برداشته ٿين جي ضرورت ناهي بس ... ڪري ڪرڻ هر حال ۾ بهتر هوندو آهي ...

    والسلام

    نثار ابڙو
    مڪو پاڪ
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    ماشاالله سائين توهان تمام بهترين معلومات شيئر ڪئي آهي اسان جهڙن کي ته صرف اها خبر هئي ته ويزا ٿيندي آهي باقي ڪل خيرshal judy hujeen باقي اڄ توهان جهڙن دوستن جي ڪري اهڙي قيمتي معلومات ملي آهي
    اهڙي معلومات ونڊڻ لا۽ توهان جس لهڻو
    وڏي مهرباني سائين

    sindhsalamatsaathsal
     
  3. ٻروچ

    ٻروچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 جون 2009
    تحريرون:
    289
    ورتل پسنديدگيون:
    330
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    مهرباني سائين سٺي ۽ ڪارائتي معلومات آهي
     
  4. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    واه سائين واه تمام بهترين معلومات اوهان ڏني آهي سائين پر سائين ايجنٽن جي لاپراهي ۽ انهن جي لالچ ڪري اسان جا ڪيترائي دوست دبئي وڃڻ جي شوق ۾ جڏهن سمنڊ جي رستي انهن کي پوليس ڊوڙائيندي آهي ته ٽنگن ۾ گوليون جهلي به واپس موٽي ايندا آهين جيڪو دبئي پهچي ويو ته گهڻو ڪري اڻ بڙهيل ئي هوندو سو مون وانگر ٻهراڙي جيبدو عربن جي ور چڙهي ويندو آهي ۽ پوء (گهڻو ڪري سعودي ۾ به ائين ئي هوندو ) يا ته ان کي کجين جا فرها ڪپڻا پوندا آهين يا وري مال مون وانگر مال چارڻو پوندو اٿن پاسپورٽ به ڪفيل يا انهن کي آڻيدڙ وٽ هوندا آهين اهو به انهن کان ڪميشن الڳ وٺندو آهي ۽ نه ويچارا ڀڄڻ جهڙا هوندا آهين نه ڪنهن ٻي جاء تي ڪم ڪرڻ جهڙا نه زبان اچي اتان جي نه رستي جي خبر اقامو ته پري جي ڳاله ٻهراڙي ۾ ڪير ٿو لهي ۽ انهن جي سوچ به اها هوندي آهي ته اقامي جا پئسا به اهي به ڇو خرچ ڪيان سائين پرديس م ڪهڙو حال هوندو آهي اهو ته اهو ئي ٿو ڄاڻي باقي جي پڙهيل آهي ۽ ڪجه چالاڪ هوندو ادي رشيد وانگر ته متا ڪا سٺي نوڪري ملي وڄيس جي ڀاڳ ڀلا هوندس هونئن بارڊر ته مون کي به ياد آهي ته 2003 ۾ مون به ايران ۽ عراق جو ڪراس ڪيو هو پر عراقي بارڊر تي پهنججي ذهنيت کي استيعمال ڪري نڪري ويو هوس پورو ايران گهميس ۽ پوء پاڪستان اچڻ لاء مون ايجنٽ کي تمام گهڻي قيمت ڏني پر ان مون کي تمام عزت سان ليڊ ڪروزر ۾ کڻي ڪري بارڊر ڪراس ڪرايو اهو هو به زاهدان جو بلوچ ايستائين جو هن پاڪستاني پوليس کي به انهن جو حصو ڏنو سائين ايجنٽ تمام اوهان جي عربي ۾ (حرامي ) هوندا آهين ڪجه به ڪري سگندا آهين مون کي لفظ حرامي تان ياد آيو ته اسان جو پاڻي وارو موٽر خراب ٿي پيو سو مون دڪاندار کي چيو ته مون کي ڪو سٺو موٽر ڏي هي جڪو آهي سادو آهي پاڻي نٿو ڇڪي سو ان پهنجي ڇوڪري کي عربي ۾ چيو ته (جيب موتور حرامي ) مون کي کل آئي ته موٽر به اهو به حرامي يار ان جو ڇا مطلب آهي ته ان جواب ڏنو ته ڀلي جي لاين ۾ پاڻي نه هجي ته به هي پري پري کان ٻين جي لائين مان به پاڻي چوري ڪري ڇکيندو آهي سو مان اهو موٽر هلايو اڃا به آهي ان ڏينهن کان وٺي پاڻي جي تنگي محسوس نه ٿي آهي سو حرامي موٽر به واقعا حرامي آهي الاء ڪٿا ڪٿان پاڻي ڇکي کڻي ايندو آهي مطلب ته ماڻهو ته حرامي عربن جا پر موٽر به حرامي ڌاريا اٿون ها ها ها
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    سائين نثار اهو ته ٻڌايو ته ڀلا اتي فقيرن جو چاڙهو آهي يا نه رمضان ۾ ته يقينن ڍو هوندا پر مان عام ڏينهن جي ڳاله ٿو ڪيان جي فقيرن جو چاڙهو هجي ته مان ئي فقير به اچون حرم جي دروازي تي ويهي رهندا سي الله مالڪ آهي سائين اوهان ٻڌايو ته اسان جاپان جو پروگرام ڪنسل ٿا ڪيون
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور

    خوب بني گي جب مل بيٺي گين ديواني دو آپ مين اور ...........................

    asul mattasul mattasul matt


    hall charihall charihall charihall charihall chari



    sindhsalamatsaathsal
     
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ادا علي علي ؛
    يار وارو ڪر، رمضان اچڻ وارو آهي ... هونءَ ته حرم جي ٻاهران مصرين جو قبضو هوندو آهي پر جي هاڻ اچي قبضو ڪري ويهي رهبو ته ٻيڙا پار، پنهنجو سنڌي فقيراڻو ويڳ پائي نه اچجو لڪائي کڻي اچجو، يا وري هت ڪو پراڻو جبو ملي ويندو ۽ ها ڪو بسترو به پراڻو سراڻو هجي ته کنيو اچجو نه ته خئير آهي هت ئي ڪنهن مصريءَ جو بسترو چورائي وٺبو ...

    باقي جي رمضان مهينو لڳي ويو ۽ عربن سڳورن کي اوهانجي حالت تي رحم اچي ويو ۽ فطرا ۽ زڪواتون ملي ويون ته مهيني گذرڻ کانپوءِ هتان هڪ ٽويوٽا ڪار وٺي ويندا ۽ وڃي مزا ماڻيندا ...

    اسانجو دعائون اوهان سان گڏ آهن ...
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سعودي عرب جي ويزا ؟

    سنڌ سلامت جي ڪجهه دوستن سعودي عرب جي ويزا وٺڻ بابت ڪجهه سوال ڪيا آهن، انهن دوستن کي عرض آهي ته هو هي ليک ضرور پڙهن، ڇاڪاڻ ته ويزا وٺڻ وقت يا ڳولهڻ وقت ڪهڙا احتياط ڪجن ته جيئن هروڀرو جي تڪليف ۽ نقصان کان بچي سگهجي۔

    دعائن ۾ گڏ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    يار خليج ملڪن يا وري اوڀر ڏي ڪجهه اهڙن ملڪن جتي ڪمائي جا موچارا آسرا آهن ته ننڍي کنڊ جي ماڻهن جو مارو به گهڻو آهي۔ ۽ هتي جا عمومي ٺڳ ايجنٽ ته لاهه ڪڍيو ڇڏين۔ اوهان جي تحرير ۾ هر قسم جي ويزا لاءِ احتياط ۾ اهو چيو ويو آهي ته ايجنٽ صحيح هجي۔ اسان جا سٻاجهڙا ماڻهو ٻه پئسا بچائڻ جي چڪر ۾ وڃي اهڙن ايجنٽن سان ڦاسن جو وڃي ٿيا ست خير۔
    اپريل 2011 جي ڳالهه آهي، منهنجي پُڦاٽ (۽ ڀيڻيويو به) عمري لاءِ سنبريا۔ وڏين ڏاڙهين رکيل منافق ايجنت جي ور چڙهيا۔ جنهن پئسا وٺي ٽي مهينا ته آسرا ڏنا۔ نيٺ جڏهن پڪ ڏنائين۔ پُڦاٽ سيڪريٽريٽ جي ايجيڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ سيڪريٽري کي ايڪس پاڪستان موڪل لاءِ درخواست ڏني۔ ڇو جو هو گورنمنٽ هاءِ اسڪول ۾ ڪلارڪ آهي۔ موڪل ته ملي وئي پر هُتان ايجنٽ جا اڃان به آسرا۔ تان جو وڃي موڪل ختم ٿيڻ ۾ هڪ ڏينهن بچيو۔ ايجنٽ کي ٻڌايوسون ته هُن چيو اچو اڄ رات اوهان جي فلائيٽ آهي۔ ادي وارا ويچارا ڳوٺان اچي پُهتا۔ فون ڪئي ته خبر پئي ٽڪيٽ ناهي ٿي ڪوشش ۾ آهيون۔ سڄي رات ڪشمڪش ۾ گذري۔ صبح چار بجي چيائون اچو ٽڪيٽ کڻي وڃو۔ ٽڪيٽ ملي ته خبر پئي مهيني جي پيڪيج جو آسرو ڏيئي 14 ڏينهن جي رٽرن ٽڪيٽ سو به بنا هوٽل جي۔ (نه ته پيڪيج ۾ هوٽل ۽ مهينو رهائش هئي) ٽڪيٽ به ايئن جو هتان ايمريٽس ۾ دبئي، پوءِ بحرين هُتان وري گلف ايئر ۾ جده۔ ٽي ڪلاڪ جو سفر 18 ڪلاڪ ۾۔ انهي کان پهرين ايمگريشن وارن اڪيس پاڪستان ليو ۾ صرف هڪ ڏينهن بچيل هُجڻ تي جيڪا ڪئي سا الڳ۔ هُتي وڃي خبر پئي ته گلف ايئر واري ٽڪيٽ واڌ يا تبديل ٿيڻ جوڳي به ناهي۔ نيٺ هنن ايمريٽس وارا ٽڪيٽ اڳتي وڌرايا ۽ گلف واري فلائيٽ ڇڏي سعودي ايئر لائين جي 15 ڏينهن کان پوءِ جي ٽڪيٽ ورتي۔
    انهي ايجنٽ جي چڪر ۾ هنن 10 هزار جو فائدو وٺڻ جي چڪر ۾ پريشاني ۽ 14000 جي چٽي ڀري، جڏهن ته عثمانيه ٽريول ايجنٽ وٽ ڪم ڪندڙ منهنجي سعودي عرب واري زماني کان دوست کان پُڇيم ته چئي اهي ايجنٽ ڪندا ئي اهو آهن۔ هو سٺ هزار ۾ مهيني جو آسرو ڏيئي خوار ڪندا آهن جڏهن ته اسان وري 70 هزار ۾ 18 ڏينهن سعودي ايئر لائين ڏيون ٿا۔ ۽ انهي ۾ ڪا به ٻي ڳالهه ناهي ٿيندي هاڻي عام ماڻهو ته هن پيڪيج ڏي نه ويندو نه۔ جيستائين اصل حقيقت جي خبر پئي۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    سائين نثار ابڙو ۽ ٻين دوستن جي مهرباني جن جي هن معلوماتي ليک جي ڪري اسان جي ڄاڻ ۾ اضافو ٿيو۔۔۔
    مان به اڃان پنهنجي نوڪريءَ جي شروعاتي عرصي مان گذري رهيو آهيان، انشاءَ الله سال کان تجربو مٿي ٿيڻ تي (جيڪو هينئر ٿيڻ وارو پڻ آهي) تي سعودي يا وري دبئي ڏانهن ڪوشش ڪبي، پر اوهان جي ڳالهه وانگر ڪو اسپانسر ڳولڻو پوندو۔۔
    نوڪرين جي سلسلي ۾ هينئر ڪيترين ئي ويب سائيٽن جي وزٽ ۽ ڳولا ڪري رهيو آهيان اميد ته الله پاڪ سڻائي ڪندو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هڪ اهم ۽ قيمتي ليک ٻيهر پڙهڻ لاء مليو ۔۔۔۔۔ لک ٿورا

    سائين نثار هن دفعي گهڻا دوست تيار آهن، اوهان اچو ته انهن سان تفصيلي ڪچهري ڪرائبي، باقي مرتضٰ جون ڳالهيون ته اوهان ٻڌيون۔ جيڪو اڃان ويزا جو سوچي رهيو هو ته ويهه پنجويهه پوڙها ۽ پوڙهيون اڳ ۾ ئي کيس پارت ڪري رهيا آهن ته اتي وڃي، اسان کي عمري لاء ضرور گهرائجان ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هاهاهاها
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    سائين نثارابڙو صاحب هڪ قيمتي ونڊ ڪيو اٿو سعودي جي ويزا لاء کوڙ سارا سنڌي ايجنٽن جي هٿا لٽيو وڃن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پنجابي صرف پنجابين کي ئي گهرائيندا هوندا پر شايد ڪو سنڌي هجي جيڪو سنڌي هجڻ جي ڪري سنڌين کي گهرائي۔
    باقي سليمان وساڻ جي ڳالهه درست آهي ته مرتضي! اڃان وڃڻ جو سوچي پيو ته عمري ء دعائن لاء درخواستون اچڻ شروع ٿي ويون آحن

    تمام معلوماتي ونڊ
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو