نثارابڙو
نائب منتظم
سعودي عرب جي ويزا جي طلب رکندڙن لاءِ هدايت نامو؛

سعودي عرب ڏانهن اچڻ لاءِ هيٺين قسمن جون ويزائون آهن ...
1. عمري واري ويزا
2. گهمڻ واري ويزا
3. حج ويزا
4. ڪاروباري ويزا
5. ڪم واري ويزا
عمري واري ويزا؛
هيءَ ويزا، پنهنجي ملڪ جي ٽريول ايجنٽ جي معرفت حاصل ڪري سگهجي ٿي جا تقريبن 30 ڏينهن جي هوندي آهي ... هن ۾ اوهان ڪنهن سٺي ٽريول ايجنٽ کان پورو پورو پيڪيج وٺي ايندا ته اوهانکي فائدو به ٿيندو ۽ ڪيترين ئي مشڪلاتن کان ڇوٽڪارو ملي ويندو ... باقي جي ڪو سڳو مٽ مائٽ جو اوهانجي رهائش ۽ کاڌي پيتي، گهمڻ ڦرڻ جو بندوبست ۽ خرچ برداشت ڪري سگهي ته پوءِ بيشڪ پيڪيج نه هجي ...
احتياط؛
ٽريول ايجنٽ، سٺو ۽ مشهور هجي ۽ چڱيءَ طرح ڳالهه ٻولهه ڪري پيڪيج جي پڪ ڪجي ... پئسو ڀل ٻه چار هزار مٿي لڳي پر جيئن ته ٽريول ايجنٽ سٺو هوندو ته اوهانکي تڪليف نه ٿيندي ... ورنه ڪيتريون ئي مشڪلاتون پيش اچن ٿيون ۽ ڪيترن ماڻهن جا ته ضروري ڪاغذ پٽ به گم ٿيو وڃن ...
گهمڻ واري ويزا؛
هيءَ ويزا سعودي عرب جو پاسپورٽ وارو کاتو ڏيندو آهي ... سعودي عرب ۾ رهندڙ ڪو اهڙو شخص جنهنجو رتبو هجي ۽ ڪنهن سٺي نوڪريءَ تي هجي يا سندس رهائش واري ڪارڊ تي سندس ڪم ڪو آفيسر وارو هوندس ته پوءِ درخواست ڏيندو ته ويزا ملي ويندس، ويزا به تمام ويجهن رشتيدارن جنهن ۾ ماءَ پيءَ، ڀيڻ ڀاءُ، ڌيءَ پٽ يا زال هجي ته ويزا ملي ويندي آهي ... انهن ۾ به عورتن جي جلدي ۽ مڙدن جي سوچي سمجهي ڏيندا آهن .... هن ۾ به وري پوڙهن جي ويزا جلد جوانن جي سوچي سمجهي ڏيندا آهن ....
احتياطـ؛
سفر دوارن ڪاغذ پٽ ۽ قيمتي سامان ۽ پئسه وغيره سنڀالي رکجن، پنهجي طبيعت آهر پنهجو علاج گڏ هجي ...
حج واري ويزا؛
هيءَ ويزا به ملڪي ايجنٽ يا ملڪي قانون مطابق ملندي آهي ... هن ۾ به ايجنٽ سٺو هوندو ته سهولتون سٺيون ۽ جي ايجنٽ خراب ته مصيبت ئي مصيبت ... ويچارن حاجين کي روئيندي ڏٺو آهي ... ايتري جذبي سان ايندا آهن خراب ايجنٽن ڪري ڪجهه ئي ڏينهن ۾ دعائون گهرندا آهن ته سلامت گهر پهچن ...
احتياط؛
سفر دوارن ڪاغذ پٽ ۽ قيمتي سامان ۽ پئسه وغيره سنڀالي رکجن، پنهجي طبيعت آهر پنهجو علاج گڏ هجي ... حڪومتي ويزا يا ايجنٽ ذريعي ويزا وٺڻ کانپوءِ پيڪيج سٺو وٺجي... حج جون سموريون هدايتون اڳواٽ پڙهي اچجن ۽ حج معلومات هجي ته جيئن عبادتن ۽ زيارتن ڪرڻ ۾ تڪليف نه ٿئي ...
ڪاروباري ويزا؛
هيءَ ويزا پڻ سعودي عرب جو پاسپورٽ کاتو ڏيندو آهي ... هتان جي ڪا رجسٽرڊڪمپني يا ڪو کاتو ڪنهن ماڻهونءِ جي ويزا لاءِ درخواست ڏيندو آهي ته ويزا ملي ويندي آهي ...
احتياطـ؛
سفر دوارن ڪاغذ پٽ ۽ قيمتي سامان ۽ پئسه وغيره سنڀالي رکجن، پنهجي طبيعت آهر پنهجو علاج گڏ هجي ...
ڪم واري ويزا؛
هيءَ ويزا پڻ هتان جو پاسپورٽ کاتو ڏيندو آهي، ڪا رجسٽرڊ ڪمپني، کاتو يا قومي سرمائيدار، ڪنهن خاص ڪم لاءِ ڪن خاص ملڪن لاءِ درخواست ڏيندو آهي ته کيس ويزائون ملي وينديون آهي ...
اسان جهڙن ملڪن ۾ اها ويزا ڪيترن ئي قسمن ۾ تبديل ٿي ويندي آهي ...
ڪمپنيءَ جي ويزا؛
1. وڏيون ڪمپنيون ويزائون ڪڍرائي، مختلف ملڪن ڏانهن اڳي کان طئه ٿيل سٺن ايجنٽن ڏانهن اماڻينديون آهن ۽ ممڪن حد تائين پنهنجو ڪو ماڻهون پڻ موڪلينديون آهن ته گهربل ڪم جا ڄاڻو ماڻهون ڀرتي ڪري اچجن ...
2. اها ويزا بلڪل مفت هوندي آهي ... صرف ڪجه ايجنٽ جو خرچ پکو هوندو آهي يا وري ڪجه ڪاغذ پٽ ٺهرائڻا هوندا آهن ۽ ... سٺي ايجنٽ جي ذريعي ڪم ٿيڻ سان ڪو ويهارو ٽيهارو هزار مس خرچ ٿيندو آهي ... باقي ڪجه لالچي ايجنٽ ممڪن آهي ته پنجاهيءَ تائين خرچ ڪرائي ڇڏيندا هجن ...
3. اهي ڪم واريون ويزائون 90 سيڪڙو پنجاب ڏانهن ۽ 10 سيڪڙو ڪراچيءَ ڏانهن وڃن ٿيون ... پنجاب ڏانهن گهڻو انڪري جو 90 سيڪڙو ايجنٽ ۽ هت ڪمپنين ۾ ڪم ڪرڻ وارا وڏا آفيسر پنجابي آهن ۽ پنجاب جو ماڻهون ڪم جي گهربل ڄاڻ پڻ رکندڙ هوندو آهي ... سو ڪمپنيون گهڻو ڪري پنجاب جي ماڻهونءَ کي پسند ڪن ٿيون ... وغيره وغيره
4. هنن مان تمام ٿورن ايجنٽن جون آفيسون ڪراچيءَ ۾ پڻ آهن ...
آزاد ويزا؛
جيتوڻيڪ ڪا به ويزا آزاد نه هوندي آهي پر تنهن هوندي به هن ويزا کي آزاد ويزا انڪري چئبو آهي ته هن ۾ اچڻ وارو ويزا جي چڱي خاصي قيمت ڏئي ايندو آهي ۽ کيس اهو چيو ويندو آهي ته هو سعودي پهچڻ کانپوءِ پنهنجي مرضيءَ جي نوڪري ڪري سگهي ٿو ... جا حقيقت به هوندي آهي ... پر هن ويزا جي حقيقت ڪجهه هينئن پڻ آهي ؛
1. ڪا به ويزا آزاد نه هوندي آهي ... هر ويزا جو مالڪ (قفيل Sponsor) سعودي هوندو آهي ...
2. سعودي ويزا ڪڍرائي ايجنٽ يا ڪنهن هت رهندڙ ماڻهونءَ کي کپائي ڏيندو آهي ...
3. ايجنٽ يا اهو هت رهندڙ ماڻهون اها ويزا، ايڏانهن پاڪستان ۾ کپائيندو آهي ... اڄڪلهه هت ويزا جي قيمت تقريبن ڪجهه گهٽ وڌ ڪري پنجن ستن کان شروع ٿي ڏهاڪو ۽ واڌو هزار ريال آهي ... عرب جي چڱ مڙسيءَ تي آهي ته هو ڪيترو لالچي آهي ...
4. پاڪستان ۾ ايجنٽُ اها ويزا ڪيتري ۾ وڪڻي ٿو ... اها سندس مرضي آهي ۽ اهو به سندس چڱ مڙسيءَ تي آهي ته هو ڪيترو لالچي آهي ...
5. ويزا خريد ڪرڻ واري کي هيٺيان خرچ ڀرڻا هوندا آهن؛
أ. ويزا جي قيمت
ب. ضروري ڪاغذات جو خرچ
ت. ٽڪيٽ جو خرچ
ث. سفري خرچ
ج. سعوديءَ ۾ پهچڻ کانپوءِ طبي معائني جو خرچ
ح. رهائش واري (اقامه) ڪارڊ ٺهرائڻ جو خرچ
خ. هت اچي ڪم ڳولهڻ کانپوءِ مالڪ (قفيل) بدلا ئڻ وارو خرچ ( ۽ جي مالڪ ڪنجوس ۽ لالچي آهي ته ممڪن هو ان مالڪ بدلائڻ واري عمل جا پئسا به گهري سگهي ٿو ... ڪيترا .... ؟)
احتياط؛
اهڙي قسم جي ويزا ۾ تمام گهڻا مسئلا هوندا آهن،
1. ايجنٽ يا سعودي پاڻ حرامي (عربيءَ ۾ حرامي، چور کي چوندا آهن) هوندا آهن ... ويزا نه به هوندي اٿن پر ويزا جي هجڻ جو ڍونگ ڪندا آهن ... پئسا وٺي يا ته غائب ٿي ويندا آهن يا مسلسل واعدا ڪندا رهندا آهن ... انڪري اهڙي ماڻهونءِ سان ڏي وٺ ڪجي جنهنکي وقت سر پڪڙي سگهجي يا وري پئسا موٽائي سگهجن وغيره وغيره ..
2. پئسن ڏيڻ وارو مجبور ويچارو ڪجهه ڪري به نه ٿو سگهي جو اهڙي لين دين آهي ئي غير قانوني ... سو نه ڏيڻ وارو ذميوار نه وٺڻ وارو ... جي ويزا ملي ته ٺيڪ نه ته ويا پئسا پاڻيءَ ۾ ...
3. اهڙي ويزا وٺڻ وارو جڏهن هت پهچندو آهي ته کيس ڪم ڳولهڻو پاڻ کي اٿس، جي ڪو مائٽ مٽ آهي ته ٺيڪ ۽ جي پويان ڪجهه پئسي وارو آهي ته ٺيڪ ۽ جي نه ته ماڻهون پريشان ٿي سگهي ٿو جو نوڪري ملڻ ايترو آسان به نه آهي ۽ جي ڪنهن ڪم جي ڄاڻ اٿس ته ٺيڪ جي نه ته پوءِ مرضيءَ جي نوڪري ملڻ پڻ مشڪل ٿيو پوي ... باقي محنت مزدوري ته ڪٿي نه ڪٿي مليو ئي وڃي ...
4. پريشاني ته ڪانه ڪا هوندي آهي پوءِ ڪٿي گهڻي يا ڪٿي ٿوري ...
مطلب ته دوستن، عزيزن آڏو هي ڳالهيون انڪري رکانٿو ته جيئن هيڏانهن سعوديءَ جو ارادي ڪرڻ وارا ڪجه احتياط ڪري سگهن ... باقي دنيا ته هلي پئي ۽ معاملا ٿين پيا انڪري دل برداشته ٿين جي ضرورت ناهي بس ... ڪري ڪرڻ هر حال ۾ بهتر هوندو آهي ...
والسلام
نثار ابڙو
مڪو پاڪ